بلاگنئون

نذير حيدري جو لکيل ڪتاب “شڪارپور جي عزاداري” جو مختصر اڀياس

دينِ اسلام ۾ اھلبيت عليه سلام خاص طور ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ مظلومن سان ھمدردي ۽ ظالمن سان نفرت جا اظھار مختلف طريقن، ريتن رسمن ۽ رواجن سان ٿين ٿا. برصغير خاص ڪري سر زمينِ سنڌ ۾ مظلومن خصوصن حضرت امام حسين عليه السلام سان سندن طرفان يزيد خلاف حق جو آواز بلند ڪرڻ ۽ يزيدي حڪومت جي پرڪارن کي ڏسندي تسليم نه ڪرڻ تي يزيد ظلمتن جون غير انساني، غير شرعي، عرب جي رواجن ۽ جنگي اصولن جي سر عام ڀڃڪڙي ڪندي بيپناھ دردناڪ ظلم ٿيا. ايستائين جو ھٿيارن، گهوڙن بردارن جي يزيدي فوجي لشڪر سان حضرت حسين عليه السلام کي گهيري ۾ آڻي ڪربلا جي ميدان تي سندن پاڻي بند ڪري جنگ ڪئي وئي. قتل ڪيا ۽ سندن ڪنڌ ڪپي خوشيءِ وچان نيزن تي بلند ڪيا ويا خيمن کي باھيون ڏنيون، ھنن شھيدن ۾ اصحابي به ھئا، ٻارڙا، بزرگ به ماريا ويا، بيبين، عورتن، نياڻين سميت فرزندِ حسين بيمارِ ڪربلا امام زين العابدين کي قيدي بڻائي سخت اذيتناڪ تڪليفن واري سفر سان شام شهر جي دارالحڪومت “دمشق” ۾ يزيد سامهون پيش ڪيا ويا. سخت قيد خانن ۾ به ھنن قيدين جا ارادا ۽ فيصلا اٽل رھيا جو ھنن به سيد سجاد جي امامت ۽ قافلي جي سرواڻي ڪندڙ ڪربلا جي شير دل خاتون “سيده زينب” سلام الله عليها به قاتل يزيد کي تسليم نه ڪيو، پر ان خلاف حقيت تان پردو کڻي سچايون پيش ڪيون. المختصر! رسول ڪريم صلي الله عليه و آلهي وصلم جن جي گهراڻي جي اولاد ۽ اصحابي سڳورن سان اھڙي نفرتن ۽ ظلمتن واري سفر، جنگ ۽ قيد واري سخت ترين صعوبتن جي ياد کي دردن صدمن وچان “عزاداري” چئجي ٿو. عزاداري تي ڪيترائي مضمون، مجلسون ۽ ڪتاب لکيا ويا آھن ۽ لکجڻ وارو سلسلو جاري ڏسجي ٿو.

تازو پروفيسر ڊاڪٽر سيد فرمان علي شاھ جي ميزباني ھيٺ زوار نذير حيدري جو وڏي جفاڪشي سان تحقيق ڪيل ڪتاب “شڪارپور جي عزاداري” جي مھورتي تقريب 8 هين جنوري تي حيدرآباد ڪلب ۾ شانائتي انداز سان ڪئي وئي. ھن تقريب جو صدارتي مهمان سنڌي ادب جو روشن نالو سيد زوار نقوي جن ھئا. ڪلام پاڪ جي تلاوت سان پروگرام جو آغاز ڪيو ويو. سائين فرمان علي شاھ پاڪ قرآن مان سوره جي تلاوت فرمائي. ان بعد ناميارو اديب شاعر سليم چنا ڪتاب جي مضمونن ۽ ليکڪ جي ڪاوش تي تفصيلي ڳالهائيندي زوار نذير حيدري کي جس ڏني. مشھور ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو پنهنجن خيالن ۾ عزاداري جي اهم موضوع تي روشني وڌي. ان بعد تقريب جي ميزبان پروفيسر ڊاڪٽر سيد فرمان علي شاھ جن عزاداري جي مختلف دورن بابت معلومات سان مستفيض ڪيو.

هن چيو ته “عزاداري فقط شيعن جو ڪم ناهي، پر عزاداري ۾ ڪنهن نه ڪنهن ريت ٻيا مسلڪ ۽ ڌرم به شريڪ ٿين ٿا.” ان بعد ليکڪ زوار نذير حيدري پنهنجي لکيل ڪتاب “شڪارپور جي عزاداري” جي مقصدن جي ڏس ۾ ڪيترن مقامي ماڻهن سان ملاقاتون ڪري ايتري قدر وڏي عمر وارين عورتن کان به شڪارپور جي عزاداري بابت تفصيل وٺي ڪتاب ۾ درج ڪرڻ جو ذڪر ڪيو. جيئن تاريخ مرتب ٿيندي رھي. اھلبيت عليه سلام سان حب ۽ عقيدت رکندڙن کي ھن تاريخي دستاويز جو مطالعو ڪرڻ گهرجي. آخر ۾ نامياري ليکڪ سيد زوار نقوي پنهنجي صدارتي تقرير ۾ عزاداري جي مختلف مرحلن ۽ محبتن جو ذڪر ڪندي ان ۾ ڀرپور نموني سان شرڪت کي باعثِ ثواب قرار ڏنو. تقريب ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرض احساس دانش بخوبي ادا ڪيا.

ھن مختصر پروگرام ۾ نزاڪت علي فاضلاڻي، سيد طاھر علي شاھ، ميوزيشن استاد ذوالفقار علي، بشير خان جتوئي، نظير احمد ميمڻ ۽ ٻيا علمي مذھبي ۽ سماجي شخص شريڪ ٿيا. تحقيق سان مرتب ڪيل سھڻي جلد ۽ بهترين پيپر سان شايع ڪيل ڪتاب “شڪارپور جي عزاداري” جي قيمت پنج سئو رپيا رکي وئي آھي، جنهن کي پڙھڻ ۽ پنهنجين لائبريرين ۾ شاگردن جي مطالعي خاطر رکڻ جي گذارش ڪجي ٿي.