بلاگنئون

ڊائري

مئي-8، 1973

اڄڪلهه گرميون ڏاڍيون سخت آهن. باهه پئي ٻري، هينئر رات جا ٻارنهن ٿيا آهن، پر اڃا تائين هوا جو نالو نشان ڪونهي.

***

مئي-18، 1973

چنڊ جي پندرهين رات آهي. پندرهين جي اُداس چانڊوڪي…

پندرهين جي چانڊوڪي جو به پنهنجو حُسن آهي، چانڊوڪي منهنجي اڳيان هڪ عجيب منظر چٽيندي آهي، مونکي ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ ڪا پيار جي ديوي پنهنجي پريتم کي حسرت سان دور ٿيندو ڏسي رهي آهي.

اڄ وري چنڊ جي جواني پويان پير ڪيا آهن. چانڊوڪي اُداس آهي، اڄ کان چانڊاڻ جي روشني گهٽ ٿيڻ شروع ٿي آهي، هاڻ رات جي سُهائي، اونداهين جا سور سهڻ شروع ڪندي. اڄ کان چنڊ به اونداهين ۾ غرق ٿيڻ لاءِ وک وڌائي رهيو آهي. بي وس چنڊ، اونداهين طوفانن جو مقابلو ڪٿان ڪري سگهندو، جيئن پوءِ تيئن ويندو دور ٿيندو.

***

مئي-19، 1973

ڪڏهين ڪڏهين…

ازل جون واٽون، ونجهه وجهيو ڇڏين، ابد جا آواز پڪارين ٿا، تڏهن سڀ ڪجهه ڇڏي ڏيڻ تي دل چاهيندي آهي… هن دولابي دنيا مان دل ڀرجي ويندي آهي، هن مڪر ۽ فريب جي راڄ ۾ من منجهندو آهي، روح کي اذيت ايندي آهي. شدت سان محسوس ٿيندو آهي ته زماني جي روايتي اصولن اسانکي اصل حقيقتن کان پري ڪيو آهي. هن معاشري اسانکي بلڪل محدود ڪري ڇڏيو آهي، ڪٿي جو به ڪونه ڇڏيو اٿس. دل جي ڪنهن به ڳالهه تي عمل نٿا ڪري سگهون، روح جي راند کان معذور آهيون. من جي موج اُٿي ئي نٿي، پيار جي وير وري ئي نٿي. دل جا درد گهٽجن نه ٿا، اندر جا ڦٽ ڇُٽن نه ٿا، زخم ڀرجن نه ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ٿوري دير لاءِ ذهن بدلبو آهي، ٿوري وقت جي لاءِ، چند گهڙين جي لاءِ هڪ وير ورندي آهي، هڪ مُوج اٿندي آهي جيڪا من گهايل ڪري هلي ويندي آهي، تڏهن من مستي ۾ ايندو آهي، تڏهن روح ريجهندو آهي، تڏهن سڀ ڪجهه ڇڏي ڏيڻ، سڄي دنيا ڇڏي ڏيڻ تي دل چاهيندي آهي.

***

مئي-21، 1973

مونکي گهر ڇڏي ٻه اڍائي مهينا ٿيا آهن، گهر ۽ مائٽ ڏاڍو ياد ٿا اچن.

***

جون-3، 1973

بي اطميناني جو شڪار آهيان. سُڪون ڪونهي، ڀروسو ڪونهي.

***

جون-5، 1973

اڄ وري پراڙ کان پڪار پئي ٿئي. اڄ وري اوچائي تان آواز پيا اچن. پنج سال پٺيان کان هڪ صدا اُٿي آهي، جيڪا منهنجي وجود کي وڪوڙيو ويٺي آهي. پُٺيان، اڃان به پويان پيو وڃان.

پري پري جي هڪ رات، سياري جي هڪ سُهائي رات، هڪ ننڍو ڳوٺ خاموش ماحول، هڪ مٽيءَ جو گهر. پينگهي جي لڏڻ جو آواز، ليمپ جي جهڪي روشني، ٻه وجود، پينگهي جي لوڏ، پهرين ملاقات، ڪُجهه ڳالهيون، ابتيون سبتيون ڳالهيون، خاموشي، سرگوشيون، بي تُڪا جملا، بي معنيٰ لفظ. اهي اندر جا اچار هئا، واعدا، قول قرار ۽ قسم ويجهو رهڻ جا ارادا. اڄ وري پراڙ کان پُڪار پئي ٿئي.

***

جون-14، 1973

ماڻهون مطمئن ٿيڻو ناهي،

ماڻهوءَ جو من، ڀرجڻو ناهي،

ڪامل اطمينان ۽ سڪون، انسان لاءِ ناممڪن آهي. نئين تمنا، نئين آرزو، نئين شئي جي تلاش، زندگي جو اهم مقصد بڻجي چڪو آهي.

***

جون-26، 1973

سڄو ڏينهن دنياوي مصروفيتن ۾ رُڌل هئڻ ڪري دماغ ٿڪجيو پوي. روزانو هڪجهڙو ساڳيو ڪم ڪرڻ سان ذهن به اهڙوئي خالي ٿيو پوي. پيٽ جي جهنم کي ڀرڻ واسطي ۽ دماغي بي صبري جي ڪري ماڻهوءَ کي روزانو ڪيتريون ئي اهڙيون حرڪتون ڪرڻيون ٿيون پون جيڪي دل ڪرڻ کان لهرائيندي آهي. پئسو حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهوءَ کي پنهنجو اندر مارڻو ٿو پوي. هن معاشري جي اُبتي قانون جي مطابق، چالاڪي ڪر، حرامپائي ڪر، ڪوڙ ڳالهائي معنيٰ ڪمائيندو. مطلب ته اهل دل ماڻهو روز پنهنجو پاڻ کي ماري، تڏهن پيٽ جي باهه کي وسائي سگهي ٿو. روزانو جي گوناگون مصروفيتون رات جو اهڙي حالت ٿين بنائن جو پوءِ ڪيڏانهن چرڻ تي به دل ڪانه ٿئي.

***

جون-29، 1973

زندگيءَ جو ساز وڄي پيو. پر بي سُرو، بي تڪو، بي تال.

***