ڪابينا ڊويزن تحت پاڪستان سائيبر ايمرجنسي ريسپانس ٽيم 5 مارچ 2025 تي هڪ ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ليوما اسٽيلر نالي هڪ وائرس لاگ ان، برائوزر انفارميشن ۽ ڪرپٽو ڪرنسي والٽ جي ڊيٽا چوري ڪري سگهي ٿو. وائرس ذريعي چوري ٿيل معلومات ۽ ڊيٽا کي بينڪنگ فورمن ۾ بين الاقوامي سطح تي وڪرو ڪري سگهجي ٿو. ايڊوائزري مطابق حملو ڪندڙ سرچ انجڻ ۾ ڦير ڦار ڪري نقصان ڏيندڙ پي ڊي ايف ڊائون لوڊ ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا، پي ڊي ايف فائلن ۾ دوکيبازي تي ٻڌل بوٽ ڊيٽيڪشن سسٽم جي تصويرن کي شامل ڪيو ويندو آهي، تصويرن تي ڪلڪ ڪرڻ سان صارف فشنگ ويب سائيٽن تي هليو ويندو آهي، اهي ويب سائيٽون مالي معلومات چوري يا سسٽم کي هڪ وائرس ذريعي متاثر ڪري سگهن ٿيون.
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جتي انساني زندگين کي ڏاڍي مثبت طور تي تبديل ڪري ڪيتريون ئي سهولتون ۽ نعمتون گهر ويٺي پهچائي رهي آهي ته ساڳئي ئي وقت اهي سڀ شيون انسانن جي لاءِ گهر ويٺي هڪ شديد خطري واري صورتحال به کڻي آيون آهن. ايئن لڳي رهيو آهي ته هاڻي ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ ڀتين هوندي، ڇت هوندي به ڄڻ ٻاهر چوراهي تي ويٺل هجي. اسان جي 24 ڪلاڪ نگراني ٿي رهي آهي، اسان جا ٽيليفون يا سوشل اڪائونٽ محفوظ نه آهن ۽ نه ئي اسان جا بينڪ اڪائونٽ محفوظ آهن. ڇو ته جتي رياستون ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري رهيون آهن ته اتي ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل ڪارو ڌنڌو ڪرڻ وارا ماڻهو ان جو غلط استعمال ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کان سندن اڪائونٽن مان پيل رقم ڪڍرائي پنهنجي ڪاري ڌنڌي کي وڌائين ٿا. هاڻي ايئن چئي سگهجي ٿو ته اهي فرد باقائده هڪڙي ڪاروباري دنيا بڻجي ويا آهن. جڏهن ڪمپيوٽر آيو هو ته ان وقت شروع شروع ۾ ڪمپيوٽر ۾ وائرس اچڻ جو نقصان صرف ڪنهن هڪ فرد کي سندس تمام معمولي ڊيٽا کي وڃائڻ جي صورت ۾ ڀوڳڻو پوندو هو يا سافٽ ويئر ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو هو، پر هن وقت جتي ٽيڪنالاجي جي ترقي ڏينهن رات انتهائن کي پهچي رهي آهي، اتي وائرس ٺاهڻ واري ڪاري انڊسٽري به گڏوگڏ وڌي ويجهي رهي آهي، جيڪا هڪ خطرناڪ صورتحال آهي. اها صورتحال نه صرف فردن جي لاءِ پر رياستن جي لاءِ به خطرو بڻيل آهي. ان بليڪ اڪاناميءَ ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو ٻين ماڻهن جي معلومات چورائي وٺندا آهن ۽ اها چوري ايتري ته آرام سان ڪري وٺندا آهن جو ڦرجڻ واري کي ان جو پتو ئي نه پوندو آهي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسان جهڙي ملڪ ۾ جتي اڃان ماڻهو ان ٽيڪنالاجي کان مڪمل طور تي واقف نه آهن، پر ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هر ماڻهو ان ٽيڪنالاجي سان سلهاڙجي ان جو استعمال ڪندي نظر اچي ٿو. ماڻهن جا بينڪن ۾ اڪائونٽ آهن انهن جي لاءِ آن لائين بينڪن جو استعمال ٿئي ٿو، ان کانسواءِ ماڻهو پنهنجي ڊيبٽ ڪارڊ جو به استعمال ڪن ٿا، جيڪو کين هر وقت خطري جو شڪار بڻائي ٿو. ان قسم جا بين الاقوامي گروهه ڊارڪ ويب جي ذريعي ڪم ڪن ٿا ۽ اهي سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن ۽ سڄي دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪيڏي مهل به سندس قيمتي سرمائي کان محروم ڪري سگهن ٿا. هن وقت سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته اسان مان هر ماڻهوءَ جون فنگر پرنٽس به فون جي ذريعي ڊيٽا ۾ شامل ٿين ٿيون، اسان جي دستخط به ڊيٽا ۾ اچي وڃي ٿي، اسان جو آواز، اسان جي تصوير هر شيءِ اسان جي ڊيٽا بڻجي آرٽيفيشل انٽيليجنس ۾ منتقل ٿي رهي آهي، جيڪا هڪ انتهائي خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري رهي آهي. ان صورتحال جو مقابلو يقينن ڪو فرد اڪيلي سر نٿو ڪري سگهي.
ان سڄي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ يقينن رياستن کي پنهنجي پنهنجي سر حفاظتي قدم کڻڻا پوندا ۽ انهن کي اهڙا سافٽ ويئر ٺاهڻا پوندا جنهن سان پنهنجي ملڪ جي اندر هلندڙ آءِ ٽي واري نظام کي محفوظ بڻائي سگهجي. اسان جي حڪومت کي سائيبر سيڪيورٽي ايجوڪيشن ٽريننگ تي تمام گهڻو خرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي. يونيورسٽين ۾ ان مضمون کي پڙهائڻ ۽ ان جي باري ۾ وڌيڪ ڪورسن ڪرائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان جي ملڪ ۾ اهڙا نوجوان هيومن ريسورس جي صورت ۾ پيدا ٿي سگهن جيڪي پنهنجي ملڪ جي سائيبر سيڪيورٽيءَ لاءِ سٺا سافٽ ويئر ٺاهي سگهن. ان کان علاوه هر فرد کي سائيبر ڪرائيم جي باري ۾ آگاهي ڏيڻ به حڪومت جو ڪم آهي. ڇو ته جيستائين عوام کي آگاهي نه هوندي ته هو جلد ئي ڪنهن جي هٿان بيوقوف ٿي ڦرجي سگهي ٿو. ان کان علاوه اسان کي ٽيڪنالاجي جي مدد سان ئي ان ڊارڪ ٽيڪنالاجي جي جنگ ۾ مقابلي ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وقت اسان کي غير ضروري مضمون پڙهائڻ جي جاءِ تي اهي مضمون پڙهائڻ گهرجن جن سان اسان پنهنجي ملڪ کي، پنهنجن اثاثن کي، پنهنجي معلومات کي محفوظ ڪري سگهون. هن وقت سڄي دنيا ۾ سائيبر ورلڊ جي اندر هڪ خاموش جنگ جاري آهي، اڻ ڏٺل فوجي دستا اهڙن هٿيارن سان وڙهي رهيا آهن جن جي شايد اسان کي اڃان تائين واقفيت ئي نه آهي. سائيبر ڪرمنلز پنهنجن هٿيارن سان ملڪن ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن جيڪو معاشري ۾ قانوني طور تي هڪ وڏو ڏوهه تصور ڪيو وڃي ٿو، پر اهي ڏوهاري ڪنهن جي پڪڙ ۾ نٿا اچي سگهن، ڇو جو هن وقت سڀني ملڪن جون سرحدون ڊجيٽل دنيا جي حساب سان ختم ٿي چڪيون آهن، توهان جي گهرن جو ديوارون ديوارن نه رهيون آهن. پاڻ هن وقت هڪ اهڙي دنيا ۾ زنده آهيون جيڪا بلڪل کليل آهي، جنهن ۾ پاڻ کي ڏينهن رات مانيٽر ڪيو پيو وڃي ۽ پاڻ مٿان حملو ڪرڻ ۽ پنهنجن اثاثن کي ڦرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي. اهڙي وقت سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ صرف ان تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سان يا سفارشن سان حل ڪونه نڪرندو بلڪه ان جي لاءِ ٺوس ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ٺوس ڪم تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان وٽ ان جي لاءِ سگهاري تعليم جو بندوبست ڪري هيومن ريسورس پيدا ڪيو ويندو.