بلاگنئون

عُمر حيات-خضرِ حيات

سنڌي ادب جي شاعري جي اُڀ تي ٽڙيل تارن مان هڪ ستاري قاضي عبدالحئي “قائل” جي علمي، ادبي آکيري ۾ 12 اپريل 1945 تي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنهن مهمان جي دائمي آمد ٿي. اُن گهراڻي خوشين جا انبار ميڙيندي اُن جو نالو خضر حيات رکيو. خضر وڏي ۽ طويل زندگي ماڻيندڙ کي به چوندا آهن. حيات ته هون ئي زنده رهڻ جو نالو آهي.
سو خضر حيات پنهنجي نانءُ، ڏانءُ، ڏاهپ، سهپ، رواداري، مهمان داري ۽ مڻياداري سبب انجنيئرنگ، ڊرائينگ، مصوري ۽ ڪاشيگري سبب نه رڳو سنڌ-پاڪستان، پر پرڏيهي پارکن وٽ هڪ پارس جي صورت ۾ زنده رهندو. ڇو ته هو خضرِ حيات آهي. هي پنهنجي شاعر پيءُ هاڪاري عالم قاضي عبدالحق ڏاڏي ۽ نامياري عالم دين مولوي “قاضي القضات” جو عهدو ماڻيندڙ هڪ عاليشان ۽ ڪارائتي ڪتبخاني جي روح روان پڙ ڏاڏي قاضي خوش محمد جي پارسا پيڙهيءَ جو تسلسل هو. پنهنجن وڏڙن جي تعليمي ميراث کي نئين دنيا جي جوڙجڪ موجب سائنسي علم ڏانهن وڌندي، رتيديري مان ڏهه درجا پاس ڪيائين. جديد علم ڏانهن وک وڌائيندي 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج مان بي.اِي (سول) ڪري. ايم آءِ اي (ميمبر آف انسٽيٽوٽ آف انجنيئرس) جي ڊگري ورتائين. انهيءَ عرصي دوران پنهنجي اندر ۾ ويٺل هڪ مصور کي روشناس ڪرائڻ لاءِ تصورن ۽ تصويرن کي نت نوان رنگ، روپ ۽ رَچاوَ ڏيڻ لاءِ فائين آرٽس ۾ ڊپلوما ڪيائين، زندگي جي ٻين مصروفيتن ۽ ڪم ڪارين کي هڪ پاسي رکندي ذوق ۽ شوق کي حيات جاودوان بخشڻ لاءِ وڌيڪ اڳتي وڌيو ڇو ته هو خضرِ حيات هو ۽ آهي.
هن نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور مان ڪاشيگري (Ceramics) جو سرٽيفڪيٽ به ورتو. ڇو ته هُن سنڌ جي ڪُنڀارڪي، ڪاشيگريءَ مجسمي سازيءَ جي فن کي اڃان اڳتي وڌائڻ، سنوارڻ ۽ سڌارڻ پي چاهيو.
خضر هو، پر پاڻيءَ جي نوڪري ڇڏي، اُستادي پيشي کي مان بخشيندي سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿيو. ڇو ته خبر هئس ته هِڪ ماهر استاد علم جي سمنڊ (پاڻي) مان ئي گوهر ناياب ڪڍندو آهي. علم درياهه آهي، سمنڊ آهي، پاڻي آهي ۽ پاڻيءَ جو ڪوبه انت نه آهي، سو بي انت هِن بحر ۾ گهڙندي پنهنجي نالي خضر حيات کي مان ڏيندي پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اين اِي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار ٿيو. ٽي سال علم جو آب اُتي ڏئي پي آءِ ڊي سي شگر مل لاڙڪاڻي، ساهه سيباڻي يعني اباڻي علائقي ۾ اسسٽنٽ انجنيئر ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ وري ڪا سمنڊ جي ڇڪ ٿيس ۽ اباڻا ڪک ڇڏي، اسٽيل مِل ڪراچي ۾ اچي انجنيئر ٿيو. حيات کي روان دوان رکيائين جيئن خضر پاڻيءَ ۾ روان دوان آهي. اوڀارو ترندو وڃي، ميرپور ماٿيلي جي پاڪ سعودي فرٽيلائزر ۾ پراجيڪٽ انجنيئر ٿي ڇهه سال ڪم ڪيائين. استادي پيشي سان ڪا اهڙي انسيت هئس جو اچي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪاليج نوابشاهه ۾ انجنيئر بڻجي آيو. جڏهن هي ڪاليج 1996 ۾ قائد عوام انجنيئرنگ يونورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي بڻجي ويو، جتي کيس پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جو عهدو ڏنو ويو، جتان هن خضر حيات 2005 ۾ سرڪاري عهدي تان رٽائرڊ ٿيو، پر سندس زندگيءَ جو آب هڪ درياهه جيان وهندو ئي رهيو. جيسين انت هو آب سمنڊ ۾ نه وڃي پوي. تيسين هي هڪ وهندڙ جهرڻي جيان شفاف ۽ ٿڌي چشمي جيان، ور وڪڙ ڏئي وهندڙ نيري ندي جيان پاڻ کي علم، ادب، آرٽ، ڪرافٽ جو هڪ وهندڙ وڏو وهڪرو بڻائي خضر حيات عمر حيات بنائي آب آب آب ڪري ۽ سندس سموري ڪوششن، ڪاوشن کي هڪ آب حيات جو درجو ڏئي ويو. ادب ۾ سندس تخليقون، شاعري، ڪالم نگاري ۽ ڊراما نگاري جي صورت ڇپجي مان ماڻي ويون ته آرٽ، ڪرافٽ ۽ ڪاشيگري ۾ ڪيل سندس بهترين ڪم بين الاقوامي طور تي مڃيو ويو آهي. سندس ادبي لکڻين جو دور 1973 کان 1978 تائين ڇپيل صورت ۾ آهي. جڏهن ته 81-1980ع ۾ پاڻ ڪاشيگري جي ڪم ۽ شاهڪارن کي گڏ ڪري نوابشاهه ۾ “سڪندر آرٽ گئلري” قائم ڪيائون ۽ ان جا سرپرست ٿيا. پاڻ هڪ متحرڪ انسان جيان ايجوڪيشن سوسائٽي ۽ ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي نوابشاهه جا صدر رهيا، سچل اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر ۽ نوابشاهه جي پئرينٽس ٽيچرس ايسوسئيشن جا اڳواڻ رهيا. آمريڪن بايوگرافيڪل انسٽيٽيوٽ 1980 ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن 1984 ۾ لطيف ادبي اڪيڊمي سنڌ 1987 ۾ انعام ۽ گولڊ ميڊل ڏنا ۽ ملڪ جي وزيراعظم ٻه نقد انعام ڏنا. پاڻ سنگاپور ۽ بينڪاڪ جا دورا ڪيائون کين چئن نياڻين ۽ هڪ پٽ جو اولاد ٿيو. جن مان وحيده قاضي ۽ فهميده قاضي آرڪيٽيڪٽ ٿيون، تهمينه قاضي استاد بڻي ۽ سنجيده قاضي ڊاڪٽر آهي، پٽ سڪندر قاضي سول انجنيئر ۽ فائن آرٽ جو استاد ۽ سنڌي جو سٺو شاعر آهي. عمر جي آخري حصي ۾ به هن اڻٿڪ جدوجهد جاري رکي. پاڻ ٽي سال اي سي اِي Associate Consultant Engineers جي فرم۾ پراجيڪٽ انجنيئر بڻجي اسلام آباد ۾ حضرت بري امام جي هڪ وڏي پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪرايو.
سندس بدن، ذهن ۽ فن کيس ماٺ ڪري ويهڻ نه ڏنو. وهندڙ پاڻيءَ کي ڪو ڀلا بند ٻڌي سگهيو آهي ڇا؟
سو سندس صلاحيتن ۽ خدمتن عيوض کيس سنڌ ايگريڪلچرل يونيورسٽي ٽنڊوڄام وارن گهرائي پاڻ وٽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪري رکيو. سائين خضر حيات 16 جولاءِ 2021 تي وفات ڪئي. کين نوابشاهه ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. اهڙي ريت هن قاضي خضر حيات پنهنجي آتم ڪٿا “جهاڳيو مون جهان” جي نالي سان لکي، جنهن کي پڙهڻ گهرجي. هن اردو جي هن مشهور شعر کي پنهنجي حياتيءَ ۾ عملي طرح ٻيو رُخ ڪري ڏيکاريو ته:
عمر حيات مانگ ڪي لائي تهي چار دن،
دو آرزو مين ڪٽ گئي، دو انتظار مين