دنيا جي تاريخ جڏهن غور سان پڙهجي ٿي ته محسوس ٿئي ٿو ته انسان جي سفر ۾ ٻن قوتن جي مسلسل ڇڪتاڻ جاري رهي آهي، هڪ طرف تباهي، جنگ ۽ طاقت جي سياست ۽ ٻئي طرف امن، انصاف ۽ انسانيت جو خواب. انسان جڏهن کان شعور حاصل ڪيو آهي، تڏهن کان هن جي تاريخ صرف تهذيب جي تعمير جي ڪهاڻي ناهي رهي، پر اها جنگين، تڪرارن ۽ طاقت جي جدوجهد سان ڀريل داستان پڻ آهي. قديم سلطنتن کان وٺي جديد قومي رياستن تائين، طاقت جو تصور هميشه عالمي سياست جو بنيادي عنصر رهيو آهي. مصر جي فرعونن کان وٺي روم جي قيصرن تائين، منگولن جي حملن کان وٺي يورپي سامراج تائين، دنيا جا ڪيترائي دور اهڙا رهيا آهن جتي طاقتور قومون ڪمزور قومن تي غلبو حاصل ڪرڻ کي پنهنجو حق سمجهنديون رهيون، پر ويهين صديءَ ۾ جڏهن انسانيت ٻن اهڙين عالمي جنگين کي ڏٺو جن ۾ لکين نه، پر ڪروڙين انسان مارجي ويا، تڏهن دنيا جي ضمير ۾ هڪ سوال پيدا ٿيو. ڇا انسانيت پنهنجي تباهي کان بچي سگهي ٿي؟
ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ٿيندڙ پهرين عالمي جنگ World War I انساني تاريخ جي وڏي تباهين مان هڪ هئي. 1914ع ۾ شروع ٿيندڙ هن جنگ يورپ جي وڏين سلطنتن کي هڪ اهڙي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيو جنهن جا شعلا سڄي دنيا تائين پکڙجي ويا. چار سال جاري رهندڙ هن جنگ ۾ لکين فوجي ۽ بيگناهه شهري مارجي ويا. يورپ جا ڪيترائي شهر برباد ٿي ويا ۽ دنيا هڪ وڏي معاشي بحران ۾ مبتلا ٿي وئي. جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ عالمي اڳواڻن اهو سوچي فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ اهڙيون جنگيون روڪڻيون آهن ته هڪ عالمي ادارو ٺاهڻ ضروري آهي. انهيءَ سوچ تحت ليگ آف نيشنز قائم ڪيو ويو، پر افسوس، هي ادارو جنگين کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيو. ان جي نتيجي ۾ دنيا کي ٻي وڏي تباهي ڏسڻي پئي. 1939ع ۾ شروع ٿيندڙ ٻي عالمي جنگ World War II انسانيت لاءِ قيامت کان گهٽ نه هئي. هن جنگ ۾ لڳ ڀڳ ستر ملين ماڻهو مارجي ويا. شهر تباهه ٿي ويا، قومون برباد ٿي ويون ۽ انسانيت پنهنجي ئي هٿن سان پيدا ڪيل تباهي جو منظر ڏٺو. جنگ جي آخري مرحلي ۾ جڏهن جاپان جي شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽمي بم ڪيرايا ويا ته دنيا محسوس ڪيو ته جيڪڏهن جنگين جو سلسلو جاري رهيو ته شايد انسانيت جو وجود ئي خطري ۾ پئجي وڃي. انهيءَ پسمنظر ۾ 1945ع ۾ هڪ نئون عالمي ادارو قائم ڪيو ويو جنهن کي United Nations چيو ويو. گڏيل قومن جي قيام جو بنيادي مقصد اهو هو ته دنيا ۾ امن قائم ڪيو وڃي، قومن جي وچ ۾ تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي ۽ انساني حقن جي حفاظت ڪئي وڃي.
اڄ هن اداري جا تقريبن 193 ملڪ ميمبر آهن. هر سال دنيا جا سربراهه ۽ سفارتڪار گڏجي عالمي مسئلن تي بحث ڪندا آهن، پر سوال اڃان به باقي آهي. جيڪڏهن گڏيل قومن جو مقصد امن قائم ڪرڻ آهي ته پوءِ دنيا ۾ جنگيون ڇو جاري آهن؟ هن سوال جو جواب ڳولهڻ لاءِ گڏيل قومن جي طاقت ۽ ان جي محدوديتن کي سمجهڻ ضروري آهي. گڏيل قومن جي اندر سڀ کان اهم ادارو آهي United Nations Security Council هي ڪائونسل عالمي امن بابت اهم فيصلا ڪندي آهي.
سلامتي ڪائونسل جا پنج مستقل ميمبر آهن: آمريڪا، چين، روس، فرانس، برطانيه انهن ملڪن وٽ ويٽو پاور آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن دنيا جا باقي سڀ ملڪ ڪنهن فيصلي تي متفق هجن، تڏهن به انهن مان هڪ ملڪ ان فيصلي کي روڪي سگهي ٿو. ڪيترائي سياسي مفڪر چون ٿا ته گڏيل قومن جي سڀ کان وڏي ڪمزوري به اهوئي نظام آهي. ڇو ته هن سان عالمي سياست ۾ طاقتور ملڪن کي وڌيڪ اثر حاصل ٿي وڃي ٿو. افغانستان گذريل چاليهن سالن کان لڳاتار جنگين جو شڪار رهيو آهي. 1979ع ۾ سوويت يونين افغانستان ۾ داخل ٿيو، جنهن کانپوءِ هڪ وڏي جنگ شروع ٿي. پوءِ 2001ع ۾ آمريڪا افغانستان تي حملو ڪيو. ويهن سالن تائين جاري رهندڙ هن جنگ افغانستان کي سياسي، معاشي ۽ سماجي بحران ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. عراق 2003ع ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن عراق تي حملو ڪيو. هن جنگ کي تاريخ ۾ “عراق جنگ” چيو وڃي ٿو. جنگ جو سبب اهو ٻڌايو ويو ته عراق وٽ خطرناڪ هٿيار موجود آهن، پر بعد ۾ اهڙا هٿيار نه مليا. 2011ع ۾ شام ۾ گهرو جنگ شروع ٿي. هن جنگ ۾ ڪيترائي عالمي ۽ علاقائي ملڪ شامل ٿي ويا. نتيجي ۾ لکين ماڻهو مارجي ويا ۽ لکين ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي پناهگير بڻجي ويا.
ڪيترائي سياسي تجزيه نگار چون ٿا ته عالمي سياست جو بنيادي اصول انصاف نه پر طاقت آهي. ملڪ پنهنجا فيصلا معاشي مفادن، قدرتي وسيلن، فوجي طاقت ۽ جاگرافيائي اهميت جي بنيادن تي ڪن ٿا. ان ڪري ڪيترائي تڪرار سياسي مفادن جي ڪري جاري رهن ٿا. اسلامي دنيا جي اندروني ڪمزورين به ڪيترن مسئلن کي وڌايو آهي. جن ۾ سياسي اختلاف، معاشي ڪمزوريون، تعليمي پسماندگي، اتحاد جي کوٽ جهڙا عنصر شامل آهن. جڏهن قومون پاڻ متحد نه هجن ته ٻاهرين قوتن لاءِ مداخلت ڪرڻ آسان ٿي وڃي ٿو. انساني تاريخ ۾ امن هميشه هڪ خواب رهيو آهي. شاعر ۽ مفڪر هميشه انسانيت کي امن جو پيغام ڏيندا رهيا آهن. سنڌ جي عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ انسانيت، محبت ۽ رواداري جو درس ڏنو. ساڳئي طرح سچل سرمست انسان کي نفرتن کان آزاد ٿيڻ جو پيغام ڏنو. جديد دور ۾ فيض احمد فيض به ظلم ۽ ناانصافي خلاف آواز بلند ڪيو. ساڳي طرح ڪشمير جو مسئلو به عالمي سياست جو هڪ اهم موضوع رهيو آهي.
1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ ڪشمير جو مسئلو پيدا ٿيو. ان کانپوءِ انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪيترائي تڪرار پيدا ٿيا. گڏيل قومن ڪشمير بابت ريفرنڊم جي ڳالهه ڪئي هئي، پر عملي طور اهو عمل اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. تازو هن وقت جي صورتحال اها آهي جو دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن تيزي سان وڌي پئي. جيڪڏهن هي اسرائيل، فلسطين، ايران جنگ عالمي جنگ جو روپ اختيار ڪيو ته دنيا جا 193 ملڪ متاثر ٿيندا. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ حساس ۽ دردناڪ مسئلن مان هڪ فلسطين جو مسئلو آهي. 1948ع ۾ جڏهن اسرائيل قائم ٿيو ته ان کانپوءِ فلسطين جي سر زمين مسلسل تڪرارن جو ميدان بڻجي وئي. فلسطيني عوام جو موقف آهي ته سندن زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي پنهنجي وطن ۾ ئي بي گهر ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن ڪيترائي ٺهراءُ پاس ڪيا، پر عملي طور فلسطين جو مسئلو اڄ ڏينهن تائين حل نه ٿي سگهيو آهي. هي مسئلو اسلامي دنيا ۾ هڪ وڏي درد جي علامت بڻجي چڪو آهي. فلسطين ۾ ظلم اڃان تائين جاري آهي. عالمي برادري جون گڏجاڻيون ٿين ٿيون، قراردادون پاس ٿين ٿيون، پر فلسطيني عوام لاءِ امن اڃان تائين خواب بڻيل آهي. اهوئي سبب آهي جو دنيا جو رخ ٽين عالمي جنگ ڏانهن وڃي پيو. ايران فلسطين جي مظلوم قوم سان ٿيندڙ ظلمن خلاف مزاحمتي ڪردار ادا ڪيو آهي. گڏيل قومن واري اداري عالمي برادري کي امن قائم ڪرڻ گهربو هو، سو ٿي نه سگهيو. اهوئي سبب آهي جو ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي. دنيا جا ڪجهه اهڙا علائقا آهن جيڪي عالمي طاقت جي مقابلي جو مرڪز رهيا آهن. وچ اوڀر انهن علائقن مان هڪ اهم علائقو آهي. هي خطو رڳو جاگرافيائي لحاظ کان اهم ناهي، پر هتي تيل، گئس، مذهبي مرڪز ۽ عالمي واپاري رستا پڻ موجود آهن. اهوئي سبب آهي جو هن خطي ۾ ٿيندڙ هر تڪرار صرف علاقائي مسئلو نه هوندو آهي، پر ان جا اثر سڄي دنيا تي پوندا آهن. اڄڪلهه دنيا جي سياسي بحثن ۾ سڀ کان وڏو تڪرار ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ آهي. ڪيترائي مبصر ان کي هڪ امڪاني وڏي جنگ جي شروعات سمجهن ٿا، جڏهن ته ڪجهه تجزيه نگار ان کي عالمي طاقت جي شطرنج جو حصو قرار ڏين ٿا. ايران جو موقف آهي ته فلسطين جي سر زمين تي قائم ٿيل رياست اسرائيل هڪ غير منصفاڻي عمل جو نتيجو آهي، جڏهن ته اسرائيل ايران کي پنهنجي سلامتيءَ لاءِ خطرو سمجهي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، سفارتي ۽ فوجي ڇڪتاڻ مسلسل وڌندي رهي آهي. ايران پاڻ کي فلسطيني عوام جي حمايت ڪندڙ ملڪن مان هڪ قرار ڏئي ٿو. ايران جو موقف آهي ته فلسطينين کي پنهنجي وطن ۾ آزادي ۽ خود مختياري جو حق ملڻ گهرجي. ٻئي طرف اسرائيل ايران تي الزام لڳائيندو آهي ته ايران علاقائي گروپن جي حمايت ڪري خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪري رهيو آهي. ڪجهه سياسي تجزيه نگار چون ٿا ته هن خطي ۾ ٿيندڙ ڪيترن تڪرارن جي پٺيان عالمي طاقت جا معاشي ۽ سياسي مفاد شامل آهن. خاص طور تي آمريڪا ۽ ان جا اتحادي وچ اوڀر ۾ پنهنجي اثر کي برقرار رکڻ چاهين ٿا. جڏهن ته ايران پاڻ کي هن اثر جي خلاف هڪ مزاحمتي قوت طور پيش ڪري ٿو. ان ڪري چيو وڃي ٿو ته ايران ۽ اسرائيل جي ڇڪتاڻ صرف ٻن ملڪن جو تڪرار نه، پر اهو عالمي سياست جي وڏي راند جو حصو پڻ آهي. اسرائيل ايران کي پنهنجي قومي سلامتيءَ لاءِ خطرو سمجهي ٿو. ان ڪري اسرائيل پنهنجي دفاعي پاليسين کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيو آهي. عالمي سطح تي امن قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جهڙا ادارا موجود آهن، پر عملي طور تي هينئر اهي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي نظر نه پيا اچن. ايران ۽ اسرائيل جي ڇڪتاڻ صرف ٻن ملڪن جو مسئلو ناهي، بلڪه اهو عالمي سياست، طاقت جي توازن ۽ وچ اوڀر جي تاريخ سان جڙيل هڪ پيچيده مسئلو آهي. جيڪڏهن دنيا هن تڪرار کي دانشمندي سان حل نه ڪيو ته ان جا اثر سڄي دنيا تي پئجي سگهن ٿا. دنيا کي جنگ جي نه، پر امن جي ضرورت آهي. ڇو ته تاريخ جو سڀ کان وڏو سبق اهو آهي ته جنگ تباهي آڻي ٿي، جڏهن ته امن ئي انسانيت کي بچائي سگهي ٿو. دنيا جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جنگين جو خاتمو صرف ادارن سان نه، پر انصاف سان قائم ٿيندو. قومون هڪ ٻئي جي حقن جو احترام ڪنديون، عالمي سياست مفادن بدران انسانيت تي ٻڌل هوندي، گڏيل قومن جي تنظيم دنيا لاءِ هڪ اهم فورم آهي، پر اهو مڪمل حل ناهي. جيستائين دنيا ۾ طاقتور ملڪن جي سياست، معاشي مفاد ۽ فوجي طاقت جو توازن تبديل نه ٿيندو، تيسين عالمي امن هڪ اداس خواب ئي رهندو.