واپارين کي ڀڙڪائيندڙن خلاف سنڌ حڪومت ڪارروائي ڪندي: ناصر حسين شاهه

اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته واپارين کي قانون جي ڀڃڪڙي لاءِ ڀڙڪائڻ وارن خلاف سنڌ حڪومت ڪارروائي ڪندي. هن چيو ته جن دڪانن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي اهي ئي دڪان کوليا ويندا. هن چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي صحت تي ڪو سمجهوتو نٿي ڪري سگهي. ڪورونا وائرس هڪ حقيقت آهي ۽ اسان کي سوچڻ گهرجي. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسئيشن ۽ سنڌ صحت کاتي مطابق مئي جي وچ ۽ آخر ۾ ڪورونا ۾ واڌ اچڻ جو خدشو آهي، جنهن لاءِ اسان کي وبا کان بچڻ لاءِ صرف ۽ صرف احتياط ڪرڻو پوندو. ڪجهه ماڻهو هن وقت به سياست ڪري رهيا آهن، واپارين ۽ دڪاندارن کي مشڪل وقت ۾ حڪومت خلاف ڀڙڪائي رهيا آهن. انهن کي سوچڻ گهرجي ته اهڙي طرح وبا پکڙجڻ جو خطرو آهي. واپارين پاران واپاري مرڪز کولڻ لاءِ دٻاءُ آهي پر هن وقت ڪاروبار کولڻ جو فيصلو درست نه آهي. ڪاروبار يا معيشت بحال ٿي سگهي ٿي پر ماڻهن جون جانيون واپس نه اچي سگهنديون
