خاصنئون

حڪومت خلاف محاذ جون تياريون، اپوزيشن جماعتن جي اي پي سي اڄ ٿيندي

حڪومت کي مشڪل وقت ڏيکارڻ لاءِ اپوزيشن جي اي پي سي اڄ ٿيندي. اي پي سي جي اڳواڻي جي يو آءِ ايف جو اڳواڻ مولانا فضل الرحمان ڪندو. آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ پ پ، مسلم ليگ، عوامي نيشنل پارٽي ۽ قومي وطن پارٽي شرڪت ڪنديون. ٻئي پاسي بي اين پي جي اختر مينگل اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان پي اين پي مينگل جي وفد کي اڄ ملاقات لاءِ پارليامينٽ هائوس گهرايو آهي. هن ملاقات ۾ وزيراعظم ۽ پي اين پي مينگل جي وفد سان بلوچستان جي ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. اي پي سي ۾ حڪومت مخالف تحريڪ ۽ بجيٽ جي منظوري روڪڻ تي مشاورت ٿيندي جڏهن ته اسلام آباد لاڪ ڊائون جي تجويز ۽ جلسن جو شيڊيول غور هيٺ ايندو.