گرفتار پائليٽ جي واپسي لاءِ ڀارت درخواست ڏيئي ڇڏي
ڀارت پاڪستان کان ڀارتي ايئرفورس جي پائليٽ اڀي نندن جي ترت واپسي جي درخواست ڪري ڇڏي. ڀارتي خابرو ادارن مطابق پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان انڊين ايئرفورس جي تباهه ٿيل مگ-21 جي پائليٽ کي ترت آزاد ڪري ۽ حفاظت سان هن جي وطن واپسي کي يقيني بڻائي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته گرفتار پائليٽ جون تصويرون ۽ وڊيو جاري ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ پائليٽ جي شناخت اڀي نندن ٻڌائي وئي آهي ۽ هن جو سروس نمبر 27981 ٻڌايو ويو آهي.

