بلاگنئون

پ پ جو يومِ تاسيس ۽ سنڌو درياءَ تي ڌاڙو!

پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجن 57 سالن جي سياست ۾ خاص طور سنڌ کي ڇا ڏنو ۽ ڇاڇا ورتو اھو به ھڪ داستان ٿيندو. پيپلزپارٽي پنهنجي عوامي سياست سبب منظم ٿي ڪري جهر جهنگ پنهنجو وجود نه فقط قائم ڪيو، پر ان کي مڃرائڻ ۾ به ڪاميابيون ماڻيون. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنهن عزم ۽ ھمت سان پيپلزپارٽي جا بنياد رکندي ٽن رنگن وارو جهنڊو (سائو، ڪارو ۽ ڳاڙھو) عوام جي مضبوط ھٿن ۾ ڏنو ته عوام ان جو ڀرم رکندا اچن. ڪارڪنن کي گرفتاريون، جيل، ڪوڙا، سزائون، شھادت جا منصب ۽  دربدريون مليون، پر پوءِ به ٽن رنگن وارو جهنڊو پنهنجي عوامي محبتن سان ڦڙڪندو رهيو جنهن ۾ گهڻو ڪري غريب ورڪرن جون قربانيون ۽ وفاداريون سرفهرست ڏسجن ٿيون.

پيپلزپارٽي جي نالي سان ورڪر ساٿين سميت عوام جي گهڻائي ڪا اھڙي عاشقاڻا “ستي” ضرور پيتي آھي جو منجهانئن پ پ جي ياد نڪري نٿي. ڀلي ڪارڪنن کي صوبائي قيادت کان تنظيمي سطح تي يا پ پ جي ايم پي ايز يا ايم اين ايز کان ناراضگيون شڪايتون رهنديون ھجن، پر پوءِ به پارٽي جي نالي تي سندن محبتن ۽  ڳانڍاپن ۾ فرق نه پيا آھن، (اڳتي جي اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي).

پاڪستان جي تاريخ ۾ سياسي طور پيپلزپارٽي جي قيادت مختلف دورن ۾ اقتدار جي ايوانن تائين پنهنجون ملڪي خدمتون پيش ڪيون، پر پوءِ به انهن جو قدر نه ڪندي پ پ قيادت کي آئيني طور حڪومت جا دور مڪمل ڪرڻ نه ڏنا ويا. شهيد ذوالفقار ڀٽو جا قومي ڪارناما وساري ان خلاف سازشون ڪري کيس اقتدار تان نه فقط ھٽايو ويو، پر ان کي سزاءِ موت جهڙي عدالتي مشڪوڪ ۽ متنازع سزا جي ور چاڙھي ملڪ جي ترقيءَ کي روڪيو ويو. ان بعد پيپلزپارٽي جي ليڊر محترمه بينظير جهڙي عالمي اڳواڻ پاڻ پ پ جون واڳون سنڀاليندي پاڪستان جي ترقي ۽ حفاظت لاءِ خاص فرض ادا ڪيا، پر پوءِ به سازشن ۽ چالبازين جا سلسلا نه رڪيا ۽ ان خلاف به پردي پويان مخالفتون ۽ سازشون رهيون، جن جو انت محترمه بينظير جي ٽارگيٽ ڪيل ڏکوئيندڙ خون تي ٿيو، جنهن سان ملڪ جا بنياد لڏي ويا ھئا! اهي ڏينهن آھي شينهن، لاڙڪاڻي جي وطن دوست ڀٽن جي دردناڪ شھادت کانپوءِ پاڪستان جون حالتون نه جمهوري رهي سگهيون ۽ نه آمريت جي چنبي مان آزاد ٿي سگهيون.

پيپلزپارٽي جيتوڻيڪ سنڌ ۾ 15 سالن کان لاڳيتو اقتدار ۾ رھندي اچي ان کانسواءِ وفاق جا به لطف وٺندي رھي ٿي، پر پوءِ به سنڌ جون حالتون، داخلا جي وزارت (بدامني، ڪرپٽ مافيائن، منشيات جو جن قابو نه ٿيڻ، افغانين جي روڪٿام نه ڪرڻ)، تعليم، صحت، بلديات، آبپاشي، ماليات، ماحوليات، معدنيات، سوشل سيڪٽر، يونيورسٽي نظام، مھانگائي ملاوٽ، بيروزگاري، گيس بجلي جي گهڻي لوڊشيڊنگ سان گڏ بلن جي موتمار ٽيڪسن عوام جون دانھون ڪڍرائي ڇڏيون آھن، جن تي پارٽي گهڻي ڀاڱي خاموش رھڻ سبب عوام کي مايوس ڪرڻ لڳي آھي، ويتر جو پنجاب سرڪار پنهنجي ھوڏ تي رھندي ارسا جهڙي متنازع اداري جي ناجائز توڙي غير منصفاڻا فيصلن سبب “سنڌو درياھ” جي باقي بچيل وھڪرن مٿان اھڙي وقت ۾ بندشن وجهڻ لاءِ تيار ٿا ڏسجن جڏھن پاڪستان جون حالتون صوبي بلوچستان، پنجاب کان وٺي پارا چنار ۽ افغانستان جي بارڊرن تي ڪشيده، دھشتگردي جا واقعا رونما ٿيڻ سان جنگجو ٿيون لڳن.

اھڙي وقت ۾ پاڪستان جي وجود کي خطرن ۾ نه وجهڻ خاطر سنڌو درياءَ مٿان 6 ڪينال جوڙائڻ واري سر عام ڏاڍائي تي سنڌي عوام ۾ سخت ڪاوڙ جا احساس ڪرڻ نهايت ضروري سمجهيو وڃي ٿو. ملڪي سطح جي پيپلزپارٽي جڏھن “يوم تاسيس” ملھائي رھي آھي تڏھن ھن پارٽي جي اعليٰ قيادت توڙي سنڌ جي صوبائي حڪومت کي عوامي احتجاجن، مطالبن ۽ بيچيني کي ملڪي مفادن خاطر محسوس ڪرڻ گهرجي. ڇو جو سنڌ ۽ سنڌ جا رھواسي ڪنهن به حالت ۾ ھاڻ پَنھنجي “سنڌو درياھ” جي وهڪرن کي روڪڻ کي تسليم نٿا ڪن. ان لاءِ سنڌوءَ جو پاڻي سنڌ کي ڏيڻ جي شديد ضرورت ڏسجي ٿي، جنهن ڪري پ پ قيادت کي صوبائي اسيمبلي سنڌ جي معزز ايوان مان پاڻي سميت ٻين بنيادي مامرن تي آواز بلند ڪرڻ ۽ قرار دادون پاس ڪرڻ جو وقت اچي چڪو آھي.

آخر ۾ 30 نومبر پاڪستان پيپلزپارٽي جي “57 ھين يوم تاسيس” جي موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پ پ جي مرڪزي ۽ صوبائي قيادت سميت وفادار ڪارڪن کي مبارڪون پيش ڪندي شھيد ڀٽن ۽ ٻين ڪيترن شھادت ماڻيندڙ ورڪرن کي سلام پيش ڪجن ٿا.