وقت اهو سرمايو آهي، جنهن کي اڻ ڄاڻائي ۾ اسين ذيان ڪندا رهندا آهيون، پر ساڳئي وقت اهوئي سرمايو آهي، جنهن کي اسان کي سنڀالي استعمال ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ان سرمائي جي حفاطت سان ئي اسان پنهنجي زندگين کي مثبت رخ ۾ وٺي وڃي سگهون ٿا ۽ ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا. هڪ ڏاهي چيو آهي: “ڪيترو نه افسوس جوڳي ڳالهه آهي جو زندگي وڃائڻ بابت سوچيندي ته ڏک محسوس ڪندا آهيون، پر جڏهن زندگيءَ کي آهستي آهستي برباد ڪندا آهيون تڏهن ڪوبه افسوس ڪونهي ٿيندو.”
اسان کي ڪنهن جي موت تي ته ڏک ٿيندو آهي، پر روزانو جيڪي لکين ماڻهو پنهنجي وقت کي ضايع ڪري ڄڻ روز مرندا آهن، تنهن جي پرواهه ڪانهي. حقيقت اها آهي ته زندگي هڪ عمارت وانگر آهي، جنهن جا هر ورهيه، مهينا، ڏينهن ۽ گهڙيون انهيءَ جا بنيادي بلاڪ آهن. سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته اسان پنهنجي محدود ۽ قيمتي وقت کي ڪيئن استعمال ڪري سگهون ٿا؟
وقت هڪ جهنگلي گهوڙي وانگر آهي، جيڪو ان شخص کي پيرن هيٺان چيڀاٽي ڇڏيندو آهي، جيڪو ان جي بي قدري ڪندو. اها ڳالهه رڳو فردن لاءِ نه، پر قومن لاءِ به ساڳيءَ طرح خطرناڪ آهي. اسان جو وڏو حصو سستي ۽ ڪم کان نٽائڻ ۾ ضايع ٿي وڃي ٿو. بيروزگار نوجوان ڊگريون وٺي ڪنهن آفيس ۾ ڪرسيءَ تي سولي نوڪريءَ جي آسري ويٺا آهن ۽ جيڪي نوڪرين تي آهن سي به سڄو ڏينهن آفيسن ۾ مکيون مارين ٿا. اسان وٽ محنت ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻ جي حوصلا افزائي گهٽ آهي، جڏهن ته سفارش ۽ رشوت ادارن جي پاڙن کي کوکلو ڪري برباد ڪري ڇڏيو آهي.
اسان وٽ استاد هجن يا شاگرد، نوڪر هجن يا مالڪ، گهڻا ماڻهو پنهنجي ذميدارين کي سنجيدگيءَ سان نٿا نڀائين. شاگردن ۾ سوچڻ ۽ عقل استعمال ڪرڻ جي عادت گهٽجي وئي آهي. يونيورسٽين ۾ جيڪي شاگرد ايمانداريءَ سان محنت ڪن ٿا، تن جو مذاق اڏايو ويندو آهي، جڏهن ته لاپرواهه ۽ نااهل شاگرد پاڻ کي چالاڪ سمجهندا آهن.
اها صورتحال رڳو تعليم جي ميدان تائين محدود ناهي، پر صحت، قانون، بيوروڪريسي ۽ ٻين شعبن ۾ به ساڳيو رويو موجود آهي. دنيا ۾ جيڪي قومون اڄ ترقي يافته آهن، تن به ڪڏهن نه ڪڏهن ڏکيا دور ڏٺا آهن، پر انهن وقت جو قدر ڪري، محنت ۽ قربانيءَ سان پنهنجو پاڻ کي ٻيهر زنده ڪيو. اسان به جيڪڏهن پنهنجين ڪمزورين کي دور نه ڪنداسين ته تاريخ اسان کي به صفحهءِ هستيءَ تان ميساري ڇڏيندي.
اسان جي سماج ۾ ايمانداريءَ بدران بي ايماني کي عزت ملڻ لڳي آهي. دعوت ۾ وقت تي پهچڻ بجاءِ دير سان پهچڻ اعزاز سمجهيو وڃي ٿو. اهڙن خراب روين کي ختم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. سڀ کان پهريان فرد کي پنهنجو پاڻ احتساب ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن قوم مان ڪاهلي ۽ ڪم چوري ختم نه ٿي ته اڳتي وڌڻ ناممڪن آهي. اسان وٽ ڪم کي رڳو پگهار يا ذاتي فائدي لاءِ ڪيو وڃي ٿو. نتيجو اهو آهي جو ماڻهو پنهنجو ذهني ۽ تخليقي سرمايو وڃائي ويهن ٿا. اسان وٽ جيڪي ٿورا ماڻهو پنهنجي ڪم کي دل لڳائي ۽ ذميواريءَ سان ڪن ٿا، تن کي به “بيوقوف” يا “اوور امبيشيئس” سڏي طعنا ڏنا وڃن ٿا. پر اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته دنيا ۾ بقاءُ انهن قومن کي نصيب ٿيندو آهي، جيڪي محنتي ۽ قابل هونديون آهن. جيڪڏهن اسين به پنهنجي ذميوارين کي سمجهي وقت جو قدر نه ڪنداسين ته اسان جو انجام به ساڳيو ئي ٿيندو، جيڪو ٻين ڪمزور قومن جو ٿيو آهي.
وقت اچي ويو آهي ته اسين سستي ۽ ڪم کان نٽائڻ واري عادت ڇڏي پنهنجين پنهنجين ذميدارين کي وقت سر نڀائڻ جو عهد ڪريون. هاڻي اسان تاريخ جي ان واٽ تي بيٺا آهيون جو اسان وقت کي ضايع ڪرڻ واري عياشي افورڊ نٿا ڪري سگهون. جيڪڏهن اسان ائين ڪيو ته وقت اسان کي ضايع ڪري ڇڏيندو. اسان کي نه رڳو اقتصادي ۽ سياسي چئلينجن کي منهن ڏيڻو آهي، پر پنهنجي بقاءَ جي جنگ به وڙهڻي آهي ۽ اها جنگ رڳو عملي جدوجهد، محنت ۽ ايمانداريءَ سان ئي کٽي سگهجي ٿي.