سوشل ميڊيا ٻارن لاءِ خطرو قرار
آمريڪا جي سرجن جنرل سوشل ميڊيا کي ٻارن جي دماغي، صحت ۽ بهبود لاءِ خطرو قرار ڏيندي انٽرنيٽ پليٽ فارم جي استعمال تي وڌيڪ شرطن ۽ ضابطن جو مطالبو ڪيو آهي. عالمي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪا ۾ عوامي صحت جي حڪومتي ترجمان سرجن جنرل وويڪ مورتي سوشل ميڊيا جي استعمال سان ٻارن ۽ نوجوانن کي پهچندڙ ممڪنه نقصانن جي نشاندهي ڪئي، جنهن ۾ ننڊ جي گهٽتائي، دماغي صحت جا مسئلا، سائبرهراساني، نامناسب ۽ حساس مواد تائين رسائي ۽ ڏوهارين جي شڪار ٿيڻ جو خطرو شامل آهي. سرجن جنرل جو چوڻ هو ته ٻار ۽ خاص طور تي نوجوان سوشل ميڊيا جي منفي اثرن جو شڪار آهن ڇو ته اهي دماغ جي نشوونما جي انتهائي حساس دور ۾ سوشل ميڊيا جو تمام گهڻو استعمال ڪري رهيا آهن.