لنڊن جا فليٽ: شريف خاندان خلاف هڪ نئون ريفرنس داخل
قومي احتساب بيورو پاران شريف خاندان خلاف لنڊن فليٽ جي مامري ۾ هڪ وڌيڪ ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي. هن نئين ريفرنس ۾ 7 نوان گواهه شامل آهن، جن مان ٻن گواهن جو تعلق برطانيه سان آهي، انهن جا بيان به قلمند ڪيا ويا آهن. هڪ گواهه جو نالو رابرٽ ريڊلي آهي، جيڪو فرانزڪ ماهر آهي. پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءُ جو هڪ ويجهو مائٽ به گواهن ۾ شامل آهي. هڪ گواهه جو تعلق نجي ٽي وي چئنل سان آهي. جڏهن ته ٻن گواهن جو تعلق نيب سان آهي ان کان علاوه نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ پٽن حسن ۽ حسين نواز جي ٽي. وي جي اٽرويوز کي به ريفرنس ۾ شامل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ 28 جولاءِ تي پاناما ڪيس مقدمي ۾ نواز شريف کي نااهل قرار ڏيندي نيب کي ان خلاف ريفرنس درج ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.