بلاگنئون

منفرد موسيقار اي آر رحمان

ڪنهن به ڪم ۾ منفرد هجڻ ئي نرالوپڻ آهي. جيئن ئي اُهو ڪم سامهون اچي ته پنهنجي نرالي پڻ سان منفرد هجڻ جو ثبوت ڏي ۽ خبر پئجي وڃي ته هي ڪم ڪنهن جو آهي. دنيا ۾ تمام ٿورا ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي اِن سطح تي پهچندا آهن ته سندن ڪم ئي سندن سڃاڻپ بڻجي پوي. اڄ اسان موسيقيءَ جي هڪ اهڙي نانءَ جو ذڪر ڪنداسين، جيڪو ٻين کان بيحد منفرد آهي. سندس موسيقي، سماعتن تي پوڻ سان ئي خبر پئجي ويندي آهي ته هي موسيقي ڪنهن جي آهي. اُهو نرالو موسيقار اي آر رحمان آهي. جنهن کي ڀارت ۾ ”موزارٽ آف مدراس“ به سڏين ٿا. اِهو لقب کيس مشهور موسيقار وولف گينگ اميڊس موزارٽ سان ڀيٽ طور ڏنو ويو آهي. وائيولن ۽ ڪيبورڊ اُهي ٻئي ساز آهن، جن ۾ موزارٽ به مهارت رکندو هو ۽ انهن ئي سازن ۾ اي آر رحمان به ڄاڻ رکي ٿو.
اي آر رحمان جو مڪمل نالو الله رکا رحمان آهي. جڏهن ته سندس اصل نالو دليپ ڪمار آهي. اي آر رحمان جو جنم ڇهين جنوري، 1966ع تي مدراس ۾ ٿيو. سندس والد آر ڪي شيکر، ملايم انڊسٽري جو وڏو موسيقار هو. اي آر رحمان چئن سالن جي عمر کان ئي پيانو وڄائڻ شروع ڪيو، ڇو ته کيس ماحول ئي موسيقي وارو مليو. اي آر رحمان جو والد ان وقت وفات ڪري ويو، جڏهن هي اڃا نوَن سالن جو هو. يارنهن سالن جي عمر کان ته هن پروفيشنلي پيانو وڄائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ته جيئن هو پنهنجي خاندان جي معاشي معاونت ڪري سگهي. انهي دوران هِن کي اسڪول مان به ڪڍيو ويو، پر جيئن ته هو انتهائي باصلاحيت هو، سو کيس آڪسفورڊ جي هڪ ڪاليج ۾ اسڪالرشپ تي داخلا ملي وئي ۽ هن اُتان اولهه جي ڪلاسڪيل موسيقي ۾ ڊگري حاصل ڪئي.
1988ع ۾ هن جي خاندان اسلام قبول ڪيو ۽ هن پنهنجو نالو دليپ ڪمار مان تبديل ڪري الله رکا رحمان رکيو. هن جي اسلام قبول ڪرڻ جو سبب سندس ڀيڻ جو شديد بيماري مان ٺيڪ ٿي وڃڻ آهي. نوي جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ رحمان، جنگلز ٺاهيندو هو. جنهن جي ڌن ۽ شاعري هُو پاڻ ڪندو هو. جنگلز موسيقيءَ جو هڪ ننڍڙو ٽڪرو آهي، جنهن ۾ ڪو وڏو پيغام هوندو آهي، اِهو اشتهارن ۾ استعمال ٿيندو آهي يا وري ڪيترن ئي پروگرامن جي شروعات ۽ ختم ٿيڻ دوران هلندڙ موسيقي، جنگلز هوندي آهي. هن ٿوري وقت ۾ 300 کان به وڌيڪ جنگلز ٺاهي ورتا. 1991ع ۾ هڪ ڪافي جي اشتهاري جنگل ٺاهڻ جو ايوارڊ اي آر رحمان کي ملي رهيو هو ته انهي تقريب ۾ سندس ملاقات بالي ووڊ جي مشهور فلم ڊائريڪٽر مني رتنم سان ٿي. جنهن کيس سندس فلم ۾ موسيقي ڏيڻ جي آڇ ڪئي ۽ اهڙي طرح هنن ٻنهي 1992ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم روجا ۾ گڏجي ڪم ڪيو ۽ ان فلم جي موسيقي تمام گهڻي پسند ڪئي وئي. ان کانپوءِ اي.آر رحمان جي ڪامياب فلمن جي هڪ تمام وڏي لسٽ آهي.
برطانوي موسيقار اينڊريو ويبر جڏهن اي.آر رحمان جي موسيقي ٻُڌي ته هُن کيس اسٽيج تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي ۽ پوءِ هنن لنڊن ۾ ڪيترائي پروگرام گڏجي ڪيا.
اي.آر رحمان، هالي ووڊ جي مشهور فلم ڊائريڪٽر ڊوني بوائل سان گڏجي ”سِلم ڊاگ ملينيئر“ فلم ۾ ڪم ڪيو. جنهن کي موسيقيءَ جا ٻه آسڪر ايوارڊ مليا. ان کانسواءِ اي.آر رحمان پنج ڀيرا آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ٿيو آهي، جيڪا تمام وڏي ڳالهه آهي.
اي.آر رحمان کي ٽرنٽي ڪاليج آف ميوزڪ پاران ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري به مليل آهي. 2009ع ۾ ٽائيم مئگزين هن کي دنيا جي 100 سحر انگيز شخصيتن جي لسٽ ۾ به شامل ڪيو هو.
اي.آر رحمان، هن وقت تائين 15 فلم فيئر ايوارڊ کٽي چڪو آهي، جڏهن ته ايوارڊن لاءِ نامزد ته لاتعداد ڀيرا ٿيو آهي.
اي.آر رحمان جن فلمن ۾ موسيقي ڏني، انهن مان ڪجهه اهم فلمون هي آهن:
رنگيلا، تال، دل سے، ساتھیا، سئودیس، پکار، گرو، رنگ دے بسنتی، راک اسٹار، دہلی 6، گجنی، لگان وغيره…
مونکي ياد آهي جنهن وقت لگان فلم رليز ٿي هئي ته ان جون ڪيسيٽون ۽ سي ڊيز ڌڙا ڌڙ وڪرو ٿيون هيون. آرڊر تي پهرين ڪيسيٽ بُڪ ڪرائڻي پوندي هئي، تڏهن ڪيسيٽ ملندي هئي. اهڙي طرح دل سے فلم جي موسيقي به ڪمال جي آهي. لتا منگيشڪر جهڙي عظيم گلوڪاره به اڪثر اِهو چوندي هئي ته اي.آر رحمان سان ڪم ڪرڻ جو مزو ئي الڳ آهي. هن لگان فلم ۾ اي.آر رحمان جي ڌُنن تي ادت نارائن سان گڏ لاجواب گيت ڳايا.
اسان ننڍي هوندي جڏهن ريڊيو تان گانا ٻُڌندا هئاسين ته ان وقت به اي.آر رحمان جو ڪو گيت هلائڻ کان پهرين، پروگرام جو ميزبان سندس وڏي ساراهه ڪندو هو ۽ ان کانپوءِ اي.آر رحمان جو گيت وڄڻ شروع ٿيندو هو. اي.آر رحمان جهڙا عظيم موسيقار ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺندا آهن.
***