ترميمي پوليس آرڊر 2002 کي اڄ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو

سنڌ حڪومت پاران آندل ترميمي پوليس آرڊر 2002 کي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل پاران ڪجهه تبديلي بعد، اڄ وري سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪالهوڪي ڪابينا جي اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته گورنر سنڌ چيو آهي ته پوليس آرڊر 2002 کي ان طرح سان لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن صوبي جي پوليس خود مختيار ۽ آزاد رهي ڪم ڪري سگهي. جنهن بعد ڪابينا بل ۾ ڪجهه ننڍيون تبديليون ڪيون آهن. هن ايڪٽ کانپوءِ آءِ جي صوبي اندر ڊسٽرڪٽ ۽ ڊي آءِ جي وارين پوسٽن تي مقرريون ۽ تبادلا وڏي وزير سان مشوري بعد ڪندو. واضح رهي ته اڄ اسيمبلي مان ايڪٽ کي منظوري ملڻ بعد ان کي صوبي اندر لاڳو ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *