بلاگڪرنٽ افيئرز / حالات حاضرهنئون

خالي آکيري جي اداسي

اولاد جنھن ۾ پٽ جڏھن جوان ٿي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پنھنجي روزگار لاءِ ۽ ڌيئرون شادي کانپوءِ گھر ڇڏي ھليون وڃن ٿيون ته والدين اداس ٿي وڃن ٿا. اولاد جي پيدائش کانپوءِ عام طور والدين ۽ خاص ڪري ماءُ ايتري گھڻي مصروف ٿئي ٿي جو هوءَ پنھنجو پاڻ کي به وساري ڇڏي ٿي. تيزي سان گذرندڙ وقت جي ڪري خبر ئي نٿي پوي ته ڄاول ٻار سان  صبح کان وٺي رات تائين مليل مصروفيتون جيڪي ٻار جي جسماني ضرورتن کي پوري ڪرڻ ۾ جنھن ۾ ٻار جي کاڌي، آرام۽ صفائي سٿرائي جو خيال رکڻ ۽ ٻار جي اسڪول وڃڻ کانپوءِ سندس سماجي ۽ نفسياتي ضرورتن جو خيال رکڻ به سندن ذميدارين ۾ شامل ٿي ويندا آھن. ھي سڀ ڪم والدين وڏي شوق ۽ چاھ سان ڪندا آھن. شديد ٿڌ ۾گرم بستري مان ھڪ ماءُ ئي اٿي پنھنجن ٻچن لاءِ کاڌو تيار ڪري ٿي کين اسڪول، ڪاليج، ۽ يونيورسٽي وڃڻ لاءِ تيار ڪري ٿي ۽ ساڳئي ريت ھڪ پيءُ جو ڪردار به اولاد لاءِ تمام اھم آھي، ھو پنھنجن ٻچن ۽ ٻين گھر ڀاتين لاءِ  روزي ڪمائڻ لاءِ ٿڌ ۽ گرميءَ جي پرواہه نه ڪندو آھي. ھنن سڀني فرضن کي پيار ۽ شوق سان ڪندي کين خبر ئي نٿي پوي ته ڪڏھن سندن ڪارا وار اڇا ۽ طاقتور جسم ڪمزور ٿيو وڃن. کين انھيءَ ڳالھ جو اندازو تڏھن ٿئي ٿو جڏھن سندن اولاد جوان ٿي پنھنجن پيرن تي بيھي ٿو، نياڻيون شادي ڪري گھر مان ھليون ٿيون وڃن ۽ پٽ روزگار لاءِ يا شادي ڪرڻ کانپوءِ الڳ رھن ٿا يا جيڪڏھن الڳ نه به رھن ٿا ته به ماءُ کي پنھنجن ڪمن لاءِ نه سڏيندا آھن، بلڪه پنھنجي گھرواري کان پنھنجا ڪم ڪرائيندا آھن. زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ کين خبر ئي نه پوندي آھي ته ڪڏھن سندن ٻچن کي پر لڳا ۽ ھاڻي ھو اڏامڪ ٿي اڏري ويا ۽ سندن آکيرو خالي ٿي ويو. ھر ماڻھو کين آرام ڪرڻ جو مشورو ڏيندو، سندن وڏي عمر جو ٿي وڃڻ جو احساس ڏياريندو ٻين لفظن ۾ کين اھو محسوس ڪرائيندا ته ھاڻي اوھان ڪنھن به ڪم ڪرڻ جي لائق نه آھيو. اھڙن دل ڏکوئيندڙ ۽ ھمت کي گھٽائيندڙ روين جي ڪري ھو “ايمپٽي نيسٽ سنڊروم” ھڪ نفسياتي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويندا آھن. شادي ڪرڻ کانپوءِ يا روزگار جي ڪري اولاد جو گھر ڇڏڻ ھڪ قدرتي عمل ۽ واڌ ويجھ جو حصو آھي. ڪيترن والدين کي ھيءَ تبديلي مثبت لڳندي آھي کين ائين لڳندو آھي ته سڄي جواني ٻارن لاءِ وقف ڪري ڇڏي ھاڻي جڏھن ھو پنھنجي زندگي پاڻ گذاري ٿا سگھن ته ڇو نه ھو پنھنجو وقت پنھنجي لاءِ گذارين، پنھنجا پسنديدہ ڪم ڪن، پنھنجن دوستن سان وقت گذارين، پنھنجي مرضيءَ سان گھمن ڦرن انجواءِ ڪن، زال ۽ مڙس به ٻارن جي فرضن کان فارغ ٿي پوڙھائپ ۾ ھڪٻئي کي صحيح وقت ڏئي سگھندا آھن ۽ ڪيترن والدين لاءِ ھيءَ تبديلي منفي ھوندي آھي، جنھن سان گڏ ھلڻ کين انتھائي مشڪل لڳندو آھي. ايمپٽي نيسٽ سنڊروم جو نظريو 1914 ۾ ڊورٿي  ڪين فيلڊ ڏنو. ھن جي نظريي مطابق ايمپٽي نيسٽ سنڊروم اھڙين ڪيفيتن جو مجموعو آھي جيڪي تڏھن شروع ٿين ٿيون جڏھن والدين پنھنجي اولاد جي پرورش جو فرض مڪمل ڪن ٿا. ھي دراصل ھڪ گھريلو زندگيءَ جي اولاد جي پرورش کانپوءِ واري زندگي طرف منتقليءَ جو سفر آھي. ھن جون علامتون شروعات ۾ شناخت نٿيون ٿين ۽ گھڻو ڪري نظر انداز ٿين ٿيون. گھڻي قدر رٽائرڊ ماڻھو ايمپٽي نيسٽ سنڊروم ۾ مبتلا ٿين ٿا. شروعات ۾ والدين جي پنھنجي اھا خواھش ھوندي آھي ته سندن اولاد خود ڪفيل ھجي پنھنجو بار پاڻ کڻي، پر حقيقت ۾ جڏھن ائين ٿئي ٿو ته کين تمام گھڻو تڪليفدہ محسوس ٿئي ٿو. گھڻي قدر ماءُ جيڪا مستقل ناشتو ٺاھي ڏيڻ کان وٺي ڪپڙا استري ڪري ڏيڻ تائين پنھنجي اولاد لاءِ دل ۽ جان سان مصروف رھي ھجي ۽ اوچتو اھا دل گھري مصروفيت کسجي وڃي يا ختم ٿي وڃي ته کيس پنھنجي زندگيءَ ۾ ھڪ خلا محسوس ٿيندو آھي. خاص طور سان اھي والدين جن جو صرف ھڪ ٻار ھجي ايمپٽي نيسٽ جو گھڻي قدر شڪار ٿين ٿا. انھيءَ تبديلي جي ڪري والدين پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندا آھن، جنھنڪري ھو افسردہ ۽ تنھائي پسند ٿي ويندا آھن. ڪجھ والدين کي گھر ۾ اڪيلائي ۽ اولاد جي غير موجودگي جي ڪري ڊپريشن ۽ اينگزائٽي جون علامتون ٿينديون آھن. پوري دنيا ۾ والدين جي شناخت اولاد جو خيال رکڻ ۽ کين پالي تاتي وڏو ڪرڻ جي طور تي ٿئي ٿي ۽ جنھن کي ھو پنھنجي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو محرڪ ۽ مقصد سمجھندا آھن. جڏھن ٻار ڪنھن سبب جي ڪري والدين جو گھر ڇڏي الڳ ٿين ٿا ته والدين کي پنھنجي زندگي بي معنيٰ، بي سبب لڳندي آھي، کين ائين لڳندو آھي ڄڻ ھو پنھنجي شناخت وڃائي ويٺا ھجن. ايمپٽي نيسٽ سنڊروم حقيقت ۾ ويسٽ جو نظريو ھو جتي والدين کي يا ته اولاد جوان ٿيڻ کانپوءِ ڇڏي الڳ گھرن ۾ شفٽ ٿيندا آھن يا کين اولڊ ھوم ۾ موڪلي ڇڏيندا آھن، پر اوڀر ۾ ڇو ته ڪليڪٽوزم آھي جنھن ۾ گڏجي رھڻ ھڪٻئي جي ڏک سک ۾ شامل ھجڻ، خوشين جو مطلب ۽ مقصد ساڳيو ۽ گڏيل ھجڻ آھي. جڏھن ته اولهه انڊويجولزم تي يقين رکي ٿو جنھن ۾ ھر فرد پنھنجي زندگي جو پاڻ ذميدار آھي. اولاد جوان ٿيڻ کانپوءِ پنھنجي زندگيءَ جا فيصلا پاڻ ڪندو ۽ ھو ٻڍڙن والدين کي به پنھنجي ذميداري نه سمجھندو کين اولڊ ھوم موڪلي يا کين گھر ۾ اڪيلو ڇڏي مدرز ڊي يا فادرز ڊي تي سال ۾ فقط ھڪ دفعو هنن سان ڏينھن ملھائي پوءِ سڄو سال پنھنجي مرضيءَ سان گذاريندا آھن، پر گذرندڙ وقت سان پاڪستان سميت ڪيترن ئي ايشيائي ملڪن ۾ انڊويجولزم عام ٿي ويو آھي. ڌيئرن کان علاوہ پٽ به شادي کانپوءِ الڳ رھڻ کي ترجيح ڏين ٿا. ايمپٽي نيسٽ سنڊروم کان بچڻ لاءِ پنھنجي جواني ۾ ئي سياڻا ماڻھو پلاننگ ڪري ڇڏيندا آھن، عبادت ڪرڻ، پنھنجن دوستن سان ھميشه ڏکن سکن ۾ ساٿ رکي، مٽن مائٽن سان ميل ملاقات جاري رکي، ڪنھن آرگنائزيشن جي ميمبرشب وٺي يا ڪنھن فلاحي اداري سان گڏجي ڪم ڪرڻ، پنھنجي صحت جو خيال رکڻ، روز ھلڪي ورزش، واڪ، باغباني لکڻ پڙھڻ جھڙيون مثبت مصروفيتون پوڙھائپ ۾ اداسي، تنھائي ۽ اڪيلائيءَ کان بچائي سگھن ٿيون. اڪثر گڏيل خاندانن ۾ ڏاڏو يا ڏاڏي پوٽن ۽ پوٽين لاءِ چاڪليٽس، بسڪيٽس يا ڪينڊيز جو وڏو ذخيرو رکندا آھن ته جيئن ٻار شين جي لالچ ۾ هنن وٽ اچن يا کين مزيدار آکاڻيون ٻڌائي کين پنھنجو دوست بڻائيندا آھن.

***