سعودي سيڙپڪار چنيوٽ ۽ چاغي ۾ اسٽيل جي فيڪٽري لڳائيندا
حڪومت پاران چيو ويو آهي ته ملڪ جي پهرين ڪچي لوهه جي اسٽيل مل چنيوٽ ۾ قائم ڪئي ويندي جيڪا سعودي سيڙپڪاري لاءِ تجويز ڪيل 4 منصوبن مان هڪ منصوبو آهي. واضح رهي ته پاڪستان معدني وسيلن ۾ اقتصادي تعاون لاءِ سعودي عرب سان مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن. مفاهمتي ياداشت 20 ارب ڊالرن جي معاهدي جو حصو آهي. جنهن ۾ توانائي جي پيداوار، ريفائنريز پيٽرو ڪيميڪل پلانٽ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپ ڪرڻ لاءِ سعودي ولي عهد صحيحون ڪيون آهن. هنن چئن منصوبن مان ٻيو منصوبو بلوچستان ۾ بريٽي ليڊ زنڪ رفائنري قائم ڪرڻ شامل آهي. ٽئين مرحلي ۾ ٿر جو منصوبو شامل آهي. سڀ کان آخر ۾ ضلعي چاغي ۾ سينڊڪ جي مقام تي معدني ذخيرن جي تلاش جو منصوبو آهي.