جواب: ائين سمجھو مون ٻارن لاءِ جيڪو ڪجهه لکيو آھي اھو اٽي ۾ لوڻ برابر آھي، پر مون ٻارن لاءِ ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعري لکي آھي جن جا ڪتاب به ڇپيل آھن، جن ۾ ٻارڙن جي عدالت، واهه ڙي تارا گول تارا، پئسو لڌم پٽ تان، سنڌي ٻاراڻي شاعري جي اينٿالاجي، ٻاراڻي شاعري ۾ ٻولي جو استعمال عالمن جو سج، اسيمبلي جو راڳ، چونڊي ڪڻو ڪڻو، اکرن منجهه آواز سميت ڪافي ڪتاب شامل آھن، پر ھاڻي ھن جديد ۽ ٽيڪنالاجي جي دور جي حساب سان ٻارن لاءِ ھڪ ڪتاب لکي رھيو آھيان. جديد دور جا جديد ٻار. ان کان علاوه ٻاراڻي ادب ۾ ٻارن لاءِ ڪھاڻين جي اينٿالاجي تي ڪم ڪري رھيو آھيان جيڪو ڪم به ٻاراڻي شاعري جي اينٿالاجي وانگر ٻاراڻي ادب جو منفرد ڪم ھوندو.
سوال: اوهان جي دور ۾ ڪهڙا اديب ٻارن لاءِ سٺو لکندا هئا؟
جواب: اسان جو دور ڪو گھڻو پراڻو ڪونهي ويهه پنجويهه سال ٿيندا انهيءَ وچ ۾ ادل سومرو، الطاف شيخ، اياز گل، مختيار ملڪ، اياز پاٽولي، نصير مرزا، اسرار شام، آصف مٺياڻوي، امداد حسيني، خليل عارف سومرو، مقصود گل، مختيار گهمرو، ڊاڪٽر ظفر عباسي، ناز سنائي اهي اهڙا نالا آهن جن اسان کان اڳ ٻاراڻو ادب خوب لکيو ۽ اسان جي دوران به انهن پئي لکيو آھي ان ڪري اسان کي انهن جا سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ ڪيل ڪم جي حوالي سان وسرڻ جهڙا نه آهن. ڇو ته اهي اڳي به لکندا هئا. لکندا آيا ۽ لکي رهيا آھن، ان ڪري اهي هر دور جا ليکڪ آهن باقي جن منهنجي اچڻ کانپوءِ لکيو يا مون سان گڏ لکڻ شروع ڪيو انهن ۾ مشتاق بخاري، اسحاق سميجو، ملهار سنڌي، جاني اسحاق ملاح، عبدالحميد آس ٻٻر، غلام محمد ڀٽي، غلام محمد غازي، واحد پارس هيسباڻي، قربان منگي، علي محمد درد سولنگي، شگفته شاهه، محمود مغل، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا آهن، جن ٻارڙن جي ادب ۾ لکي پاڻ ملهايو آهي، انهن نالن مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته هو هميشه ٻارن لاءِ لکندا رهندا.
سوال: ٻارن لاءِ شاعري وڌيڪ ڪارائتي آهي يا نثر؟
جواب: اڄ جي شاعري جيڪا ٿئي پئي اها ٻارن لاءِ ڪارائتي ثابت نٿي ٿي سگهي، نه ئي وري ٻار کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي. شاعري اها هجي جيڪا پڙهڻ سان بر زباني ياد ٿي وڃي ۽ من ۾ بيهي وڃي. جيئن اسان پرائمري ۾ جهو جهو ماٽي لسي پنهنجي گهاٽي، مٺڙا گھوڙا اوري آءُ، خوب خوشي سان داڻو کاءُ يا آءُ ته لاٽوئڙو ڦيرايون اسان پڙهيا اهي اڄ به بر زباني ياد آهن، پر اڄ جي شاعري ٻار کي پاڻ ڏانهن متوجهه به ڪونه ٿي ڪري، پر ٻار کي جيڪا ڳالهه ماڻھو نثر ۾ سمجهائي سگهي ٿو اها شاعري ۾ نٿو سمجهائي سگهي. پوءِ به مان ٻنهي کي هڪ جيتري اهميت ڏيان ٿو.
سوال: ٻين ٻولين جي ٻاراڻي ادب ۾ ۽ اسان جي ٻاراڻي ادب ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ريڊيو ٽي وي تي جيڪي ٻارن جا پروگرام ڏيکاريا يا نشر ڪيا وڃن ٿا اهي معياري هوندا آهن يا نه؟
جواب: هي سائنسي دور آهي، پر اسان جو ٻاراڻو ادب اڃان جنن، پرين ۽ پوپٽن وارين آکاڻين ۾ جڪڙيل آهي جيڪو ٻاراڻو ادب سرجي رهيو آهي اهو ان معيار جو ناهي جو اسان سڌريل ملڪن جي ٻاراڻي ادب سان مقابلي ۾ آڻي سگهون. بقول نصير مرزا جي ته ٻاراڻو ادب ڪنھن به ادب جي دل ھوندو آهي، پر اها دل ڪمزور آهي ته اسان ڪهڙي منھن سان انهن ملڪن جي ادب سان ڀيٽي سگهنداسين. ٻيو ته ٺهيو رڳو پنهنجي پاڪستان ۾ ئي ڏسو اردو ادب ۾ ئي معياري ادب آهي پوءِ به مان پنهنجي ٻاراڻي ادب جي پاسداري ڪندي اهوئي چئي سگهان ٿو ته اسان جو ٻاراڻو ادب ڪنهن به ٻاراڻي ادب کان گهٽ ناهي. معياري ته پري رهيو، توهان رڳو ڏسو ته انهن جو ٽائيم ڪيترو آهي 30 يا 40 منٽ، انهيءَ ٽائيم دوران ٻارن کي ڇا ٿو ڏسي سگهجي. ٻين ملڪن ۾ ته ڏسو ٻارن جي لاءِ خاص پروگرام ڪارٽون، مزاحيه، تعليم بابت پروگرام ڏسيا وڃن ٿا ،اسان وٽ رڳو سنڌي ۾ ٻاراڻو ڊرامو به نٿو ڏيکاريو وڃي. ان لاءِ ٽي وي وارن وٽ بجيٽ ئي ڪانهي، اهي ڪهڙا معياري پروگرام ڏئي سگهندا.
سوال: آخر ۾ سنڌ جي ٻارن کي ڪهڙو پيغام ڏيندا؟
جواب: ٻارن کي پنهنجي پڙهائي واري عمر اجاين ڪمن ۽ راندين ۾ نه وڃائڻ گهرجي، پڙهڻ وقت پڙهجي، راند جي وقت راند ڪجي، هر ڪم جو وقت مقرر ڪرڻ گھرجي، جنهن سان ئي سٺو انسان ٿي سگهجي ٿو، جي اهو وقت هٿن مان هليو ويو ته پوءِ پڇتاءُ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، ان ڪري تعليم جي عمر ۾ تعليم کي ھٿ سان نه ڇڏڻ گهرجي. سٺا ٻار سٺن لڇڻن وارا ٿيندا آهن اهي ضرور ان ڳالهه تي عمل ڪندا.