لاهوت لامڪان جو مختصر سفر
ڪافي عرصي کان وٺي اندر ۾ اڪير هئي ته درگاهه سخي بلاول شاهه نوراني سرڪار رحه، محبت فقير ۽ لاهوت لامڪان جو ديدار ڪجي ۽ اتي جي ماضيءَ جو درشن ڪري معلومات سان گڏ عبرت پڻ حاصل ڪجي ۽ مختصر تحرير رستي اهو حال احوال ادب دوستن ۽ لاهوت جي طلب رکندڙن سان پڻ ونڊ ڪجي، سو اميد ته پڙهندڙن کي فقير جي هن ڪچي ڦڪي لکت منجهان ٿورو گهڻو لاڀ ضرور حاصل ٿيندو.
عرصي کان سيني ۾ سانڍيل سڪ کڻي مان گهرواريءَ ۽ ڌيءَ سميت ۽ منهنجو ڪرائيدار اسد علي رند گهرواريءَ سوڌو بائيڪن تي روانا ٿياسون، روانگي خاطر تياري عيدالفطر جي ڏينهن ئي ڪري ڇڏي هئي، سو آچر 23.04.2023 تي صبح جو 04 بجي چڪرا ڳوٺ ڪراچي مان روانا ٿياسون، ناردرن باءِ پاس، همدرد يونيورسٽي ۽ ساڪران ندي کان اڳتي هلياسون جتي نوراني ڪراس تائين مختلف هنڌن تي روڊ زير تعمير هو ۽ اسان مزي مزي سان سفر ڪندي 07:20 تي مڊوي ريسٽورينٽ تي بريڪ ڏنو (هي اسٽاپ نوراني ڪراس سان مشهور آهي هتي مڊوي هوٽل آهي هتان هڪ رستو سڄي طرف دُريجي ۽ کٻي طرف نوراني سرڪار، محبت فقير ۽ لاهوت لامڪان ڏانهن وڃي ٿو) اسان هتي گهران کڻي آندل ماني پڪوڙن سان کاڌي، چانهن پيتي ۽ اتان 07:50 تي سفر کي اڳتي وڌايوسين.
نوراني ڪراس کان محبت فقير تائين هوٽلن جي اڪثريت ڇٽا ذات وارن جي آهي ۽ اتي غلام حسين ڇٽا هوٽل وٽ سرڪاري اسڪول پڻ آهي. ايترو ئي نه، پر نوراني ڪراس کان محبت فقير تائين ڪيترن ئي هنڌن تي سولر سسٽم تي ٽيوب ويلن ذريعي زمين به آباد ڪئي پئي وئي.
رستي جي ٻنهي طرفن وڏا وڏا جبل آهن ۽ ڪيتريون ئي لاهيون چاڙهيون آهن رستي ۾ برساتي ندين ۾ برساتين نه هجڻ باوجود به پاڻي هو ۽ اتي رستو خراب به هو جڏهن ته مسافر ان پاڻي منجھ وهنجي رهيا هئا ته وري گاڏيون به ڌوئي رهيا هئا.
سڄي سفر ۾ رستي جي ٻنهين پاسن سان سنڌي ٻٻر جن ۾ پلڙا، انگريزي ٻٻر، ڪرڙ، ڪرڙن ۾ ڏيلها، ليون، ڪَنڊيون، ڪنڊين ۾ سڱريون، ٿوهر ۽ کٻڙ وغيره جا وڻ عام هئا.
رستي ۾ هڪ هنڌ نوراني مسجد وٽ ليويز چيڪ پوسٽ هئي، جيڪي زباني گاڏي جا ڪاغذ معلوم ڪري رهيا هئا، پر واپسيءَ تي انهن طرف توجھ ڪيم ته هو بائيڪ وارن کان پيسا به وٺي رهيا هيا.
ايئن سفر جاري رکندي اسان جو ننڍڙو قافلو 09:40 تي لاهوت لامڪان واري هنڌ پهتو جتي نوراني سرڪار جو چلو، حلالي حرامي وارو ماءُ جو پيٽ، مٿان وهندڙ پاڻي جو چشمو، چون ٿا ته هتي مولا علي به آيو هو، ان طرف جو پنڌ ڪافي اوکو ۽ مشڪل آهي جتي لوهيون ڏاڪڻيون آهن، اتي لاهوتي شهنشاهه هوٽل پڻ آهي ۽ اسان اتان جو ديدار ڪري وري اڳتي 10:35 تي روانا ٿياسين.
لاهوت واري اسٽاپ تي ئي ليويز چيڪ پوسٽ آهي جنهن تي تحصيل سارونه ضلع خضدار لکيل هو، جنهن منجهان اندازو ٿيو ته هتان رستو محبت فقير جي مزار کان سڄي هٿ تي سارونه ۽ دُريجي طرف وڃي ٿو، محبت فقير جي مزار لاهوت واري اسٽاپ کان 02 ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقع آهي ۽ سخي بلاول شاهه جي مزار تي وڃڻ کان پهرين محبت فقير جي سلامي ڀرڻ لازمي آهي.
ماضيءَ ۾ جيئن ته هتي رستو نه هو، انهيءَ ڪري ان وقت ۾ محبت فقير کان نوراني سرڪار تائين کيکڙا يا ڪيڪڙا هلندا هئا، جيڪي هاڻ به موجود هئا، پر هاڻي مزار تائين هر گاڏي آساني سان وڃي سگهي ٿي.
هتي جيز نيٽ سروس ڪم نٿي ڪري، ها مگر يوفون جا ٽاور آهن، ان ڪري اها سروس باآساني ڪم ڪري ٿي، بجلي نه هجڻ ڪري سولر سسٽم جو استعمال عام جام آهي.
محبت فقير جي درگاهه تي 10:50 تي پهچي ڪري سرڪار جي حاضري ڀري اتي ئي هڪ هوٽل تي ماني کاڌي جنهن ۾ دال 130، ماني 30 ۽ چانهن 50 روپيا ملي، جڏهن ته عوام ۽ عقيدتمندن جو ڪو ڳاڻيٽو نه هو، محبت فقير وٽان 11:30 تي سخي بلاول شاهه نوراني سرڪار جي مزار طرف راهي ٿياسين، مزار تائين اٽڪل 05 ڪلوميٽر جو نهايت ئي اوکو رستو آهي جتي وچ ۾ مولا علي پاڪ جا قدم مبارڪ ۽ نوراني سرڪار جا چلا پڻ آهن.
عيد جي مناسبت ۽ موڪل هجڻ سبب ماڻهن جو سمونڊ هو، جيڪو جبلن جي پاسن، وڻن جي هيٺان، مطلب ته نظر نهار تائين ماڻهو ئي ماڻهو هئا، ڪي آيا ٿي ڪي وريا ٿي، باسون باسيندڙ سکائون به کڻي ٿي آيا، هڪ ڳالھ جيڪا خاص ڪري نوٽ ڪيم ته عورت جو ڪو احترام نه هو، سو عورتن کي گهرجي تي ميلن ملاکڙن يا عيدن تي درگاهن تي وڃڻ کان پاسو ڪن، ٻيو ته هتي بازارون قبرستان ۾ پڻ ٺهيل هيون سو قبرن جو تقدس پائمال پئي ٿيو، ماڻهو قبرستان ۾ چادرون وڇائي ستل هئا، مزار تي چپل جي رکوالي في جوڙو 20 روپيا هو.
محبت فقير جي مزار کان نوراني سرڪار جي مزار تائين ماڻهن جا هجوم هئا، سنگل رستي تي گاڏيون پارڪ ٿيل هيون، ٽريفڪ جي رواني نهايت ئي مشڪل هئي، ايئن آهستي آهستي هلندي وڃي مزار جي ويجهو پهتاسين، جتي اڳتي گاڏي جو گس نه هو، سو اتي گاڏيون پارڪ ڪيونسين جن في گاڏي جا 30 روپيا ورتا ۽ اتي ئي اسان ڦاروا ورتا جيڪي 200 روپيا پاءُ مليا.
هاڻي اسان وري پنڌ پياسون جتي نهايت ئي سخت سيڪيورٽي هئي، جيڪي هر ڪنهن کي سامان سميت چيڪ ڪري رهيا هئا ۽ اتي ئي سامهون نوراني سرڪار جي مزار هئي ماشاءَ الله سچ ته جنگل ۾ منگل هو، هر طرف نوراني نور هر بلا دور، جيئي شاهه جبل ۾ شاهه جا اڀ تائين پهچندڙ ۽ رت کي گرمائيندڙ نعرا لڳي رهيا هئا، جيئن قلندر ۽ ڀٽائي جي ميلي تي بازارون لڳنديون آهن، تيئن ئي هتي ۽ محبت فقير جي درگاهه تي به بازارون هيون ۽ بازارون لڳائيندڙن جي اڪثريت پنجاب جي سرائڪين جي هئي، جڏهن ته عقيدتمندن ۽ لاهوت ڪندڙن ۾ سنڌي، بلوچ، سرائڪي، اردو ڳالهائيندڙ ۽ هندو وغيره وڏي انگ ۾ هئا.
محبت فقير
محبت فقير جي درگاهه مٿانهين ٽڪريءَ تي آهي، مزار جي ڀرسان ئي محبت فقير جي نالي سان مسجد پڻ آهي، راوين جي روايتن ۾ آهي ته شاهه نوراني جي زيارت کان اڳ ۾ محبت فقير جي حاضري/سلامي ڀرڻ لازمي هوندي آهي. محبت فقير جي زيارت کانسواءِ نوراني بابا جي به ڄڻ زيارت قبول نه ٿي پوي، محبت فقير سيد بلاول شاهه نوراني جي قريبي خدمت گذارن منجهان هو ۽ پنهنجي عمر شاهه نورانيءَ جي خدمت ۾ گذاريائين.
قدم گاهه مبارڪ:
قدم گاهه مبارڪ هڪ متبرڪ جاءِ آهي جتي حضرت علي ڪرم الله وجھ جن جا قدم مبارڪ جا نشان رکيل آهن، قدم گاهه به مزار نما جوڙيل آهي جيڪا نهايت سينگاريل آهي. روايت آهي ته گوڪل ديو ڪنهن ڇوڪريءَ کي کڻي پاڻ وٽ قيد ڪيو، ان ڳالھ جو علم حضرت علي عليه السلام کي پيو، جنهن اچي انهيءَ قدم گاهه واري جاءِ تي بيهي گوڪل ديو تي تير وسائي کيس زخمي ڪيو ۽ ڇوڪريءَ کي ڇڏايو ۽ اتي سندس قدم مبارڪن جا نشان ٺهي ويا.
حضرت شاهه بلاول نوراني:
هي بزرگ بلوچستان ۾ آھي ۽ چوڌاري پٻ ۽ ھاڙھو جبل اٿس سندس مزار انهن جبلن جي وچ ۾ آھي، درگاهه تي شجرو جيڪو مزار تي لکيل آهي سو حضرت امام حسين ع سان ملي ٿو.
سيد بلاول شاهه نوراني ولي الله ٿي گذريا آهن، نوراني بابا المعروف سيد بلاول شاهه ڪڏهن ۽ ڪٿي پيدا ٿيا؟ بلوچستان جي هن علائقي ۾ ڪڏهن ۽ ڪٿان هجرت ڪري اچي سڪونت اختيار ڪئي، ان باري ۾ مستند تاريخ خاموش آهي البته ڪجھ محققن ڄاڻايو آهي ته بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي جي 1907ع واري گزيٽ ۾ بلاول شاهه نوراني جو ذڪر ملي ٿو ته پاڻ 1495ع ۾ سنڌ کان سفر ڪري هن ماڳ تي آيو ۽ گوڪل نالي ديو جي باغ ۾ قيام پذير ٿيا، 1767ع ۾ لکيل تحفته الڪرام جو مصنف مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته شاهه بلاول نوراني پنهنجي علائقي جا محذوب شخص هئا ۽ انهيءَ جنون جي پيش نظر علائقي جي ماڻهن ۾ سندس پذيرائي وڌڻ لڳي ۽ ماڻهو وٽن مرادون کڻي اچڻ لڳا، نئينگ شريف جي جيلاني خاندان وٽ روايت آهي ته شاهه بلاول نوراني جو تعلق نئينگ شريف جي جيلاني خاندان سان آهي. زيدي بلوچستان ۾ سندن پڙ ڏاڏو پير سيد ڪمال شاهه جيلاني ۽ شاهه بلاول نوراني پاڻ ۾ ڀائر هئا، شاهه بلاول نوراني زيديءَ مان سفر ڪري اول سنڌ جي علائقي نئينگ شريف ۾ آيا، جتان وري لاهوت واري علائقي ۾ رهائش پذير ٿيا، نئينگ جي جيلاني خاندان جو درگاهه شاهه بلاول جي گادي نشينيءَ ۾ به حصو آهي ته ان علائقي ۾ سندن پيري مريدي پڻ آهي.
گوڪل ديو ۽ شاهه نوراني:
گوڪل ديو جي ظلمن کان ماڻهو تنگ هئا، انهن ماڻهن الله کان پناهه لاءِ دعا گُهري ته شاهه بلاول نورانيءَ جي روپ ۾ هڪ نوراني چهري واري بزرگ شخصيت آئي ۽ گوڪل ديو سان مقابلو ڪري، ان کي شڪست ڏئي، ديو کي قيد ڪري ماڻهن کي ان جي ظلمن کان ڇوٽڪارو ڏياريو، ان مقابلي جا نشان اڄ به انهن پهاڙن ۾ موجود آهن، ديو کي قيد ڪرڻ کان پوءِ ان کي باغ ۽ ان جي آس پاس پاڻي پهچائڻ لاءِ پابند ڪري ڇڏيائين، صدين کان ان جبل مان پاڻي وهندو رهي ٿو ۽ پرين جو اهو باغ سيراب ٿيندو رهي ٿو. روايتن موجب شاهه بلاول نوراني کان اڳ لاهوت گوڪل ۽ ٻين ديون، جنن ۽ ڀوتن جو آستان هو. شاهه بلاول پنهنجي علم، روحاني قوت ۽ ڪرامتن وسيلي انهن ديون ۽ جنن کي ڀڄائي، ماري مڃائي قيد ڪري لاهوت کي پنهنجي مستقل رهائش بڻايو، پنهنجي روحاني قوت ۽ ڪرامتن سان لاهوت ۾ پاڻي جا چشما وهايائين. هوريان هوريان ماڻهو سندس شخصيت، ڪرامتن ۽ غير معمولي عملن سبب مطيع ٿيڻ لڳا ۽ پهاڙن ۾ جيئي شاهه جبل ۾ شاهه، نوراني نور هر بلا دور جا نعرا گُونجڻ لڳا.
لاهوت:
لاهوت هڪ آبشار نما نهايت اوچي جبل تي غار وانگر جڳھ آهي، لاهوت قديم زماني کان جوڳين، سنياسين ۽ بزرگن جي چلاڪشي ۽ زيارت گاهه وارو آستان رهيو آهي. لاهوت واري ماڳ تي رسڻ نهايت مشڪل ۽ اوکو ڪم آهي، جبل کي اڀيون چاڙهيون آهن، ڪٿ ته لوهي ڏاڪڻون به لڳل آهن، لاهوت لامڪان، شاهه نوراني جي مزار جي ڏکڻ ۾ واقع آهي، اتي لاهوت واري غار تي رسڻ لاءِ ٻه رستا آهن، هڪ اتر کان ۽ ٻيو ڏکڻ کان وڃي ٿو، اتي اڄ به پاڻي ٿڻن نما جبلن مان هيٺ ڪرندو رهي ٿو، جنهن لاءِ روايت آهي ته اڳ اهو کير هو، پر هاڻ پاڻي ٿي ويو آهي، لاهوت لامڪان ۽ سيد بلاول شاهه نوراني جي علائقي ڏانهن ٻين علائقن کان رستا نڪرن ٿا، هڪ سيوهڻ شريف کان نئينگ شريف، نغاول کان اچي ٿو. ٻيو ڪراچي ناردرن باءِ پاس کان حب شاخ نوراني وڃي ٿو، ٽيون رستو ڪرچات کان به لاهوت لامڪان لاءِ نڪري ٿو، چوٿون رستو جوهي کان ٽنڊو رحيم خان لوهيءَ ۽ دريجي کان ٿيندو لاهوت وڃي ٿو.
حضرت آدم جي سجدي گاهه:
چون ٿا ته ڪائنات ۾ پهريون ماڳ لاهوت لامڪان جو جوڙيو ويو، ڪن روايتن ۾ آهي ته حضرت آدم کي هتي ئي لاٿو ويو هو، جنهن بارگاهه الاهيءَ ۾ سجدو ڪيو، انهيءَ سجدي واري جاءِ تي سجدي گاهه جوڙيل آهي جنهن کي حضرت آدم جي مسجد به چيو وڃي ٿو، هيءُ سجدي گاهه لاهوت واري غار جي رستي ۾ آهي.
مزار شريف:
سيد بلاول شاهه نوراني المعروف سيد بلاول شاهه يا بابا نوراني جي درگاهه بلوچستان جي ضلعي خضدار جي تعلقي وڍ ۾ پٻ جبل جي جابلو سلسلي جي خوبصورت واديءَ ۾ نئين جي ڪپ تي هڪ اوچي ٽڪريءَ تي واقع آهي، جنهن کي چوڦير جبل ۽ وڻڪاري گهيريل آهي، هيءُ مزار عمارت سازيءَ جو هڪ اعلى مثال آهي، مزار ڏانهن رستو محبت فقير جي درگاهه کان نڪري ٿو، جيڪو نئين جي ڪناري سان وڃي ٿو ۽ مزار وٽ نئين پار ڪرڻ لاءِ پل به تعمير ٿيل آهي، رستي ۾ هڪ ٽڪريءَ تي رحيم شاهه نالي بزرگ جو مزار پڻ اچي ٿو، هن وقت سواري لاءِ ڪيڪڙا به هلن ٿا، ماڻهو پيادل به وڃن ٿا ته ڪي پنهنجين سوارين ۾ مزار تائين پهچن ٿا، نئين ۾ قدرتي چشمن جو پاڻي دائمي وهندو رهي ٿو، جنهنڪري نئين اندر ٻين ميون جي وڻن جي ڀيٽ ۾ کجيءَ جي وڻن جي گهڻائي آهي. مزار سان گڏ مسجد ۽ قبرستان پڻ آهي، شاهه نوراني ويجهو مائيءَ جو ڳوٺ نالي بستي آهي، جتان روزانو وڏي تعداد ۾ ماڻهو اچن ٿا ۽ حاضري ڀرين ٿا، هونئن به شاهه نوراني تي زيارتين جي پِيھ لڳل هوندي آهي.
چون ٿا ته جتي نوراني سرڪار جي مزار آهي اتي پهريان پرين جو باغ هوندو هو.
عرس مبارڪ:
سيد بلاول شاهه نوراني جي عرس جي موقعي تي سڄي ملڪ منجهان ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن، عرس هر سال 09 رمضان تي منعقد ٿيندو آهي ۽ 03 ڏينهن جاري رهندو آهي، هر مذهب جا عقيدتمند شريڪ ٿيندا آهن، ميلي ۾ بازارون به لڳنديون آهن، هر طرف جيئي شاهه جبل ۾ شاهه، نوراني نور هر بلا دور جا نعرا گونجندا آهن.
اسان حضرت سخي سرڪار شاهه بلاول نوراني رح جي مزار جو ديدار ڪري دعا گهري ۽ اتي ئي سائينءَ جو تخت گاهه ۽ جنن، ديون ۽ پرين سان ڪچهري واري جاءِ به هئي، اتي ئي نورانيءَ جو مچ آهي جتي روٽ پچن ٿا ۽ في روٽ 50 روپين ۾ ملي ٿو، مزار کان اولھ طرف چڱي خاصي پنڌ تي چشمو به آهي جنهن کي گوڪل ديو جو کوهه به چون ٿا، هتي ئي روايتن موجب مولا عليءَ گوڪل سان جنگ ڪري کيس قيد ڪيو آهي ۽ اتي پٿرن تي ٺهيل نشانن کي مولا علي پاڪ جي هٿن سان منسوب ڪيو وڃي ٿو، جتي هڪ پٿر ديو جي شڪل جهڙو آهي جنهن لاءِ مشهور آهي ته اهو گوڪل ديو آهي، جيڪو پنڊ پهڻ ٿيل آهي (هتي سيڪيورٽي تي مامور محمد رفيق مينگل ٻڌايو ته هتي ئي گوڪل ديو پٿر ۾ قيد ٿيل آهي جنهن اشارن سان سڀ ڪجھ آسان ڪري سمجهايو) هن چشمي جو پاڻي مٺو، صاف ۽ ٿڌو آهي جيڪو پائيپن جي رستي درگاهه تائين پهچي ٿو (اسان چشمي جي ٿڌي پاڻي سان تڙ ڪيو) جڏهن ته چشمي جو پاڻي پٿرن مان وهندو برساتي ندي/نئين رستي محبت فقير جي درگاهه کان ڪراس ڪري اڳتي وڃي ٿو، جيڪو اڃيارن جي اڃ اجهائي ٿو، چشمي واري پاڻي تي کجيون ڪافي تعداد ۾ آهن، جن ۾ اڪثر نر کجي آهي، چشمي ۾ هڪ ئي جنس واريون لاتعداد مڇيون هيون، جن کي پڪڙي کائڻ جي منع ٿيل آهي، ان کانسواءِ هتي مزار تي انب (انبن ۾ انبڙيون هيون)، ڄمون، سنڌي ۽ انگريزي ٻٻر، پپر، بڙ، ٿوهر ۽ گدامڙي وغيره جا وڻ ڪافي تعداد ۾ هئا، ان کانسواءِ هتي پکين ۾ مور، ڪاز ۽ بدڪ به وڏي تعداد ۾ موجود هئا. مون اتان بائيڪ يونيڪ KKW 4322 لاءِ ڳانا به ورتا.
مزار جي ڏاڪڻين تي به سيڪيورٽي سخت هئي اتان معلوم ڪيم ته مزار رات جو 10 بجي بند ٿيندي ۽ صبح جو آذانن سان کلندي آهي.
هي مزار نهايت ئي اوچن جبلن جي وچ ۾ آهي ۽ ڪتابن ۾ ڪاتب لکن ۽ راوين جي روايتن ۾ آهي ته نوراني جي مزار پٻ ۽ هاڙهي جبلن جي قطارن جي وچ ۾ آهي، پٻ ۽ هاڙهي جو تعلق سسئي جي سرن ۾ شاهه لطيف ڪافي ڀيرا استعمال ڪيو آهي.
اسان جيئن ته رات رهڻ جي ارادي سان ويا هئاسين، ان ڪري مزار جي سامهون ۽ ويجهو ئي رهڻ لاءِ هڪ ٿلهي تي جاءِ ملي وئي ۽ سڄي رات سڪون سان گذاري سين ۽ اتي ئي هوٽل واري کان ماني گهرائي کاڌي جتي دال چڻا 150، ماني 25 ۽ چانهن جو ريٽ 50 روپيا هو.
اهڙيءَ ريت سومر 24.04.2023 تي صبح جو 05:30 تي واپس ڪراچي خاطر روانا ٿياسين، پر پارڪنگ مان بائيڪس ڪڍڻ به هڪ وڏو مسئلو هو، ڇو ته عقيدتمندن جي پيھ هئي، پير پائڻ جي جاءِ نه هئي، وڏي مشڪل سان گاڏي ڪڍي، پر اتان کان محبت فقير تائين پهچڻ ۾ 10 منٽن جو سفر 02 ڪلاڪن ۾ طئه ڪيوسين.
ان وقت اڃ به ڏاڍي لڳي هئي، چانهن جي طلب الڳ، سو محبت فقير کان روانا ٿي ڪري، اڳڀرو هلي بروهي چوڪ وٽ دبئي هوٽل تي بريڪ ڏني، ان وقت صبح جا 08:40 ٿيا هئا، ناشتي بعد تازا توانا ٿي ڪري سڌو اچي آيان پير جلالي وٽ ساهي کنئي، جتي خانو فقير جو مشهور هوٽل آهي هن اسٽاپ جي ويجهو نوراني طرف ويندڙ ۽ نوراني ڪراس ڏانهن ويندڙ رستي تي مختلف هنڌن ڪل 04 قبرستان آهن، جن جي قبرن ۽ مٿن نشانين منجهان ايئن ٿي لڳو ته ڄڻ ڪافي قديم هجن ڇو ته قبرون ڪافي پراڻي دور جون ٿي لڳيون، ها هونئن به هي علائقو ڪافي قديم ۽ قافلن جو لنگھ پڻ رهيو آهي.
ان طرح واپسي تي نديون ۽ جبلن جون لاهيون چاڙهيون لنگهي ڪري اچي نوراني ڪراس وٽ مڊوي ريسٽورينٽ بجاءِ رضا خان هوٽل تي بريڪ ڏني، ڇو ته مڊوي تي رش هجڻ سبب ويهڻ جي جاءِ ئي نه هئي ۽ ان وقت ڏينهن جا 10:45 ٿيا هئا ۽ ماني جو ڪل بل 1300 روپيا آيو، جتي ڪجھ وقت ٿڪ ڀڳوسين ۽ پوري 12:00 ڪراچي جو رخ ڪيوسين.
نوراني ڪراس بعد عباس هوٽل وٽ جتان رستو سسئي پنهونءَ جي مزار طرف ٿي ويو، اتي ساهي ڪئي ۽ ڀرسان ئي حب ڊئم مان نڪرندڙ واهه جيڪو اتان جون زمينون آباد ڪري ٿو ۽ ڪراچي شهر کي پيئڻ جو پاڻي ميسر ڪري ٿو، ان ۾ وهنجي قرار ڪيوسين جڏهن ته ان ساڳي واهه تي مختلف ماڻهن جا هجوم ۽ نورانيءَ سرڪار جا پانڌيئڙا پڻ لٿل هئا جيڪي گرمي ۾ ٿڌي پاڻيءَ جو مزو حاصل ڪري رهيا هئا ۽ اهڙي ريت هڪ اندازي موجب ايندي ويندي 400 ڪلوميٽرن جو سفر ڪري شام ڌاري خير خيريت سان پوري 04:45 تي گهر پهچي سفر جو ٿڪ ڀڃڻ خاطر آرام ڪيوسين. بائيڪ ۾ 2000 جو پئٽرول ڀرايو هئم جيڪو واپسي تي چيڪ ڪيم ته تيل بچت ۾ هو.
آخر ۾ اميد ته ٻين سفرنامن وانگر هي سفر به اوهان کي پسند آيو هوندو، پر جي ڪا ڪمي ڪوتاهي هجي ته رهنمائي ضرور ڪندا مهرباني ٿيندي.
مدد: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
***