خاص

وزيراعظم کي استعيفيٰ لاءِ چوويهن ڪلاڪن جو الٽيميٽم، هٿ ٺوڪيو جيتريون به گاريون ڏئي نه بچندو: بلاول

بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان کي 24 ڪلاڪن ۾ استعيفيٰ ڏيڻ جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو آهي. گجرات ۾ عوامي مارچ کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان اوهان عوام جي ووٽن سان نه امپائر جي آڱرکڻڻ سبب اقتدار ۾ آيا آهيو. عمران خان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي بلاول ڀٽو چيو ته هي هاڻ ايترو ڊڄي ويو آهي جو گارين ڏيڻ تي لهي آيو آهي. هن چيو ته عمران خان ۾ ايتري طاقت آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ اسميبليون ٽوڙي ۽ نئين چونڊن ۾ اسان جو مقابلو ڪري. پ پ چيئرمين چيو ته اڃان ته راند شروع ٿي آهي، اسان کي اڳيان وڌڻو آهي. لانگ مارچ جي ڪهاڻي ختم ناهي ٿي. 2 ڏينهن اڃان رهن ٿا اسان اسلام آباد پهچي وينداسين. اسان غير جمهوري حڪومت کي هٽائڻ لاءِ محنت ڪري رهيا آهيون. بلاول چيو ته نديم افضل چن منهنجي وڪيٽ هئي ان کي واپس موٽڻو هو. پيپلز پارٽي جا دروازا ٻين ناراض ساٿين جي لاءِ به کليل آهن. اسان نظرياتي ماڻهو آهيون. اسان کي بهترين سياسي حڪمت عملي سان اڳيان وڌڻو آهي. ان کان اڳ وزيرآباد ۾ ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان جيترو ڊڄندو ان جو لهجو اوترو سخت ٿيندو. پيپلز پارٽي جو هدف وزيراعظم کي هٽائڻ ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي.