حيدرآباد ۾ مينگو فيسٽيول ڇنڇر کان شروع
حيدرآباد جي ڊويزنل ڪمشنر محمد عباس بلوچ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائيندي چيو آهي ته حيدرآباد ۾ مينگو فيسٽيول ڇنڇر کان شروع ٿيندو، جيڪو ٻن ڏينهن تائين هلندو. اسان جو مقصد آهي ته ميرپورخاص وانگر مينگو فيسٽيول لڳائي آبادگارن کي فائدو پهچايون. هن وڌيڪ چيو ته فيسٽيول ۾ انبن جي 30 مختلف جنسن کي پيش ڪيو ويندو. عباس بلوچ چيو ته حيدرآباد جو انب دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پسند ڪيو وڃي ٿو. هن فيسٽيول کي لڳائڻ جو مقصد آهي ته پرڏيهي انويسٽر کي انب جي خوبين کان متعارف ڪرائي سگهون. هن وڌيڪ چيو ته هن فيسٽيول ۾ ٽنڊو محمد خان، مٽياري، ٽنڊوالهيار ۽ حيدرآباد جي ٻين حصن مان به انب رکيو ويندو.