آمريڪا جي فورسن جو ايران جي ميزائيل سسٽم تي سائيبر حملو

پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪا جي سائيبر فورسن ايران جي فوجي ڪمپيوٽر سسٽم تي سائيبر حملو ڪري ان کي ناڪاره بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن حملن جو خاص هدف پاسداران انقلاب هئا، حملي ۾ ان سسٽم کي ناڪارا بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جيڪو راڪيٽ ۽ ميزائيل سسٽم کي آپريٽ ڪندو آهي. آمريڪا جو چوڻ آهي ته هي سائيبر حملا ايران پاران آمريڪا جي ڊرون کي ڪيرائڻ تي تباهه ڪرڻ جي جواب ۾ ڪيو ويو آهي. صدر ٽرمپ جي فوجي ڪاروائي جي حڪم کي واپس وٺڻ بعد هن چونڊ تي عمل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف سيڪيورٽي جي معاملن تي نظر رکندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا جا سائيبر حملا صرف ڊرون ڪيرائڻ جو رد عمل نه آهن، اهي ته گذريل ڪجهه مهينن کان ايران طرفان آمريڪا سان ڪيل سائيبر حملن جو جواب به آهن. تجزيه ڪار جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ ڪشيدگي خطي جي امن لاءِ تمام خطرناڪ ثابت ٿيندي. جنهن کي روڪڻ لاءِ ٻين ملڪن کي وچ ۾ اچڻ گهرجي۔

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *