پرڏيهين کي شهريت ڏيڻ تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه جو اعتراض
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڪيل اعلان مطابق بنگالين ۽ افغانين کي شهريت ڏيڻ واري فيصلي تي عمل نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته اهو پاڪستان جي شهري ايڪٽ 1951 جي خلاف ورزي آهي. اهڙي فيصلي مان اسان جي ملڪ اندر هڪ غير قانوني پرڏيهين جي ٻوڏ اچي ويندي جنهن سبب ملڪ اندر رهندڙ هرغير ملڪي شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ اچي ويندو. سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته وزيراعظم جي اعلان بعد سنڌ اندر ان کي سنڌ خلاف سازش چيو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين سنڌ ئي غير قانوني پرڏيهين جو سڀ کان وڏو بار سهندي آئي آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهو اعلان غير قانوني آهي ان تي عمل نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته شهريت ڏيڻ جي معاملي کي صرف شهريت واري قانون جي بنياد تي ئي فيصلوڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ان قسم جو ڪوبه قدم جنهن سان موجوده شهريت ايڪٽ ۾ ترميم آڻڻ لاءِ کنيو ويو ته پيپلز پارٽي ان خلاف آواز اٿاريندي. وزيراعظم ۽ پنهنجي ملاقات دوران ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ ڪالا باغ ڊيم بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪالا باغ هڪ مئل گهوڙو آهي ۽ ان تي ڪا ڳالهه نٿي ٿي سگهي ۽ نه ئي وزيراعظم سان ان موضوع تي ڳالهه ٿي هئي. هن چيو ته وزيراعظم سان ملاقات ۾ سنڌ جي آفيسرن کي سنڌ حڪومت سان مشاورت بنا هيڏانهن هوڏانهن بدلي ڪرڻ تي هن پنهنجا اعتراض واريا، جنهن تي وزيراعظم کيس چيو ته اهو عمل ٻيهر نه دهرايو ويندو.

