ھن دور جي سڀ کان وڌيڪ دنيا ۾ پنهنجي وحشتن، رياستي دھشتگردي جي ڪاررواين ۽ ظلمن ۾ مشهور “اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو” طرفان انسانيت جي خون جو پياسي بڻجي فلسطين کي پنهنجي سر زمين تي بربريت جا مثال قائم ڪري ڇڏيا ھئا، تنهن وحشتن سان ڀريل ۽ بين الاقوامي مجرم ياھو پنهنجي جنونيت سان ايران مٿان اڳرائي ڪندي حملي آور ٿي امن دشمن طور سامهون اچي چڪو آهي.
ھڪ طرف آمريڪا ۽ ايران سان ايٽمي معاملي تي ڳالهين جا دور جاري ھئا ته ٻئي طرف آمريڪي سھولتڪاري سان اسرائيل پاران فوجي پيش قدمي ڪندي ايران جي شھر تهران ۽ تبريز جهڙن اھم شهرن جي انساني آبادي سان گڏ فوجي ٺڪاڻن مٿان حملو ڪيو ويو آھي، جنھن سان انساني شهادتون ٿيڻ جون خبرون رپورٽ ٿيون آھن، جن ۾ معصوم ٻارڙا بزرگ شخص به اسرائيلي حملي جو شڪار ٿيڻ ڪري جنگ واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آھي.
دنيا جون امن پسند قومون ۽ ڪيترا ملڪ اسرائيل جي ھن تازي وحشتن ڀري اڳرائي تي حيران ٿيندي ان کي دنيا جي امن خلاف انساني زندگي لاءِ سخت ھاڃيڪار سمجهندي مذمت ڪرڻ لڳا آهن، پر آمريڪا يا اسرائيل اهڙين مذمتن يا ٺهرائن طرف ڏسڻ به پسند نٿا ڪن، ڇو جو پنهنجي طاقت جي زور تي ھي جنگي جنون رکندڙ ملڪ دنيا جي امن جا سخت ويري سمجهيا وڃن ٿا. ھنن گڏيل قومن جي اھم اداري کي به گهٽ حيثيت ڏئي ان جي سيڪريٽري جنرل جي مشورن، بيانن ۽ ھدايتن تي عمل ڪرڻ ضروري نٿا سمجهن. انھيءَ ڪڌي فعل ۾ آمريڪي سھولتڪاري سبب اسرائيل امن جو دشمن بڻجي جنگ ۽ جنگ لاءِ تيار رھندي فوجي حملا ڪرڻ لڳو آھي.
ايران مٿان اسرائيل جي تازي جارحيت ان وقت ڪئي وئي آھي. جڏهن ايراني قوم 18 ذوالحج تي وڏي عيد “يومِ غدير” جون خوشيون ملھائڻ ۾ مصروف ٿيڻ لڳي ھئي. ھن خوشين کي اسرائيلي ياھو حڪومت پاران برداشت نه ڪندي حملو ڪيو ويو، جنهن ڪري ايران جي عمارتن مٿان “ڪارا جهنڊا” لهرايا پيا وڃن جيڪي سوڳ ۽ جنگ جي علامت سمجهيا وڃن ٿا.
اسرائيل جي ھن تازي فوجي اڳرائي سبب ايران جا، اھم فوجي آفيسر، سائنسدان ۽ خاص شهري نشانو بڻائي شهادتن ۾ اضافو ڪري جنگ جو سر عام اعلان ڪيو ويو آھي، جنھن جو پڪ سان ايران جواب ضرور ڏيندو ۽ ڏيڻ به گهرجي، ڇو جو جنگ ۾ اڳرائي اسرائيلي نيتن ياھو جهڙي جنگجو سربراھ طرفان ڪئي وئي آھي.
ايران نه فقط سوڳوار آھي، پر ايراني قوم ۾ جذبو ۽ ڪاوڙ به چوٽ چڙهيل ڏسجي ٿو جو ھنن جا بيگناھ فوجي آفيسر ۽ اعليٰ سائنسدان اسرائيلي حملي آور جهازن جي ٽارگيٽ جو شڪار ٿي ويا آھن.
ھن کان اڳ به اسرائيل اھڙي فوجي اڳرائي ڪري ايران مٿان جنگي جنونيت جو کلي عام وحشتن ڀريو مظاهرو ڪري امن بجاءِ جنگي جنونيت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري چڪو آھي. سوال آھي ته ھن جنگي جنونيت واري عالم ۾ دنيا جا امن پسند ملڪ خاص ڪري يونائٽيڊ نيشن UNOخاموش ڇو ويٺا آهن. انهن کي اسرائيلي جنونيت خلاف پنهنجي راءِ توڙي فيصلن جو اظهار ڪرڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي. ڇو جو ڪنهن به حالت ۾ دنيا امن بجاءِ جنگ کي اھميت ڏيڻ پسند نٿي ڪري سگهي.
ايران مٿان اسرائيل جو تازو حملو دنيا خاص طور خطي جي حالتن ۾ خطرناڪ تبديلي جو باعث بڻجي سگهي ٿو. اسرائيل طرفان ھي حملو ڪري ھن پنھنجي وحشت ۽ دھشتگردي سان انسانيت کي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. اڳ ۾ فلسطين ۾ انساني لاشن جا، ڪيترا قبرستان وجود ۾ آيا آھن، جن ۾ معصوم ٻارڙا، بزرگ شهري، مريض، ڳورھاريون عورتون بيگناھ مارجي ويا آھن ته ڪيترائي زخمي ۽ معذور بڻجي ويل نيتن ياھو جي بربريت کي بددعائون ڏين ٿا، انهن ظلمن جي ڪري فلسطين ھڪ خاموش قبرستان ٿو لڳي.
لڳي ٿو ته اسرائيل فلسطين ۾ پنهنجي قهري ظلمن تي پشيمان ناھي، پر ٻيڻو ھي زورآور بڻجي ٻين ملڪن مٿان فوجي حملا ڪري امن لاءِ سخت خطرو بڻجي ويو آهي، جنهن جي روڪٿام ضروري آھي. ڇو ته ڪنهن به حالت ۾ جنگ کي پسند نٿو ڪيو وڃي.
آمريڪا کي انسانيت جي ناتي دنيا جي امن لاءِ اسرائيل سان فوجي دوستي ۽ سندس مدد ۽ امداد ڪرڻ واري پاليسي کي تبديل ڪرڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو، جيئن ھي دنيا انسانن جي لاشن واري ڳاڙهي رت جي وھڻ کان محفوظ بڻجي سگهي. دنيا جي ملڪن خاص ڪري عرب ۽ اسلامي ملڪن کي ايران مٿان اسرائيل جارحيت جي مذمت ڪندي جنگ خلاف ۽ امن لاءِ ھنگامي سطح تي ڪوششون ڪرڻ جي اپيل ڪجي ٿي.
اڄ، پاڪستان سميت دنيا جي ملڪن عوامي رد عمل سبب اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪندي ان خلاف نعري بازي ڪرڻ جون خبرون عام رهيون.