پاڪستاننيو‍‍ز

گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائينس اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار

ڪراچي ڪنگري هائوس ۾ گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائينس جي ميٽنگ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته الائينس گڏجي ڪري اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽر ٿيندي ۽ ايندڙ سال جي قومي ۽ صوبائي اليڪشن ۾ حصو وٺندي. ميٽنگ ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سنڌ جا اڳوڻا وڏا وزير سيد غوث علي شاهه، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ۽ ممتاز علي ڀٽو به شريڪ هئا. ان کان علاوه مرتضيٰ جتوئي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، صفدر عباسي ۽ منور عباسي به شريڪ هئا. جڏهن ته ميٽنگ جي صدارت پير پاڳاري ڪئي. ميٽنگ ۾ چيو ويو ته 26 نومبر تي سکر ۾ هڪ عوامي گڏجاڻي به ڪئي ويندي جنهن ۾ عوام سان ملي انهن جي تڪليفن کي ٻڌو ويندو، جيڪو عوام پيپلز پارٽي جي ڪرپشن جو سٽيل آهي. هنن اهو به چيو ته پيپلز پارٽي کي ڪٽهڙي ۾ آڻي ان جو حساب ڪيو وڃي ۽ سنڌ ۾ موجود ڪرپٽ بيورو ڪريٽس تي ضابطو آندو وڃي. ميٽنگ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ويو ته پ پ جي حڪومت ۾ دوائن کان نوڪرين تائين سڀ ڪجهه وڪرو ٿي رهيو آهي. اهو به چيو ويو ته GDA جا ميمبر پير صدر الدين شاهه راشدي ۽ مرتضيٰ جتوئي جيڪي هن وقت حڪومت جو حصو آهن اهي پنهنجن عهدن تان استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهن پر انهن جي استعيفيٰ جو اعلان خاص وقت تي ڪيو ويندو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته ضرورت پوڻ تي سندس زال ۽ پٽ به قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏيندا.