اسان وٽ معاشرا ۽ نظام گهڻ طبقاتي ۽ گهڻ ديني ڌرمي سوچن جا پڄاري رهندا آيا آهن، جن وٽ مذهبن جون وصفون مختلف هجن ٿيون، هڪ اهڙو گھڻ ڪلاس ۽ گهڻ طبقو به رهي ٿو، جيڪو مذهب ۽ سياست جي نالي تي عام ماڻهن کان خدمتون وٺندو رهي ٿو. اهو طبقو سمجهي ٿو ته ائين ڪرڻ سان جيڪي به آدابي ۽ اخلاقياتي ذمرا ۽ دائرا هجن ٿا، اهي پورا ڪري سگهجن ٿا ۽ انهن ڳالهين سان سماجي اخلاقيات تي پورو لهي سگهجي ٿو. ٻي صورت انهن عام خدمت گذار ماڻهن جي دماغن ۾ اهو به هجي ٿو ته اهي جي نه ڪندا ته انهن جي مٿان باغي عنصرن هجڻ جا ٺپا لڳندا، ڪي فيصلا يا فتوائون به صادر ٿي سگهن ٿيون. ان ڪري اهي جاگيرداڻي سوچ ۽ سرمائيداراڻي وصفن جا ماڻهو انهن معاشي طور دٻيل طبقن جي بدبخت ۽ غريب صفت ماڻهن جي مٿان قابض ۽ مسلط رهندا ٿا اچن. اهي پنهنجي طاقت جي ٻَل تي حاوي ٿيندا ٿا رهن، اهي طبقا ڏينهون ڏينهن پنهنجي گرفت مضبوط ڪندا ٿا وڃن ۽ هيٺيان طبقا انهن طبقن جي ترقي ۽ آفاقي دلدارين جي وسڪار ۽ حاصلات ڏسي ويتر ان طبقي جا عاشق ٿي ٿا وڃن. ان سببن جي ڪري اهي طبقا فطري طور قابض هجن ٿا، اهي پنهنجي ڌن دولت ۽ آفاقي دين ۽ طاقت جي سبب ويتر ڄَمي کُپي عام ماڻهن جي مٿان راڄ ڪندا رهن ٿا. اهي طبقا ائين به حڪومتن ۽ مذهبي مسندن تي هجن ٿا جو انهن جو معاشري جي ڳچ طبقي اندر اهڙو اثر، خيال يا تصور پائيدار رهندو ٿو اچي ته اهي انهن مخصوص ڪلاسن ۽ طبقن جا زميني خدا به آهن. اهي طبقا هر طرح انهن متوسط طبقن جي لاءِ روزي ۽ رزق جا ضامن به هجن ٿا، اهي طبقا انهن متوسط طبقن جي مٿان نفسياتي دٻاءُ به وجهندا رهن ٿا، جو عام ماڻهو جڏهن انهن کي ڏسي ۽ مِلي ته دهلجي وڃي. اهي طبقا هڪ فڪس ريٽ تي انهن معاشرن تي حاوي به رهندا اچن ٿا ۽ سمجهندا آهن ته انهن جي سڀني مسئلن جو حل ۽ تدارڪ انهن وٽ ئي آهي. اهي پير فقير، ولي سندن لاءِ الله کان روزي رزق وٺي سگهن ٿا يا آسماني قوتن سان جَهيڙي به کين سڀ ڪجهه ڏياري سگهن ٿا.