بي اطميناني جو شڪار آهيان. سُڪون ڪونهي، ڀروسو ڪونهي.
***
جون-5، 1973
اڄ وري پراڙ کان پڪار پئي ٿئي. اڄ وري اوچائي تان آواز پيا اچن. پنج سال پٺيان کان هڪ صدا اُٿي آهي، جيڪا منهنجي وجود کي وڪوڙيو ويٺي آهي. پُٺيان، اڃان به پويان پيو وڃان.
پري پري جي هڪ رات، سياري جي هڪ سُهائي رات، هڪ ننڍو ڳوٺ خاموش ماحول، هڪ مٽيءَ جو گهر. پينگهي جي لڏڻ جو آواز، ليمپ جي جهڪي روشني، ٻه وجود، پينگهي جي لوڏ، پهرين ملاقات، ڪُجهه ڳالهيون، ابتيون سبتيون ڳالهيون، خاموشي، سرگوشيون، بي تُڪا جملا، بي معنيٰ لفظ. اهي اندر جا اچار هئا، واعدا، قول قرار ۽ قسم ويجهو رهڻ جا ارادا. اڄ وري پراڙ کان پُڪار پئي ٿئي.
***
جون-14، 1973
ماڻهون مطمئن ٿيڻو ناهي،
ماڻهوءَ جو من، ڀرجڻو ناهي،
ڪامل اطمينان ۽ سڪون، انسان لاءِ ناممڪن آهي. نئين تمنا، نئين آرزو، نئين شئي جي تلاش، زندگي جو اهم مقصد بڻجي چڪو آهي.
***
جون-26، 1973
سڄو ڏينهن دنياوي مصروفيتن ۾ رُڌل هئڻ ڪري دماغ ٿڪجيو پوي. روزانو هڪجهڙو ساڳيو ڪم ڪرڻ سان ذهن به اهڙوئي خالي ٿيو پوي. پيٽ جي جهنم کي ڀرڻ واسطي ۽ دماغي بي صبري جي ڪري ماڻهوءَ کي روزانو ڪيتريون ئي اهڙيون حرڪتون ڪرڻيون ٿيون پون جيڪي دل ڪرڻ کان لهرائيندي آهي. پئسو حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهوءَ کي پنهنجو اندر مارڻو ٿو پوي. هن معاشري جي اُبتي قانون جي مطابق، چالاڪي ڪر، حرامپائي ڪر، ڪوڙ ڳالهائي معنيٰ ڪمائيندو. مطلب ته اهل دل ماڻهو روز پنهنجو پاڻ کي ماري، تڏهن پيٽ جي باهه کي وسائي سگهي ٿو. روزانو جي گوناگون مصروفيتون رات جو اهڙي حالت ٿين بنائن جو پوءِ ڪيڏانهن چرڻ تي به دل ڪانه ٿئي.
***
جون-29، 1973
زندگيءَ جو ساز وڄي پيو. پر بي سُرو، بي تڪو، بي تال.