بلاگنئون

گرين انيشيٽو پاڪستان غير قانوني ۽ غير آئيني منصوبو؟

با ذريعن مان خبر پئي آهي ته حڪومت پاران گرين انيشيٽو پاڪستان جي نالي تي بدين ضلعي جي ساحلي پٽي جي علائقي احمد راڄو ۽ ٻين هنڌن جي ماڻهن کي جبري طور بي دخل ڪرڻ جو پلان ٺاهيو ويو آهي ۽ سنڌ جي 52 هزار ايڪڙ زمين گرين انيشيٽو کي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏني پئي وڃي، انهيءَ منصوبي تحت دادو ضلعي اندر گورک هل اسٽيشن سوڌو ڪاڇي جي 10 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ان منصوبي تحت 5600 ايڪڙ زمين هڪ بااثر شخص کي ڏني وئي آهي، باقي زمين لاءِ به شروعاتي خاڪو تيار ڪيو ويو آهي.

ڪاڇي ۾ گورک ھل اسٽيشن، گاج ڊئم سميت جابلو پٽي ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا موجود آھن، ڪاڇي جي زمين گرين انيشيٽو کي ڏيڻ لاءِ گذريل ڏينهن ٽيم کي پهچي زمين جي سروي ڪرڻي هئي، پر ٽيم نه پهتي. ان حوالي سان سنڌ حڪومت جي روينيو کاتي جي ايس او پاران 31 ڊسمبر تي جاري ڪيل ليٽر ۾ گرين پاڪستان جي ٽيم جي دوري لاءِ شيڊيول جاري ڪيو ويو ويو هو، ليٽر مطابق ڊپٽي ڪمشنر دادو به پھرين جنوري تي جاري ٿيل ليٽر نمبر 01 مطابق ايس ايس پي دادو، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر، ايگزيڪيٽو انجنئير، آبپاشي اسسٽنٽ ڪمشنر دادو، جوھي، مختيارڪار دادو، جوھي کي ليٽر جاري ڪري ٽيم کي سيڪيورٽي ۽ سھولتون ڏيڻ جي ھدايت ڪئي هئي، ڊي ايس پي جوھي نظير ملاح موجب پوليس الرٽ آھي، شيڊيول ڪٿي ڪٿي آھي ان بابت وزيٽر ايندا ته خبر پوندي. ڪاڇي ۾ زمين گرين پاڪستان ڪمپني کي ڏيڻ واري معاملي ۾ ڊپٽي ڪمشنر دادو سوشل ميڊيا ذريعي بيان جاري ڪرايو، جنهن ۾ چيو ويو ته گورک ھل اسٽيشن جي زمين ڏني وئي آھي، باقي ڪاڇي ۾ ڪٿي به زمين ڏيڻ جي خبرن ۾ ڪابه صداقت ناھي. ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر دادو جاري ڪيل ليٽر نمبر-1 تاريخ 01 جنوري جي سبجيڪٽ ۾ روينيو جي ايس او جي ليٽر جو حوالو ڏيندي روينيو عملدارن کي ڪمپني جي نمائندن کي مڪمل سھولتون فراھم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو هو. ليٽر جي سبجيڪٽ ۾ 52700 ايڪڙ زمين گرين انيشيٽو کي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ جو ڄاڻايل آھي.

ذريعن موجب منصوبي تحت دادو ضلعي اندر گورک هل اسٽيشن سوڌو ڪاڇي جي 10 هزار ايڪڙ زمين ڏني ويندي، ذريعن موجب 5600 ايڪڙ زمين ليز تي هڪ بااثر شخص کي ڏني وئي آهي، جنهن ۾ گورک هل اسٽيشن به شامل آهي، باقي زمين لاءِ به شروعاتي خاڪو تيار ڪيو ويو. ذريعن موجب ڪاڇي جون 3 ديهون طوق قاسم، پَٽ سليمان- ون ۽ پَٽ سليمان- ٽو جي زمين ڏني ويندي. ذريعن موجب ديھن جا نقشا ايراضي جي ماپ جا پلان تيار ڪري روينيو کاتي کي ڏنا ويا آھن. موجوده جمهوري حڪومت مارشل لا کان به وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي رهي آھي. هن کان اڳ سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنالن واري معاملي تي اڃان  سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي ته مٿان وري پيپلزپارٽي سنڌ جون زمينون وڪرو ڪري سنڌ دشمني منصوبو تيار ڪيو آهي.

اهو سڀ ڪجهه صدارتي محل مان 8 جولاءِ واري فيصلي جي روشنيءَ ۾ ٿي رهيو آهي. صدر زرداريءَ کي بلاول ڀٽو لاءِ وزارت عظميٰ وٺڻ عيوض سنڌ کي وڪرو ڪرڻ جي حڪمت عملي ٺهي رهي آهي. جڏهن ته اڳ ئي ملڪ رياض طرفان بحريه فائونڊيشن جي نالي تي اڌ سنڌ سندس قبضي ۾ آهي جنهن مان هن کربين رپيا ڪمائي ملڪ کان ٻاهر پنهنجون ملڪيتون پيو ٺاهي. مٿان وري گرين پاڪستان انيشيٽو پاڪستان کي سرسبز ڪرڻ لاءِ نه پر پاڪستان جي هڪ يونٽ کي بنجر بڻائڻ لاءِ آھي، سنڌ جي ماڻهن کي طاقت جي زور تي بي دخل ڪيو پيو وڃي.

هڪ طرف اهي نوان نڪرندڙ 6 ڪئنال سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪندا ته ٻئي طرف وري سنڌ جون زمينون نيلام ڪري سنڌين مٿان ڌارين جي حڪمراني ڪرائڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي. وري منافقي وارو ڪردار اپنائي سنڌين کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت پنهنجي سنڌ جي ماڻهن سان اهڙو ناروا سلوڪ ڪندي ۽ ملڪيتن تي ڌارين جو قبضو ڪرائيندي ته سندن مستقبل به محفوظ نه رهندو جيڪو تجربو ماضيءَ ۾ ڏسي چڪا آهيون، ان ڪري پيپلزپارٽي کي صدر زرداري کان اهو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي ۽ وفاقي حڪومت تي دٻاءُ وجهي نه ته ٻي صورت ۾ وفاق کان الڳ ٿي وڃي ۽ سنڌ اسيمبليءَ مان واضح طور تي انهن 6 ڪئنالن ۽ زمين جي وڪري خلاف ٺهراءُ پاس ڪري سنڌ جي ماڻهن سان گڏ بيهڻ جو اعلان ڪري، سنڌ جي زمين سنڌ جي ھارين جي زمين آھي، پر ظالم حڪمران سنڌ ۽ سنڌين سان وڏو ظلم ڪري رهيا آھن.

سنڌ جي آباديءَ جو ستر سيڪڙو ڪٽنب بنا ڪنھن زميني پلاٽ جي لڏپلاڻ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. ٻئي طرف زمين ڌارين کي ڏني پئي وڃي، اھڙي عمل تي ڪڏهن به قوم خاموش نه ويهندي. پيپلزپارٽي کي، سردارن، ڀوتارن، ميرن، نوابن، جاگيردارن واري سوچ کي تبديل ڪرڻو پوندو ۽ عوام جي سوچ کي سامهون رکي عوام جي ڀلائيءَ جا فيصلا ڪرڻا پوندا، پر جي سنڌ سان غداري ڪندا ۽ سنڌ جون زمينون وڪرو ڪندا ته کين ڳري قيمت چڪائڻي پوندي.

سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته بکيو شينهن پنهنجا ٻچا به کائيندو آهي، سو جڏهن حڪمران ڌرتيءَ تي رهندڙ لکين سنڌين کي بک ۽ بيماري ڏيندا ته هو حڪمرانن سان ڪا رعايت نه ڪندا. ان ڪري سنڌ جي حڪمرانن کي ڌرتيءَ واسين جي حق ۾ فيصلا ڪرڻ گهرجن ۽ سنڌ جي 52 هزار زمين گرين انيشيٽو کي ڪارپوريٽ فارمنگ وارو فيصلو واپس وٺڻ گهرجن. اها زمين سنڌ جي هارين ۾ ورهائي کين خوشحال بڻايو وڃي، پيپلزپارٽي جو نعرو اٽو، لٽو ۽ اجهو آهي، پر گذريل 18 سالن کان سنڌ صوبي تي حڪمراني پئي ڪري، پر ڪڏھن ٻٽو نظام ته ڪڏھن وري ڪارونجھر جي ڪٽائي، ڪڏهن ڪئنال ته ڪڏهن ٻيٽ پئي کپائي، جيڪو عمل نهايت ئي خطرناڪ آهي ۽ اهي سڀ عمل غداريءَ جي ذمري ۾ اچن ٿا. ان ڪري پيپلزپارٽي اقتدار خاطر سنڌ جي ماڻهن کان جيئڻ جو حق نه کسي، ڇوته هن وقت عام ماڻهو بک، بيروزگاري ۽ غربت سبب خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهي. ان ڪري حڪومت کي عام ماڻهو جي جياپي لاءِ سوچڻ گهرجي ۽ سنڌ دشمن منصوبن جو خاتمو آندو وڃي.