شاعرينئون

شاعري

غزل

اسد انڙ

ٻِجُ ٻَنِي وَر ۽ وَنِي آ نارُ نارِي زندگي

سونھَن سڀ سينگارُ آ سنسارُ سارِي زندگي

خُوبُ پيئون خوبُ کائون خُوب پايون خوبُ ٿِي

آبُ اوتي ارضَ تي اظھارُ ھارِي زندگي

نِت نصيبن  سان   نصابن سان  جُڙِي آ جيءَ سان

گھوٽَ ٿِي گَھٽَ گھاٽَ گھاٽا گھارُ گھارِي زندگي

واھَ واٽرَ دلدل و درياءُ لھرون لازمي

عشقَ ۾ اونھِي عجب اوتارُ تارِي زندگي

حڪمتن سان ۽ حڪيمن سان طبيبن طبَّ سان

جا جُڙِي جنسارَ ۾ جنسارُ سارِي زندگي

سا صحتَ سان صُحبتي ماڻِي مريض و مرضَ سان

مڃ مٿان ٿِي موتَ ئي بيمارُ مارِي زندگي

زندگي زير و زبر زور و ذھانتَ زندگي

مچَّ ۾ ماڻي ته مون منٺارُ ٺارِي زندگي

ڀائپي ڀانئيجُ ڀاڳن ساڻُ ڀائر ڀاڳَ ۾

يادِ يادُن سان يڪو يڪ يارُ يارِي زندگي

اي اَسَدَ سد بار بيشڪ وقتَ جي ھر وارَ ۾

سالَ ھفتا ماھُ ھر تھوارُ وارِي زندگي

***

غزل

ساحر راهو

تنهنجو شمار دلڪش خوشبو خمار ۾،

آئون اجاڙ ٿوهر ڪهڙي شمار ۾.

رنگن جي راند ۾ آ منهنجو حصو نه ڪوئي،

پن ڇڻ ذرد پن مان موسم بهار ۾.

ڪورو لباس پائي اوبر خيال آ،

ڪلھ جيئن اڄ به ويٺو دل بيقرار ۾.

مدهوش مهڪ تنهنجي خاموش رات ۾،

ويڙهي ٿي اوپري ڪنهن مون کي حصار ۾۔

ڪيڏي ته تيز آهي جسمن جي گندگي،

ٻوساٽجي ٿي خوشبو مهذب بزار ۾.

ساري عمر جو آهي وئشيه کي تجربو،

اوگهڙ وٺي ٿي پرکي پهرين نهار ۾.

آئون شرير ساگر پنڇين جي دلبري،

تحليل تنهنجي جانان سرمائي سار ۾.

ڌرڻي هڻي آ ويٺي هر رات اجنبي،

صورت اداس ساحر دل جي ديار ۾.

***

نظم

رحيمداد جوڳي

اسان سنڌ تنهنجا گنهگار آھيون

اسان ڄڻ ته تنهنجي مٿان بار آھيون

اسان هر شئي کي کپايو لٽايو

نفعي کي ئي پنهنجي بِلي آ بڻايو

هڻي خالي نارا ٿي سنڌو بچايو

اسان ئي ته دشمن ۽ غدار آھيون

اسان سنڌ تنهنجا گنهگار آھيون

اسان ٻيٽ وڪڻيا اسان چيٽ وڪڻيا

اسان ڳوٺ وڪڻيا اسان کيت وڪڻيا

اسان ڪرپشن ۾ ڏسو تار آھيون

اسان سنڌ تنهنجا گنهگار آھيون

اسان خانگاهون ۽ اسڪول کاڌا

۽ غيرن سان سان گڏجي وڏا مال کاڌا

اسان چنگ وڪڻيو اسان بين وڪڻي

اسان تند وڪڻي ڀٽائي وڃايو

اسان ڏات وڪڻي سُرن کي کپايو

اسان ڪين ڄاتو ۽ بيڪار آھيون

اسان سچ ته ڪيڏا سزاوار آھيون

اسان سنڌ تنهنجا گنهگار آھيون

نه تاريخ پنهنجي سجائي سگهياسين

نه نالو ڪو پنهنجو لکائي سگهياسين

نه تهذيب پنهنجي بچائي سگهياسين

نه ڪنهن سان سچا ۽ وفادار آھيون

اسان سنڌ تنهنجا گنهگار آھيون

***

جلال شيخ

غزل

راھ تنهنجي ٿو نھاريان يار مان

مل اچي توکي ٿو ساريان يار مان

تو پڪي دل آ ڪئي دلدار ڇو

ڪيئن ڀلا توکي وساريان يار مان

درد ڪيڏا دل چري برداش ڪيا

لڙڪ اکڙين مان ٿو هاريان يار مان

هي جدائي يار جيئڻ ڪونه ڏي

جيل ويٺو اڄ ٿو گهاريان يار مان

زهر آهي يار ٿي جو زندگي

مل اچي ٿو پاڻ ڳاريان يار مان

درد ۾ آهي ڳريو جاني جلال

آ هلي ٿو پاڻ ماريان يار مان

***

غزل

آتم دراوڙ

اڪيلي اداسِڻِ اداسي اسانجي،

خزائن جي داسڻ اداسي اسانجي.

ٿي ميمڻ رسولڻ جي هر بڪ ۾ پڙهجي،

سدائين مهاڳڻ اداسي اسانجي!

نئين دور ۾ ڪير ڀانئين ڀلا ڇو؟

مهين جي ڪنڀارڻِ اداسي اسانجي!

ڇا شامون نه ٿيندي ۽ نٽهڻ ئي رهندي؟

جموديل ڏهاڳڻ اداسي اسانجي!

پَرِينءَ ڀر اچي ڪا رسائيندي جيڏا،

ٿي ڳولهي اُڪارِڻِ اداسي اسانجي!

هنئين ٻارِ تِيلن منجهان ڦوڳ ٿي وئي،

ڇڏي ٿي نه ڳاهڻِ اداسي اسانجي!

***

نظم

(محبوب)

ڄام ولي محمد انڙ

ھو ته محبوب آ ماڻا ته ڪندو،

وڏي نوڙت سان،

ميٺ محبت سان،

ھلي وڃڻو پوندو،

ڏوھي ٿيڻو پوندو.

ھو ته محبوب آ ماڻا ته ڪندو.

رٺل آ ته پرچائيندين،

منڌل آ ته سمجھائيندين،

ڪا غلطي نه به ھجي ڀلي،

ته به حساب ڏيڻو پوندو،

ھو ته محبوب آ ماڻا ته ڪندو.

سڀ الزام مڃي،

جتي چڪ ۾ کڻي،

ھڪ ملزم جيئان،

پيش ٿيڻو پوندو،

ھو ته محبوب آ ماڻا ته ڪندو.

جي ڪاوڙ مان ڪجھ چئي وجھئي،

ٻه چار ڌڪ به ھڻي وجھئي،

سر جھڪايل غلام جيئان،

“ڄام” سڀ سھڻو پوندو،

ھو ته محبوب آ ماڻا ته ڪندو.

***