رمضان المبارڪ رحمتن، برڪتن ۽ مغفرت جو مهينو آهي. هي اهو پاڪ مهينو آهي جنهن ۾ دلين کي سڪون، روح کي پاڪيزگي ۽ زندگين کي نئون رخ ملي ٿو. هن مهيني ۾ صبر، شڪر، عبادت ۽ انسانيت کي پنهنجو شعار بڻائڻ گهرجي. ڇو ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي هن مهيني جا روزا رکڻ، قرآن سان ناتو مضبوط ڪرڻ ۽ نيڪ عملن ۾ اڳتي وڌڻ جو تاڪيد ڪيو آهي. هي هڪ مقدس مهينو آهي جڏهن مسلمان روزا رکي، پنهنجي انا تي ضابطو رکي ۽ غريبن ۽ ضرورتمندن جو خيال رکي. هن مهيني ۾ مسلمان الله تعاليٰ جي رضا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، پر بدقسمتي سان، هر سال اسان جي سماج ۾ رمضان المبارڪ جي آمد سان گڏ، مهانگائي جو طوفان به تيزيءَ سان ايندو آهي، جيڪو غريبن جي مشڪلاتن کي ويتر وڌائي ڇڏيندو آهي. جيئن جيئن ماھ مبارڪ رمضان ويجهو ايندو آهي ته مارڪيٽن ۾ کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳنديون آهن. اٽو، کنڊ، گيهه، داليون، چانور، ميوا ۽ ڀاڄيون سڀ مهانگيون ٿي وينديون آهن. عام ڏينهن ۾ ڪجهه حد تائين سستي ٿيندڙ شيون رمضان المبارڪ ۾ غريبن جي پهچ کان ٻاهر ٿي وينديون آهن. ائين لڳندو آهي ته هي پاڪ مهينو عبادت جي بدران آزمائشن ۽ مصيبتن جو پيغام کڻي ايندو آهي. روزو صرف اميرن تي نه، پر هر بالغ مسلمان مرد توڙي عورت تي فرض آهي، سواءِ ان جي جيڪو بيمار هجي ۽ روزو رکڻ سان کيس تڪليف وڌي ان کي روزو رکڻ کان منع ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن هڪ روزاني مزدوري ڪندڙ کي ٻه وقت جي ماني نه ملي ته هو سحري ۽ افطار جو انتظام ڪيئن ڪري سگهندو؟ جيڪي سڄو سال مشڪل سان گذاريندا آهن، انهن لاءِ ماھ رمضان ۾ روزمره جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي. ٻئي طرف روزي جي عبادت، خالي کيسي وارو، هي منظر اسان جي سماج جو هڪ تلخ عڪس آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪجهه واپاري هن پاڪ مهيني کي منافعو ڪمائڻ جو موقعو سمجهن ٿا. اهي شين جو ذخيرو ڪن ٿا ۽ مصنوعي قلت پيدا ڪري پنهنجي مسلمان ڀائرن کي ايذائن ٿا ۽ کاڌي پيتي جون قيمتون وڌي وڃن ٿيون. هي منافعي خور رويو نه رڳو غير اخلاقي آهي، پر اهو اسلامي تعليمات جي مڪمل خلاف پڻ آهي. رمضان المبارڪ صبر، رحم ۽ قرباني جو درس ڏئي ٿو، پر اسان جي بازارن ۾، ان جي برعڪس، خود غرضي ۽ لالچ غالب اچي وڃي ٿي.