بلاگنئون

سنڌ ۾ برساتن تعليم ۽ فصل کي هڪ ڀيرو ٻيھر ڌڪي ڇڏيو

سال 2024 آگسٽ واري مھيني ۾ برساتن رڳو زراعت کي ناھي ڌڪيو ھن سال به ڳوٺاڻان اسڪول ھر سال جيان ٻيھر پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن. جيتوڻيڪ شھرن ۾ بهترين چيئرمين شپ شھر جا روڊ رستا ڪليئر ڪرايا ته آھن پر بدقسمتي سان شھرن جي ارد گرد ويجھي ڳوٺن ۾ يونين ڪائونسل جي ذمري ۾ ايندڙ فصل توڙي اسڪول توڙي گھر گھٽيون برساتي پاڻي کان آجيون ناھن ٿي سگھيون، ان جو تازو مثال تلھار شھر جي ارد گرد جا ڳوٺ يونين ڪائونسل يو سي حاجي اشرف ٿيٻو، پيرو لاشاري، دڪو ڌٻھڙو، راڄو خاناڻي مين روڊ تي سھتا چانڊيه، ملاح برادري جا ماڻهو تمام گھڻا پريشان ۽ متاثر ئي رھيا آھن. ھنن ڳوٺن ۾ متاثر اڳ جا زبون حال سرڪاري اسڪول اڄ به تعميراتي ڪم جا فقط منتظر ئي رھيا آھن.
ان سان گڏوگڏ ساريالي فصل جيڪو نثرڻ واري مرحلي ۾ داخل ٿيو ھو اھو تمام گھڻو رڳو متاثر ئي نه ٿيو آھي، بلڪه ڇڻي فقط ساريالي سلن ۾ توھ جيان رھجي ويا آھن، جن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ھن سال به آبادگارن سميت ھاري طبقو به وڏي تڪليفن کي منھن ڏيڻ تي ٻيھر مجبور ٿي پوندو. ٻئي پاسي اڌھار تي کنيل ٻج، يوريا، زرعي دوائون جيڪي ٻيڻ ٽيڻ واري اگھ تي وڪرو ٿيل ھڪ وڏي قرض ھڪ مرض جيان آبادگار توڙي ھاري طبقي کي ڳڙڪائي ڇڏيندو. ياد رھي ته سال 2011 واري برسات ۽ سال 2024 واري بدين ضلعي ۾ برساتن فقط تباھيون ئي آنديون جن مان ٻاھر نڪرڻ آبادگار توڙي ھاري طبقي جي وس ۾ ناھي رھيو. ھوڏانھن تعليمي درسگاھون پڻ بي يارو مددگار بڻيل آهن جن جي اندر ۽ ٻاھر پاڻي تمام گھڻيون بيماريون آڻي رھيو آھي ڳوٺاڻان اسڪول توڙي گھٽيون مڪمل طور تي پاڻي ھيٺ اچي ويون آھن جن مان فقط يونين ڪائونسل لکي ايٽ ميرواھ جي چيئرمين حاجي گل حسن لغاري ڏينهن رات ھڪ ڪري ٻڏل جاين تي موجود رھي پاڻي نيڪال ڪرائي ورتو آھي. جڏھن ته يونين ڪائونسل پيرو لاشاري، يونين ڪائونسل سعيدپور، يونين حاجي اشرف ٿيٻو سميت ٻين ڪتيرن ئي ڳوٺن جا اسڪول گھر گھٽيون مڪمل پاڻي ھيٺ اچي ويون آھن جي جي واھر ۽ سارسنڀال سياسي ڀوتارن ناھي لڌي.