شاعرينئون شاعري December 13, 2025 Zahida Abro غزلاسد انڙٻِجُ ٻَنِي وَر ۽ وَنِي آ نارُ نارِي زندگيسونھَن سڀ سينگارُ آ سنسارُ سارِي زندگيخُوبُ پيئون خوبُ کائون خُوب پايون خوبُ ٿِيآبُ اوتي ارضَ تي اظھارُ ھارِي زندگينِت نصيبن سان نصابن سان جُڙِي آ جيءَ سانگھوٽَ ٿِي گَھٽَ گھاٽَ گھاٽا گھارُ گھارِي زندگيواھَ واٽرَ دلدل و درياءُ لھرون لازميعشقَ ۾ اونھِي عجب اوتارُ تارِي زندگيحڪمتن سان ۽ حڪيمن سان طبيبن طبَّ سانجا جُڙِي جنسارَ ۾ جنسارُ سارِي زندگيسا صحتَ سان صُحبتي ماڻِي مريض و مرضَ سانمڃ مٿان ٿِي موتَ ئي بيمارُ مارِي زندگيزندگي زير و زبر زور و ذھانتَ زندگيمچَّ ۾ ماڻي ته مون منٺارُ ٺارِي زندگيڀائپي ڀانئيجُ ڀاڳن ساڻُ ڀائر ڀاڳَ ۾يادِ يادُن سان يڪو يڪ يارُ يارِي زندگياي اَسَدَ سد بار بيشڪ وقتَ جي ھر وارَ ۾سالَ ھفتا ماھُ ھر تھوارُ وارِي زندگي***غزلساحر راهوتنهنجو شمار دلڪش خوشبو خمار ۾،آئون اجاڙ ٿوهر ڪهڙي شمار ۾.رنگن جي راند ۾ آ منهنجو حصو نه ڪوئي،پن ڇڻ ذرد پن مان موسم بهار ۾.ڪورو لباس پائي اوبر خيال آ،ڪلھ جيئن اڄ به ويٺو دل بيقرار ۾.مدهوش مهڪ تنهنجي خاموش رات ۾،ويڙهي ٿي اوپري ڪنهن مون کي حصار ۾۔ڪيڏي ته تيز آهي جسمن جي گندگي،ٻوساٽجي ٿي خوشبو مهذب بزار ۾.ساري عمر جو آهي وئشيه کي تجربو،اوگهڙ وٺي ٿي پرکي پهرين نهار ۾.آئون شرير ساگر پنڇين جي دلبري،تحليل تنهنجي جانان سرمائي سار ۾.ڌرڻي هڻي آ ويٺي هر رات اجنبي،صورت اداس ساحر دل جي ديار ۾.***نظمرحيمداد جوڳياسان سنڌ تنهنجا گنهگار آھيوناسان ڄڻ ته تنهنجي مٿان بار آھيوناسان هر شئي کي کپايو لٽايونفعي کي ئي پنهنجي بِلي آ بڻايوهڻي خالي نارا ٿي سنڌو بچايواسان ئي ته دشمن ۽ غدار آھيوناسان سنڌ تنهنجا گنهگار آھيوناسان ٻيٽ وڪڻيا اسان چيٽ وڪڻيااسان ڳوٺ وڪڻيا اسان کيت وڪڻيااسان ڪرپشن ۾ ڏسو تار آھيوناسان سنڌ تنهنجا گنهگار آھيوناسان خانگاهون ۽ اسڪول کاڌا۽ غيرن سان سان گڏجي وڏا مال کاڌااسان چنگ وڪڻيو اسان بين وڪڻياسان تند وڪڻي ڀٽائي وڃايواسان ڏات وڪڻي سُرن کي کپايواسان ڪين ڄاتو ۽ بيڪار آھيوناسان سچ ته ڪيڏا سزاوار آھيوناسان سنڌ تنهنجا گنهگار آھيوننه تاريخ پنهنجي سجائي سگهياسيننه نالو ڪو پنهنجو لکائي سگهياسيننه تهذيب پنهنجي بچائي سگهياسيننه ڪنهن سان سچا ۽ وفادار آھيوناسان سنڌ تنهنجا گنهگار آھيون***جلال شيخغزلراھ تنهنجي ٿو نھاريان يار مانمل اچي توکي ٿو ساريان يار مانتو پڪي دل آ ڪئي دلدار ڇوڪيئن ڀلا توکي وساريان يار ماندرد ڪيڏا دل چري برداش ڪيالڙڪ اکڙين مان ٿو هاريان يار مانهي جدائي يار جيئڻ ڪونه ڏيجيل ويٺو اڄ ٿو گهاريان يار مانزهر آهي يار ٿي جو زندگيمل اچي ٿو پاڻ ڳاريان يار ماندرد ۾ آهي ڳريو جاني جلالآ هلي ٿو پاڻ ماريان يار مان***غزلآتم دراوڙاڪيلي اداسِڻِ اداسي اسانجي،خزائن جي داسڻ اداسي اسانجي.ٿي ميمڻ رسولڻ جي هر بڪ ۾ پڙهجي،سدائين مهاڳڻ اداسي اسانجي!نئين دور ۾ ڪير ڀانئين ڀلا ڇو؟مهين جي ڪنڀارڻِ اداسي اسانجي!ڇا شامون نه ٿيندي ۽ نٽهڻ ئي رهندي؟جموديل ڏهاڳڻ اداسي اسانجي!پَرِينءَ ڀر اچي ڪا رسائيندي جيڏا،ٿي ڳولهي اُڪارِڻِ اداسي اسانجي!هنئين ٻارِ تِيلن منجهان ڦوڳ ٿي وئي،ڇڏي ٿي نه ڳاهڻِ اداسي اسانجي!***نظم(محبوب)ڄام ولي محمد انڙھو ته محبوب آ ماڻا ته ڪندو،وڏي نوڙت سان،ميٺ محبت سان،ھلي وڃڻو پوندو،ڏوھي ٿيڻو پوندو.ھو ته محبوب آ ماڻا ته ڪندو.رٺل آ ته پرچائيندين،منڌل آ ته سمجھائيندين،ڪا غلطي نه به ھجي ڀلي،ته به حساب ڏيڻو پوندو،ھو ته محبوب آ ماڻا ته ڪندو.سڀ الزام مڃي،جتي چڪ ۾ کڻي،ھڪ ملزم جيئان،پيش ٿيڻو پوندو،ھو ته محبوب آ ماڻا ته ڪندو.جي ڪاوڙ مان ڪجھ چئي وجھئي،ٻه چار ڌڪ به ھڻي وجھئي،سر جھڪايل غلام جيئان،“ڄام” سڀ سھڻو پوندو،ھو ته محبوب آ ماڻا ته ڪندو.*** Post Views: 86