بلاگنئون

تامل ناڊو جي نئين سياسي تاريخ ۽ جوزف وجئي

هندستان جي سياست بابت عام تصور اهو رهيو آهي ته رڳو وڏن سياسي خاندانن، جاگيردارن يا وراثتي سياستدانن کي ئي اقتدار تائين پهچڻ جو موقعو ملي ٿو، پر تاريخ بار بار اهو ثابت ڪندي رهي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو وٽ عوامي مقبوليت، قيادت جي صلاحيت، واضح ويزن ۽ ماڻهن سان سچي وابستگي هجي ته پوءِ هو ڪنهن به شعبي مان اچي سياست ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو. دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا مثال موجود آهن جتي اداڪار، رانديگر، واپاري يا سماجي ڪارڪن بعد ۾ وڏا سياسي اڳواڻ بڻيا. آمريڪا ۾ رونالڊ ريگن هڪ اداڪار مان ڪامياب صدر پڻ بڻيو،  آمريڪي ليجنڊري اداڪار آرنلڊ شوازنيگر اداڪاري بعد ڪيليفورنيا ۾ گورنر بڻجي پاڻ ملھايو. يوڪرين  جو صدر ولادي مير زيلنسڪي ٽي وي فنڪار مان ملڪ جو صدر ٿيو، جڏهن ته هندستان ۾ به ايم. جي رامچندرن ۽ اين. ٽي رامارائو جهڙا اداڪار عوامي طاقت سان اقتدار تائين پهتا. هاڻي انهيءَ فهرست ۾ تامل فلمن جي سپر اسٽار سي. جوزف وجئي جو نالو به شامل ٿي ويو آهي، جنهن ڪلھه تامل ناڊو جي چيف منسٽر طور حلف کڻي سياسي دنيا ۾ نئون باب لکيو آهي.

جوزف وجئي جنهن کي سندس مداح “ٿلاپٿي وجئي” جي نالي سان سڃاڻن ٿا. 22 جون 1974ع تي چنائي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ايس. اي چندر شيکر مشهور فلم ڊائريڪٽر جڏهن ته والده شوڀا چندر شيکر ڳائڻي ۽ ليکڪا هئي. فن ۽ فلمي ماحول سبب وجئي ننڍپڻ کان ئي اداڪاري ڏانهن مائل رهيو. هن ٻالڪ فنڪار طور ڪجهه فلمن ۾ ڪم ڪيو، پر نوجواني ۾ باقاعده هيرو طور فلمي دنيا ۾ داخل ٿيو. شروعاتي ڏينهن ۾ کيس گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. ڪجهه ماڻهن سندس اداڪاري، ڊائلاگ ڊليوري ۽ شخصيت تي تنقيد ڪئي، پر هن محنت، نظم و ضبط ۽ مسلسل جدوجهد سان پاڻ کي ثابت ڪيو. وقت سان گڏ وجئي تامل فلم انڊسٽري جو سڀ کان وڏو اسٽار بڻجي ويو. سندس فلمن ۾ ايڪشن، جذبات، سماجي پيغام ۽ عوامي مسئلن جو ذڪر نمايان رهيو. ٿپاڪي، گهلي، مرسل، ليئو ۽ ماسٽر جهڙيون فلمون نه صرف باڪس آفيس تي سپر هٽ رهيون، پر انهن وجئي کي عوام جي دلين جو هيرو پڻ بڻايو. سندس فلمن ۾ اڪثر غريبن، شاگردن، مزدورن ۽ عام ماڻهن جي مسئلن کي اجاڳر ڪيو ويندو هو. اهوئي سبب آهي جو نوجوان نسل ۽ هيٺين طبقي ۾ سندس وڏي مقبوليت پيدا ٿي. فلمي شهرت سان گڏ  وجئي سماجي سرگرمين ۾ به سرگرم رهيو. هن پنهنجي فلاحي تنظيم ذريعي تعليمي امداد، غريبن جي مدد ۽ قدرتي آفتن دوران رليف ڏيڻ جھڙا ڪم پڻ ڪيا. ڪيترن مبصرن جو خيال آهي ته سندس سياسي بنياد اصل ۾ انهن سماجي سرگرمين مان ئي تيار ٿيو. وجئي آهستي آهستي عوام سان سڌو رابطو وڌائيندو رهيو ۽ پوءِ آخرڪار هن تامل ناگا ويتري ڪازاگم (TVK) نالي سياسي پارٽي قائم ڪئي. شروعات ۾ ڪيترن سياسي تجزيه نگارن ان کي رڳو فلمي مقبوليت جو نتيجو قرار ڏنو، پر ٿوري ئي عرصي ۾ وجئي ثابت ڪري ڇڏيو ته هو صرف پردي جو هيرو نه، پر عوامي سياست جو به اهم ڪردار بڻجي سگهي ٿو. تامل ناڊو جي سياست ڪيترن ڏهاڪن کان ٻن وڏين جماعتن، DMK ۽ AIADMK جي چوڌاري گهمندي رهي آهي. اهڙي ماحول ۾ نئين پارٽي لاءِ جڳهه ٺاهڻ آسان نه هو، پر وجئي نوجوانن، وچولي طبقي ۽ سياسي تبديلي چاهيندڙ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو. هن پنهنجي تقريرن ۾ تعليم، بيروزگاري، ڪرپشن، صحت ۽ ٽيڪنالاجي تي زور ڏنو. سندس جلسن ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت سياسي حلقن کي حيران ڪري ڇڏيو. خاص طور نوجوان ووٽر کيس تبديليءَ جي علامت طور  ڏسي رھيا آھن. 2026ع جي چونڊن ۾ وجئي جي پارٽي غير معمولي ڪاميابي حاصل ڪئي. ڪيترن پراڻن سياسي اڳواڻن کي شڪست ملي ۽ سياسي منظرنامو مڪمل طور تبديل ٿي ويو. چونڊ نتيجن کانپوءِ اتحادين جي حمايت سان وجئي ھاڻي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو  آھي. ڪالھه چنائي ۾ ٿيل هڪ وڏي تقريب دوران هن تامل ناڊو جي ٻارنھين  چيف  منسٽر طور حلف کنيو. اها تقريب رڳو سياسي تقريب نه، پر ڪيترن ماڻهن لاءِ هڪ نئين دور جو آغاز سمجهي پئي وڃي. لکين مداحن ۽ ڪارڪنن لاءِ اهو جذباتي لمحو هو. ڇاڪاڻ ته جنهن شخص کي هو سالن کان فلمن ۾ انصاف لاءِ وڙهندي ڏسندا رهيا، اهو هاڻي حقيقي اقتدار ۾ اچي ويو آهي.

وجئي جي ڪاميابي صرف هڪ اداڪار جي سياسي فتح نه، پر هندستاني جمهوريت جي ان طاقت جو ثبوت به آهي، جتي عوام جيڪڏهن چاهي ته روايتي سياست کان ٻاهر نوان چهرا به اڳتي آڻي سگهي ٿو. البته هاڻي اصل امتحان شروع ٿيو آهي. فلمي دنيا ۾ ڪاميابي ۽ حڪومت هلائڻ ٻه الڳ شيون آهن. عوام کي هاڻي وجئي مان وڏيون اميدون آهن. ماڻهو چاهين ٿا ته هو بيروزگاري گهٽائي، نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪري، تعليمي نظام کي بهتر بڻائي، سرڪاري اسپتالن جي حالت سڌاري ۽ ڪرپشن تي ڪنٽرول آڻي. تامل ناڊو اڳ ئي هندستان جي ترقي يافته رياستن مان هڪ آهي، پر عوام چاهي ٿو ته وجئي ان کي وڌيڪ جديد، شفاف ۽ عوام دوست بڻائي. خاص طور نوجوان طبقي کي اميد آهي ته هو ٽيڪنالاجي، ڊجيٽل معيشت ۽ اسٽارٽ اپس کي هٿي ڏيندو. وجئي پنهنجي تقريرن ۾ به بار بار چيو آهي ته سندس سياست جو مرڪز نوجوان نسل هوندو. جيڪڏهن هو پنهنجي واعدن تي عمل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته شايد مستقبل ۾ هو وفاقي سطح تي به هڪ اهم سياسي قوت بڻجي سگهي ٿو.  اڄ جوزف وجئي جي سياسي ڪاميابي اهو سبق ڏئي ٿي ته قيادت صرف سياسي خاندانن جي ميراث ناهي. جيڪڏهن ڪنهن وٽ عوام جو اعتماد، خدمت جو جذبو ۽ محنت ڪرڻ جي صلاحيت هجي ته هو ڪنهن به شعبي مان اچي تاريخ بدلائي سگهي ٿو. وجئي اڄ هڪ اداڪار کان اڳتي وڌي هڪ سياسي اميد جي علامت بڻجي چڪو آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پردي جو هي “ٿلاپٿي” حڪمراني جي ميدان ۾ به عوام جي اميدن تي پورو لهي سگهي ٿو يا نه.