ٿر، بدين ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ تيز برسات
گذريل 24 ڪلاڪن اندر ٿر ۽ بدين ضلعي جي مختلف شهرن ۾ تيز مينهن پيو. مينهن سبب انساني جانين جو ته ڪو نقصان رڪارڊ نه ڪيو ويو جڏهن ته کنوڻ ڪرڻ سبب 100 رڍون مري ويون. چيو پيو وڃي ته ڏڪار سٽيل ٿر لاءِ هي مينهن تمام ڪارآمد ثابت ٿيندو. ٿر جا آبادگار مينهن جي پاڻي کي گڏ ڪري ان کي زراعت جي ڪم آڻي سگهندا. ٻئي پاسي ميرپورخاص ۾ مينهن سان گڏ طوفان به هلندو رهيو. جنهن سان تمام گهڻو نقصان رسيو، هوا سبب شهر جا ڪيترائي اشتهارن وارا بورڊ ۽ وڻ ڪري پيا. ساڳئي وقت بدين ۾ مينهن سبب ڪو نقصان نه ٿيو پر ان سان ضلعي جي موسم ڪافي خوشگوار ٿي وئي.