عقيدي پٺيان سائنس
اوهان پنهنجي ماحول ۾، پنهنجي آسپاس نظر ڊوڙايو ته اوهانکي اهڙا ماڻهو عام جام ملندا جن کي معاشرو ”ملنگ“، ”خدا جو پهتل فقير“، ”صوفي بزرگ“ يا ”الله وارو“ جي نالي سان سڏيندو آهي. اهڙا شخص اوهانکي پنهنجي مستيءَ ۾ نظر ايندا، اوهانکي اڪيلائي ۾ پاڻ سان ئي ڳالهائيندي به نظر ايندا، سندن آسپاس ڇا ٿو وهي واپري، کين ڪو فرق ناهي پوندو. اوهانکي اهڙن خدا جي ولين، بزرگن ۽ نيڪ ٻانهن جون درگاهون به عام جام ملنديون جن جي حوالي سان روايتون مشهور هونديون آهن ته اهي خدا جا ٻانها پنهنجي حياتيءَ ۾ خدا سان هم ڪلام ٿيندا هئا… اهڙن معاملن جي حقيقت ڇا آهي؟ سائنس وٽ انهن ڳالهين جو ڪهڙو جواب آهي؟ علم نفسيات ان باري ۾ ڪهڙي رهنمائي ڪري ٿو؟ اچو ته جائزو وٺون.
علم نفسيات جو هڪ اصطلاحSchizophrenia اهڙي نفسياتي Psychotic مرض لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جنهن ۾ مريض هوش يا شعور Consciousness جي حالت ۾ وهمنDellusion ۽ ذهني فريب Hallucination ۾ مبتلا رهندو آهي.
علم نفسيات مطابق اسڪيتزوفرينيا Schizophrenia هڪ اهڙي ذهني ڪيفيت آهي جيڪا انسان کي مڪمل ناڪاره بڻايو ڇڏي. اهڙي صورتحال هوندي آهي جنهن ۾ فرد جو رويو تبديل ٿي ويندو آهي. هن کي غير موجود شيون ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ اينديون آهن، هن جا وهم وڌندا ويندا آهن ۽ هن جي گفتگو ۾ فڪر، پريشاني، ڳڻتي ۽ بي ترتيبي پيدا ٿي ويندي آهي. اهي تمام عمل ملي ڪري فرد کي معاشري کان بلڪل الڳ ٿلڳ ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ان جي لاءِ ٻين سان رابطو قائم رکڻ مشڪل ٿيندو ويندو آهي. مريض جي لاءِ حقيقي دنيا ۽ خيالي دنيا ۾ فرق ڪرڻ انتهائي اوکو يا ناممڪن ٿي ويندو آهي، هو منطقي انداز ۾ سوچ ويچار يا تجزيو ناهي ڪري سگهندو، هن جي اندر جي دنيا سندس ٻاهرين دنيا تي حاوي رهندي آهي، ان ئي سبب جي ڪري هو معمول واري انداز ۾ پنهنجي جذبات جو اظهار ناهي ڪري سگهندو. ان ڪيفيت کي علم نفسيات ۾ ڪناره ڪشي جون علامتون withdrawal Symptoms چيو ويندو آهي.
اسڪيتزوفرينيا Schizophrenia جو حامل شخص غيرموجود شين کي ڏسي سگهندو آهي، ڪوئي ڳالهائيندو نه به هجي يا مڪمل سانت واري حالت ۾ به آواز ٻڌي سگهندو آهي ۽ ان سان گفتگو به ڪري سگهندو آهي. اهي تمام علامتون اصل ۾Hallucination ۾ شمار ڪيون وينديون آهن. اگر آواز دلچسپ هجن ته مريض انهن تي کلندو به آهي جيئن هڪ نارمل ماڻهو عام حالتن ۾ کلندو آهي. هو آوازن سان ڳالهائي به سگهندو آهي ته ساڳئي وقت آواز کيس خوفزده ۽ پريشان به ڪندا آهن.
اهڙي شخص جي حقيقت ۽ ذهنيت عام ماڻهو جي حقيقي زندگي کان بلڪل مختلف هوندي آهي. يعني عام ماڻهن لاءِ جيڪي ڳالهيون خيالي يا تصوراتي هونديون آهن اهي مريض لاءِ بلڪل حقيقي ٿي سگهن ٿيون. انجو سبب حقيقي ۽ خيالي دنيا جي وچ ۾ فرق پيدا ڪندڙ حدن جو ختم ٿي وڃڻ هوندو آهي. حقيقي دنيا ۽ خيالي دنيا ۾ اهي حدون ۽ فاصلا ختم ٿي وڃڻ ڪري مريض لاءِ اها ئي دنيا حقيقي هوندي آهي جيڪا کيس آوازن ۾ ٻڌبي آهي ۽ خيالن ۾ ڏسبي آهي، پر هتي، اسان جي سماج ۾ اهڙن ماڻهن کي مختلف نالا ڏئي ڪنهن عقيدي جي تحت مست ۽ بزرگ يا ملنگ سمجهي انهن جي زندگي ۾ انهن کان دعائون ورتيون وينديون آهن ۽ جڏهن اهي مري ويندا آهن ته انهن جون مزارون جوڙي درگاهون اڏي انهن جي درن تي مٿا ٽيڪي پٽاڻو اولاد گهرڻ، خالي جهولي ڀرڻ، باسون باسڻ، جِن ڪڍڻ جا ڪم ڪيا ويندا آهن. عقيدو جن ڳالهين تي انڌي تقليد جي تاڪيد ڪري ٿو، سائنس اتي اسانکي اکيون کولڻ جو درس ڏي ٿي، سوال ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿي. عقيدو انڌ وشواس آهي ته سائنس عقل آهي ۽ روشني آهي.
***