بلاگنئون

عوام جي احتجاج اڳيان پيپلز پارٽي ڇا ڪري ڇا نه ڪري؟

هڪ پاسي باھ آ ته ٻئي پاسي پاڻي، جو ٻڏي مرجي يا سڙي مرجي؟ ان ڪري سوال اهو آهي ته هاڻي جون سياسي پارٽيون (خاص طور تي پيپلزپارٽي ۽ فنڪشنل ليگ) ڇا ڪن؟ ڇو ته سموري سول سوسائٽي، وڪيلن جا جٿا، مذهبي فورم، شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ احتجاجن جا دائرا رستا روڪ ڪيو ويٺا آهن، ڪراچي جي لساني جماعتن جي غيرت به جاڳي پئي آهي، اهي جيڪي پهرين رڳو سمجهندا هئا ته ڪراچي ۽ صوبي جي ٻين شهرن جا مسئلا  الڳ ٿلڳ آهن، ڪالاباغ ڊيم جي منصوبي کان وٺي، اي ايس ايف سوسائٽي، بحريا جا پروجيڪٽ، ڊي ايڇ اي سوسائٽي جا نوان بلاڪ (جن کي خاص طور تي جنرل ضياءُ جي دور کانپوءِ هٿ وٺي چاڙهيو ويو ۽ خاص هٿي ڏني وئي ته اهي ڊي ايڇ جي نالي شهرن جي اندر ڪلاسيفائيڊ رهائشي اسڪيمون اڏين ۽ ان سان گڏوگڏ بحريا، شاهين ۽ عسڪري رهائشي اسڪيمون به تيار ڪن ته جيئن عسڪري عملدارن ۽ خاص پنجابي فوجين کي سيف ۽ سيڪيور رهائشي اسڪيمون سنڌ اندر به ملي سگهن)، پر چوڻ جي ڳالھه اها آهي ته شهري سياست ڪڏهن به انهن رهائشي اسڪيمن تي آڱر نه کنئي ۽ رهندو ڪندو انهن طريقن سان غير سنڌي سازشي عنصرن جا حصا بڻيا رهيا، بهرحال، وقت ويو ناهي، هاڻي به اهي ڀلي اينٽي پيپلزپارٽي اتحاد جو حصو بڻجن، پر احتجاج رڪارڊ ڪرائين ته ڀلو آهي.

پيپلزپارٽي جا پنهنجا ويسٽيڊ انٽريسٽ آهن، اهي سدائين وانگي اقتدار جا قائل رهيا آهن، انهن وزيرن جو ڪرسي کانسواءِ گذارو ناهي، ان ڪري مخلوط ئي سهي، پر نون ليگ جهڙي پراڻي روايتي حريف سان ملي به هي پنهنجي سرڪار جوڙي ويا ۽ ان آسري تي به آهن ته من ڪڏهن نه ڪڏهن شهباز شريف جي سرڪار ۾ اندر ڪو ڏڦير پئي ۽ هي (پيپلزپارٽي) وارا ان ڏڦير جو فائدو وٺن. ڪينالن جي معاملي تي عسڪري شخص کڻي خوار ٿي به ويا آهن، جن زميني بک پيپلزپارٽي کڻي صدارتي آرڊيننس جي ذريعي ظاهر يا پوري ڪئي. اها ڳالھه به ان ڳالهھ جي مترادف ٿي بيهي ته جيئن پي ٽي آءِ وارن عسڪري ادارن جي سياسي مداخلت کي اگهاڙو ڪيو هو، تيئن پيپلزپارٽي جي صدارتي ڪرسي پنهنجي دفاع ۾ بند ڪمرن ۾ اهو سودو ڪري ويٺي. پيپلزپارٽي جي قيادت کي ان ڳالهھ جي ڀلي ڀَتِ خبر هئي ته فوج جيڪڏهن زور جي ميندي هنئي به ته عوامي طاقت ان ڳالھه جا رخ موڙي ڇڏيندي، ان ڪري ته عسڪري ادارا عوام جي مرضي جي خلاف نٿا هلي سگهن. بين الاقوامي پريشر پنهنجي جاءِ تي وري ديسي عوامي پريشر به معنيٰ ٿا رکن ته هڪ صوبي ۾ “گرين انيشيئيٽو” ۽ ٻئي صوبي ۾ “ڊراءِ انيشيئيٽو”  نٿو هلائي سگهجي يا غريب عوام سان ڏاڍائي نٿي ڪري سگهجي.

مرڪزي حڪومت جو وڏو حصو کڻي نون ليگ جي کيسي ۾ آهي، پر پيپلزپارٽي جي بڪيٽ ۾ به ٻن صوبن جا گورنر ۽ ٻه صوبائي حڪومتون به آهن، هڪ سنڌ ۽ ٻيو بلوچستان، پر پوءِ به نون ليگ جي سرڪار پيپلزپارٽي جي ووٽن تي ئي بيٺل آهي، توڻي جو مرڪزي فيصلن ۾ نون ليگ جي حيثيت ۽ زور گهڻو رهندو آيو آهي. هاڻي به نون ليگ لوڏن ۾ اچي سگهي ٿي يا عسڪري ادارا ڪجھه به ڪري سگهن ٿا يا پي ٽي آءِ جي ڳوٽَ ڪجھه به ڪري سگهي ٿي، جيڪا ڪايا پلٽائي سگهي ٿي، اها ڳالھه به مڃي سگهجي ٿي ته ڪينالن جي قرارداد پيش ڪرڻ تي پيپلزپارٽي ڌر ٿي سگهي ٿي، پوءِ نون ليگ جا ٻه به ويندا ته ٻارنهن به ويندا يا سودو ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪينالن جي هوڏ ۽ انا تان نون ليگ پنجاب جي صوبائي سرڪار ۽ انهن جي بي مقصد بيانن کي قابو ڪري ۽ وچٿري پاليسي هلي ته جيئن نانگ به مري ته لٺ به بچي معنيٰ ڪينالن جي ڳالھه تان لهي وڃجي ۽ سرڪار به بچائي هلجي.

حقيقت ۾ ڏسجي ته پي ٽي آءِ ۽ نون جي ڳٺ جوڙ هلي پئي سگهي، پر اسٽيبلشمينٽ سان هلايل دشمني ۽ اندر جي ٻيائي، پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت جي بيان بازي ۽ عسڪري ادارن سان دشمني پي ٽي آءِ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو ۽ نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي اڳتي آيون، پر هاڻي جي صورتحال ۾ پيپلزپارٽي ٻه واٽي تي اچي بيٺي آهي، ان ڪري ڪينالن جي مخالفت پيپلزپارٽي کي جياري سگهي ٿي ۽ نئون ساھ وجهي سگهين ٿي، ان ڪري پيپلزپارٽي جو سنڌ ڪارڊ هاڻي رڳو ڪينالن ۽ سنڌوءَ جي بقا تي بيٺل آهي ته سنڌوءَ جو پيٽ سُڪائي پيپلزپارٽي پاڻ به سُڪي سَڙي ويندي ۽ هي دفعو ئي اٿن ته هو فورن وفاقي حڪومت کان ان ڳالھه تي الڳ ٿي وڃن ته ڪينالن جو منصوبو نامنظور آ. پي ٽي آءِ اينٽي اسٽيبلشمينٽ يا اينٽي عسڪري مهم جو حصو ئي صحيح، پر اهي اصولي سياست جا قائل رهيا آهن، انهن ۾ جهڪاءُ يا معافي تلافي ناهي، اهي پاڻ پنهنجي دور ۾ اينٽي پيپلزپارٽي هجڻ جي ڪري پاڻ به ڪنهن صورت سنڌ جي حقن لاءِ اٿي کڙا ڪو نه ٿيندا هئا، ڇو جو اهي سمجهندا هئا ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو پيپلزپارٽي جا آهن، ان ڪري سنڌ سرڪار ۽ زرداري ٽولو سنڌ جي بقا جي جنگ پاڻ وڙهي، پاڻ ڪرپشن جي ڪيسن مان جان آجي ڪرائي، فيبريڪيشن يا اليڪشن انجنيئرنگ جو حصو پاڻ بڻجي ته ڀلي بڻجي، پر اهي پي ٽي آءِ وارا هاڻي بند ڪمرن ۾ فيصلا نٿا ڪرائي سگهن.

هيل تائين نون ليگ جي فيصلن ۾ يا پارلياماني سياست ۾ رهي پيپلزپارٽي پاڻ عسڪري دٻاءُ ۾ آهي، اهي پيپلزپارٽي وارا پاڻ عمران خان جي دور وانگي هاڻي نون ليگ جي ها ۾ ها ملايو ويٺا آهن، ان جو باطني مطلب اهو به آهي ته پيپلزپارٽي پاڻ عسڪري ادارن ۽ شخصن سان ها ۾ ها ملائي ٿي ويهي ۽ جيڪي فيصلا نون ليگ ڪري ٿي، ان ۾ پيپلزپارٽي پاڻ به راضي آهي. ائين نٿو چئي سگهجي ته سائين مراد شاھ جا فيصلا صدارتي آفيس جي ضد ۾ يا ابتڙ آهن يا صدر صاحب جي فيصلن ۾ سنڌ سرڪار پاڻ شامل آهي يا ناهي، يا اهي جيڪي مرڪز ۾ فيصلا ڪن ٿا يا ٿين ٿا، انهن ۾ سنڌ سرڪار کي کڙڪ ئي نه ٿي پئي. مهڙ ۾ پاڻ شاھ صاحب انڪاري هو، پر جڏهن ته سوشل ميڊيا تي باھ ٻري پئي ۽ شاھ صاحب ان ڳالھه جو پوءِ به انڪاري ٿيو، پر هاڻي ته پيپلزپارٽي جي خلاف ايم آر ڊي تحريڪن جهڙي باھ ٻري پئي آهي، جو مرڪز ۽ عسڪري قيادت ڄڻ جنرل ضياءُ جي دور جهڙا فيصلا ڪيا هجن، جنهن ۾ سنڌ جو ٻار ٻچو سراپا احتجاج آهي، ماڻهو ته شادين ۽ ڪاڄن ۾ به دهلن تي اها نعرا ٿا هڻن ته ڪينال نه کپن، ڪينال نامنظور! ان ڪري ته هي منصوبو ڪالا باغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. ان ڳالھه ۾ ڏکڻ پنجاب جا سرائيڪي به خوش انهن ان ڪري ته انهن جي مقامي زمينن تي عسڪري ادارن اچي قبضو ڪيو آهي ۽ اهي مقامي پاڻ مڙئي اٽي ۾ لوڻ برابر زمينن جا مالڪ آهن ۽ باقي انهن جون جيڪي به زرعي زمينون آهن، اهي عسڪري ادارن جي حوالي آهن، هاڻي سرائيڪي پاڻ به ان ڳالھه تي لهي آيا آهن ته ڪينال سمورا نامنظور. تضاد اهي به مارين ٿا ته سنڌ اسيمبلي پاڻ ٺهراءُ پاس ٿي ڪري ته ڪينال نه کپن، وري شاھ صاحب پاڻ پريس ڪانفرنس ڪندي اها ڳالھه دهرائي ته زراعت هاڻي منافعي بخش ناهي رهي، وري ڏٺائين ته سنڌي ماڻهو چپ ڪري ويهڻ وارا ناهن، هي اهي ئي آهن جيڪي “سنڌڙي تي سِرُ ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار وو يار” ان ڪري هنن به پنجاب سرڪار کي اکيون ڏيکاريون ۽ ان کي اها ڳالھه بانور ڪراين ته ڪينال ٺهڻ ۽ هلڻ نه ڏينداسين، ان ڪري پوءِ ڀلي ٻٻرلوءِ وٽ رستا روڪ ڪرڻي پئي ته ڪنداسين.

پر سڀ کان وڌيڪ شرم جهڙي ڳالھه اها به آهي ته صوبن جون سڀئي معدني دولتون ڪنٽينرن جي صورت پنجاب گهلي کڻي ٿو وڃي، جنهن ۾ هنن کي خاص وڏن روڊن ۽ ميٽرو ويز جي ضرورت پئي، ان ڪري ته هلڪا ڦلڪا روڊ ٽنن جا ٽن ڪنٽينرن جا وزن برداشت ڪرڻ جهڙا ناهن هوندا، اهي ويهي ٿا وڃن، ان ڪري نون ليگ پنجاب جي انٽريسٽ ۾ هميشه ميٽرو هاءِ ويز تي گهڻو ڌيان ڏيندي آئي آهي ته جيئن پنجاب جو ڀلو ٿئي ۽ سنڌ بلوچستان مان سڀ معدني دولتون ميڙي کڻي پنجاب جي حوالي ڪجن. پنجاب جي ٽڪي جي وزيرن جي ڳالھه ۾ دمُ آهي ته صوبا گيس ۽ تيل جي گهلي کڻي وڃڻ مهل ڇو نه اٿيا، جو هاڻي پاڻي جي معاملي تي سموري سنڌ سراپا احتجاج آهي، ڳالھه صحيح آهي، پر هيل تائين ڪهڙي فورم ۾ گيس ۽ تيل جي معاملي تي احتجاج ناهن ٿيا يا جيڪو ڪجھه بلوچستان ۾ ٿي رهيو آهي اهو ڀلا ڇا آهي؟ يا هنن به اها ڳالهھ ڪئي آهي جو هڪڙي همراھ  کي ان ڳالهھ تي بُج بُج ڪري مارَ ڪُٽَ ڏئي ليٿڙائي رکين ته تو اسان کان سڱ ڇو گهريو؟ پر همراھ ڪپڙا ڇنڊي مٿي اٿي وري مالڪن کان پڇيو ته پوءِ ڀلا مان نهڪر سمجهان نه؟ هنن پنجاب وارن به اها ڪارِ ڪئي آهي ته هاڻي ڀلا هڪڙو ڪينال هلائڻ ڏيو يا ڪينال هلائڻ سان ڪهڙي قيامت ايندي، پر پنجاب اها ڳالهھ سمجهي ته هاڻي هر صوبو هنن کان نفرت ٿو ڪري جو ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ سڀني کان وڌيڪ سنڌ، ان ڪري پيڪا جو بل هجي، مائينز يا منرل جو بِلُ هجي يا ڪينالن جو آرڊيننس هجي، پر صوبا سراپا احتجاج آهن ۽ پنجاب کي فيصلو واپس وٺڻو پوندو.