ٿر جي مٽي جينئس ٻارن کي جنمي ٿي!

تعليم جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته سڄي سنڌ جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪنهن کان به ھرگز گهٽ نه آهن. اتر، وچولو ۽ لاڙ ناياب هيرن سان ڀريا پيا آهن، پر ٿر انهن سڀني ۾ مثالي آهي. ٿر جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون تعليم جي کيتر ۾ سنڌ جي باقي ٻين علائقن کان اڳتي آهن. ائين به ڪونهي ته ڪو لاڙڪاڻي، خيرپور ۽ شڪارپور ۾ ٽئلينٽ جي اڻاٺ آهي… يا نوشهروفيروز، نوابشاھ ۽ هالا ۾ ٽئلينٽ جي کوٽ آهي… يا ٺٽو، بدين ۽ سجاول ۾ ٽئلينٽ جو ڏُڪار آهي… اتر سنڌ جي نوجوان کي ڪيمسٽري ۾ دريافت/تجربي تي چين جو اعليٰ ايوارڊ ملي ٿو… لاڙڪاڻي جو نوجوان ڪورونا جي ڏينهن ۾ آمريڪا ۾ اهڙو پورٽيبل ڊوائيس ٺاهي ٿو، جيڪو ڪورونا جي مريضن جي ٽيسٽ سيڪنڊن ۾ ڪري اتي جو اتي نتيجو ٻڌائي ٿو… (ڊونلڊ ٽرمپ ان ڊوائيس جو افتتاح ڪري ٿو) وبا جي ڏينهن ۾ سيوهڻ جو نوجوان وينٽيليٽر ٺاهي ٿو… سڪرنڊ جي ڇوڪري ننڍي عمر ۾ACCA جو امتحان پاس ڪري، دنيا ۾ عالمي رڪارڊ قائم ڪري ٿي… سانگهڙ جي سنڌي نياڻي TED Talks جهڙي عالمي فورم تي ڳالهائي ٿي… سڪرنڊ جي ڇوڪري چوڏهن پندرهن سالن جي عمر ۾ انگريزيءَ ۾ شاعريءَ جو ڪتاب لکي ٿي… ٿر جو راهل ڀيل پائليٽ بڻجي وڃي ٿو… ٿر جون ميگهواڙ ڇوڪريون دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اعليٰ تعليم پرائين ٿيون… عمرڪوٽ جو رابندر ڪمار هنگري ۾ اسڪالرشپ تي پڙهي ٿو… سنڌ ۾ واقعي به ٽئلينٽ جي ڪمي ڪونهي. هي مٿيان چند مثال آهن، پر اهڙا سوين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون آهن، جن پاڻ ملهايو آهي.

ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ منهنجي ھڪ دوست ٻه سال پهريان نهايت ئي دلچسپ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالھ مون سان شيئر ڪئي هئي. ھن ٻڌايو تہ سندن پاسي صرف هڪ ڳوٺ مان 15 کان 20 ڇوڪرا دنيا جي مختلف ملڪن ۾ دنيا جي بھترين درسگاھن ۾ اسڪالرشپ تي اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.

ڪجھ عرصو اڳ ان تي مون سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ رکي هئي، جنهن ۾ مون لکيو هو ته ”سوچيان پيو، ائين ڇو آهي، جو ٿر پاسي جا نوجوان سهولتون نه هئڻ جي باوجود به دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اتر ۽ وچولي سنڌ جي نوجوانن جو تعداد ٿر جي نسبت سهولتون هجڻ باوجود به گهٽ آهي؟“ ان تي ڪافي دوستن ڪم جون ڳالهيون ڪيون هيون. انهن مان چند اوهان سان ونڊجن ٿيون.

 ٿر جي ٻارن ۾ Talent آهي. ٿرين ۾ حيرت انگيز Memory Power ڏٺو ويو آهي، جيڪو دنيا ۾ ورلي ڪنهن برادري ۾ هجي.

ٿر جي ماڻهن ۾ جُستجو جي وڏي تڙپ آهي.

جيڪي ٻار مشڪلاتن ۾ جنم وٺندا آهن، انهن جا مقصد وڏا هوندا آهن. ٿر جي ٻارن جو مثال اسان جي سامهون آهي. غربت، ناجائزي، مجبوري ۽ احساس محرومي اهو ڪجھ سيکاريندي آهي، جو ڪو به وڏي کان وڏو تعليمي ادارو به نه سيکاري سگهندو آهي. آرام ۽ آسائشون ماڻهن کي ناقص ۽ سست ڪن ٿيون. سهولت نه هجڻ باوجود به محنت ڪري عروج تي پهچڻ ۾ جيڪو مزو آهي، اهو دنيا جي ٻي ڪهڙي به شيءِ ۾ نه آهي. جتي سختي هوندي آهي، اتي محنت جي جستجو به هوندي آهي. جتي سهولت ۽ نرمي هوندي آهي، اتي نيستي ۽ آرام پسندي هوندي آهي.

ٿرين وٽ سواءِ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ سخت محنت ڪرڻ جي ٻيو ڪو به اختيار ناهي. جڏهن ته اتر يا وچولي سنڌ جي نوجوانن وٽ گهڻا آپشن ۽ موقعا مثال جي طور بزنس ڪرڻ، زمينداري ڪرڻ وغيرہ جا موجود ھوندا آھن. ٿرپارڪر ۾ پاڻي، اٽي، لٽي ۽ اجهي جي اڻاٺ ضرور آهي، پر ٽئلينٽ جي کوٽ بلڪل به نه آھي. توهان ٿر جي ڪهڙي به هنڌ وڃو، اتي ڪنهن شاعر، مصور، فنڪار، ڪاريگر، سگهڙ، ليکڪ، جينئس شاگرد ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن سان ملاقات ضرور ٿيندي. چوندا آھن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. ٿر ۾ سواءِ تعليم جي ٻيو ڪو وسيلو نه آهي. ڏيپلي جو ماڊل انهن ٻارن جي اڳيان آهي. ٻي ڀلي ڳالھ اها آهي ته ٿر ۾ چڱي ڳالھ share ڪئي وڃي ٿي. ٽئلينٽ سان سڄي سنڌ ڀري پئي آهي، پر ٿر جا شاگرد جن حالتن ۽ ڏکيائن کي منهن ڏين ٿا، انهن وٽ سخت محنت ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه آهي. ٿري لوڪن/ٻارڙن جي علم سان چاھ جي تڙپ ڏسڻ وٽان آهي. ٿر جي ڀيٽ ۾ اتر يا وچولي سنڌ جي شاگردن جي اڪثريت ماني مڇي واري آهي، سو اهي شاگرد ٿر وارن جي ڀيٽ ۾ گهٽ محنت ڪن ٿا، ڇاڪاڻ جو کين مائٽن طرفان هر آسائش مهيا ڪئي وڃي ٿي. ماضيءَ ۾ ٿر، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ هڪ ئي ضلعو ”ٿر“ جي نالي سان سڏبو هو. ٿر هڪ باراني علائقو آهي، اتان جي زندگي سخت ۽ ڏکي آهي. ٿر جو ماڻهو صدين کان ڏڪار جي ڪري لڏپلاڻ ڪندو رهيو آهي. انهيءَ ڪري منجهس سخت حالتن سان مقابلو ڪرڻ جي طاقت يا صلاحيت هوندي آهي. انهيءَ ڪري هو پري وڃڻ کان ڪونه لنوائيندو آهي. جيتوڻيڪ ان کي پنهنجو ٿر وڻندو آهي، پر هو مجبوريءَ جي ڪري پري ويندو آهي ۽ ٿر موٽڻ لاءِ وسڪارو ئي ڪافي هوندو آهي. ٿر ۾ هو زندگيءَ جون تلخ يا ڪڙيون حقيقتون ڏسندو آهي، انهيءَ ڪري هن لاءِ ڪجھ وڌيڪ ڪرڻ جي جستجو باقي رهندي آهي. ٻين علائقن جي ماڻهن کي ٿر جي ماڻهن جي مسئلن جو اندازو ئي ڪونه ٿو هجي، لڳاتار تڪليفون ۽ محروميون شين جو قدر ڪرڻ سيکارين ٿيون. غربت ماڻهوءَ کي جفاڪش بڻائي ٿي. ٿري شاگردن کي بهترين گائيڊ ڪرڻ وارا استاد مليا آهن. ڪو دور هو، وچولي يا اتر سنڌ جا استاد آدرشي ۽ رول ماڊل هئا. انهن جي محنتن سان سنڌ جا وڏا نالا پيدا ٿيا. استاد اگر اڄ به رول ماڊل هجي ته پوءِ سڄي سنڌ هيرن سان ڀري پئي آهي، ڪو پالش ڪري چمڪائڻ وارو هجي. ٿر ۾ سهولتن جي اڻاٺ آهي. اتي جا ماڻهو تڪليف واري زندگي گذارين ٿا ۽ انهن کي ٻيو ڪو به متبادل نظر ڪونه ٿو اچي. بک بدحالي آهي، جيڪا ٿر جي ماڻهن کي جستجو، جاکوڙ ۽ سخت محنت ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي ۽ زندگيءَ ۾ هميشه اهو ماڻهو ڪامياب رهي ٿو، جيڪو ٻيڙا ساڙي اڳتي هلي ٿو، باقي ان جي برعڪس سڄي سنڌ ۾ ٽئلينٽ جي ڪمي ڪانهي، پر اتر يا وچولي سنڌ جو نوجوان ٿر وارن جي ڀيٽ ۾ اوتريون تڪليفون ڪونه ٿو ڏسي، هن لاءِ زندگي آسان آهي، ڇو ته سندس وٽ کوڙ سارا موقعا آهن، اوڏانهن نڪري وڃي ٿو. مٿين ڳالهين مان ڪافي شيون چٽيون ٿيون ته ٿر جا ٻار تعليم جي کيتر ۾ اڳتي ڇو ۽ ڪيئن آهن. ٿر جي نوجوانن ۾ واقعي به وڏو ٽئلينٽ آهي. محدود وسيلن باوجود به نوجوانن ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ڪجھ ڪرڻ جي جستجو، جذبو ۽ تمنا موجود آهي. ٿر جو نوجوان چاهي ڪراچي، لاهور، برلن، شنگهائي، اوساڪا، سڊني، شڪاگو يا جڪارتا ۾ هجي، پر سندس پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجن ماڻهن، پنهنجي ڳوٺ، ريتن رسمن ۽ راسوڙن سان سندس اُنس سوايو آهي. سندس پاڙون ڌرتي ۾ کتل آهن. ٿر جي نوجوانن ۾ ڪجھ ڪري ڏيکارڻ جي تڙپ بلا جي آهي. نوجوانن ۾ چٽاڀيٽي به واھ جو آهي ۽ سندن ڪامن سينس به قهر جو آهي. منهنجي خيال ۾ ٿر جي محنتي استادن، سگهڙن ۽ ليکڪن جو ڪردار به اهم آهي. ٿر ۾ نوجوانن کي اتساھيندڙ انيڪ ڪردار رهيا آهن. نوجوانن جي ڪائونسلنگ ڪرڻ وارا موجود آهن. ڏاهپ ۽ علم نوجوانن ۾ ونڊجي ٿو. حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ نجي هاسٽلن يا فليٽن تي رهندڙ ٿر جي شاگردن وٽ هر ٻئين ٽئين مهيني ٿر جا ساڃاھ وند، استاد ۽ ليکڪ چڪر هڻي ويندا آهن ۽ کين مالي سهائتا سان گڏ گائيڊ به ڪندا رهندا آهن. وڏي ڳالھ ته ٿر ۾ هڪ به مڪمل يونيورسٽي نه هئڻ باوجود به ٿر جي نوجوانن پنهنجي ٽئلينٽ جي آڌار تي پاڻ ملهايو ۽ مڃايو آهي… ۽ ها، ٿر جي مٽي واقعي بہ جينئس ٻارن کي جنمي ٿي.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments