ڪرپشن ڪيس ۾ شرجيل ميمڻ جي ضمانت واري درخواست منظور
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صوبائي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شرجيل انعام ميمڻ تي اختيارين جي ناجائز استعمال جو الزام آهي جيڪو سنڌ جي اطلاعات واري کاتي ۾ پوڻا ڇهه ارب رپين جي ڪرپشن جو سبب بڻيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته شرجيل انعام ميمڻ پاران سنڌ حڪومت جي فنڊن مان ايڊورٽائزنگ ايجنسين کي ڏنل رقم مان ايجنسين، ٽي وي چئنلن کي گهٽ ادائگي ڪئي هئي، جنهن تي جج پڇيو ته اهو ايڊورٽائزنگ ايجنسي ۽ ٽي وي چينل وارن جو مسئلو آهي. نيب ڪيئن ثابت ڪندو ته شرجيل انعام ميمڻ ان معاملي ۾ ڪڪ بيڪ ورتي آهي. جنهن تي نيب جي وڪيل جواب ڏنو ته اهو ته ثابت نٿو ٿئي ته شرجيل ڪڪ بيڪ ورتيون آهن پر ان جي اختيارن جو ناجائز استعمال ثابت ٿئي ٿو. جنهن بعد عدالت شرجيل انعام ميمڻ جي درخواست 50 لکن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.