بلاگنئون

نئين چونڊيل حڪومت ۽ ملڪ جا معاشي چئلينج

واضح ٿي ويو آهي ته 8 فيبروري 2024 تي ٿيل چونڊن کانپوءِ ايندڙ حڪومت ٺهڻ جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ نواز جي پارٽي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪري انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته هو ٻئي پارٽيون گڏجي حڪومت ٺاهڻ وڃي رهيون آهن، جنهن جو وزيراعظم شهباز شريف هوندو، جڏهن ته ٻنهي پارٽين جو صدر جي چونڊ لاءِ مشترڪه اميدوار آصف علي زرداري هوندو. اها لاڳيتي ٻي قومي اسيمبلي هوندي جنهن مان شهباز شريف اعتماد جو ووٽ وٺندو. بهتر ٿيو ته شڪ ۽ شبها ختم ٿيا ۽ هڪ چونڊيل حڪومت جو قيام هاڻي ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه آهي. جلد ئي ان جي تشڪيل ٿي ويندي.
ملڪ جيئن ته گذريل ڪجهه سالن کان معاشي ۽ مالياتي مشڪلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، انهيءَ جي باوجود نگران وفاقي حڪومت جيڪا هاڻ ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي، انهيءَ معاشي ۽ مالياتي معاملن کي بهتر نموني ڏٺو آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ پنهنجي ايامِ حڪمراني ۾ مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. وفاقي حڪومت جي معاشي پاليسين جي ڪري ملڪ جي برآمدات ۾ اضافو ٿيو آهي. سيپٽمبر 2023 کان جنوري 2024 تائين پاڪستان جي ايڪسپورٽ ۾ 1 ارب 70 ڪروڙ ڊالر جو اضافو ٿيو آهي. نگران حڪومت جا معاشي اقدامات جن سبب نه صرف اسانجي برآمدات ۾ اضافو ٿيو آهي، پر انهيءَ نگران سرڪار ٻين شعبن ۾ به سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. سڀني کان اهم ڳالهه ڪندا هلون ته نگران وفاقي حڪومت سان ڪوبه مالياتي اسڪينڊل منسوب ناهي. نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي انهيءَ جو ڪريڊٽ وڃي ٿو ته هن پنهنجي دورِ حڪومت کي ڪنهن حد تائين سٺي نموني هلايو آهي ۽ نگران وزير خزانه محترمه شمشاد اختر به مالي معاملن کي بهتر نموني هلايو آهي. سڌسماءَ جا ذريعا اهو به چون ٿا ته شايد نگران وزير خزانه اڳتي هلي چونڊيل نئين حڪومت جي به وزير خزانه هجي اها خبر جلد پئجي ويندي.
نگران حڪومت پنهنجو مقرر وقت پورو ڪيو ۽ هاڻي اچڻ واري چونڊيل حڪومت کي هر طرح جا چئلينجز سامهون آهن، اهي معاشي ۽ مالياتي به آهن ۽ سماجي ۽ سياسي به آهن. هيستائين ته لڳي ٿو ته نئين حڪومت جي متعلق جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿئي پئي انهيءَ ۾ ڄڻ عهدن جي ورهاست ٿي آهي ته وزيراعظم ڪير ٿيندو ۽ صدر ڪير ٿيندو، پر ميڊيا جي ذريعي عوام کي اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته ايندڙ حڪومت انهن جي ڀلائي جي لاءِ ڪهڙا قدم کڻندي، انهن کي مهانگائي جي راڪاس کان ڪيئن بچائيندي. ڇو ته سڀ کان وڌيڪ اهم ملڪ ۽ عوام جي ترقي آهي، عوام جو امن امان آهي ۽ ملڪ جي سرحدن جو تحفظ آهي. نه صرف ايترو پر نئين حڪومت کي قرضن جي ڏيتي ليتي به ڪرڻي آهي ۽ آئي ايم ايف پروگرام جي آخري قسط به وٺڻي آهي. نئين چونڊيل حڪومت کي آئي ايم ايف سان هڪ نئين پروگرام لاءِ ڳالهين جي شروعات ڪرڻي پوندي. اسين ايندڙ قيادت مان اها اميد ڪريون ٿا ته اها عهدن جي حاصلات کان هٽي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي تي ڌيان ڏيندي. اسانجي خارجه پاليسي جيئن ته نازڪ توازن تي بيٺل آهي، انهيءَ ڪري اسان کي پنهنجي خارجه تعلقات کي بهتر ڪرڻو پوندو ته جيئن اقوامِ عالم ۾ اسان جو ڪردار هڪ اهم ملڪ جي حيثيت ۾ هجي. آمريڪا جي محڪمه خارجه جو اهو بيان به بهتر آهي جنهن ۾ هن چيو ته آمريڪا نئين حڪومت جي تشڪيل کي پاڪستان جو اندروني معاملو قرار ڏئي ٿو.
نئين چونڊيل حڪومت کي مشڪلات ضرور آهن، پر جيڪڏهن نيت سان ڪوششون ڪندي ته ڪنهن حد تائين انهن سڀني مشڪلن کي گهٽائي ضرور سگهندي آغاز ڪرڻو پوندو ۽ اسان کي اميد آهي ته نئين چونڊيل حڪومت پاڪستان کي معاشي، سماجي ۽ سياسي حيثيت ۾ بهتري طرف وٺي ويندي.