داستانِ گل (داستان پندرهون)
”سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پهريون انگريزي ڊرامو“ مان اقتباس
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پهرئين انگريزي ناٽڪ، سو به ”طبعزاد“ لکڻ جو فرض هن ناتوان ڪُلهن تي فقط محترم حسن علي عبدالرحمان جي حُڪم ۽ چيئرپرسن ميڊم خميساڻيءَ جي ”فرمائش“ تي پئجي ويو هو. اهو هڪ چئلينج هو، جنهن کي انگريزي ڊپارٽمينٽ طرفان قبول ڪري سنڌ يونيورسٽي جي تاريخ ۾ پهريون دفعو انگريزي ۾ طبعزاد ڊرامو شاگردن طرفان لکي پيش ڪيو ويو.
ڪلاس کانپوءِ عجيب مونجهاري جو شڪار ٿي پيس ۽ گهر اچي ملول ٿي ”نيم اونڌي مَنجيءَ“ تي سنئون ڊگهو ٿي سمهي پيس. سڄي اُونڌي منجيءَ تي سمهان ها ته پڪ هيم ته گهر مان ڪَڍي ڇڏين ها گهر ڌڻي! ۽ سمجهن ها ته هن جي ڪل ٿڙي وئي آهي.