جهڙيءَ طرح هڪ گهر کي ٺاهڻ لاءِ مختلف شين جي ضرورت پوندي آهي، مثال طور پلاٽ، سرمايو، ان کان پوءِ ڪاريگر، سرون، ريتي، سيمينٽ، بجري وغيره بلڪل اهڙيءَ طرح هڪ ٻار جي مستقبل کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ لاءِ به مختلف شين جي ضرورت هوندي آهي. منهنجي نظر ۾ اهي هي آهن. سڀ کان پهريان والدين، پوءِ استاد، حڪومت ۽ آخر ۾ شاگرد. انهن مان ڪنهن هڪ شئي کي ڪڍيو ويندو ته ٻار تي تمام گھڻو ۽ گهرو اثر پوندو ۽ ٻار جو مستقبل داءَ تي لڳي سگهي ٿو، اچو ته هاڻي انهن عنصرن جو جائزو وٺون.
1. والدين: هڪ مشهور چوڻي آهي ته “جيڪو پوکيندئو، اهو ئي لڻندئو”. هتي چوڻي لکڻ جو مقصد اهو آهي ته ماڻهوءَ جي شخصيت پنهنجي گهر کان ئي جڙي راس ٿئي ٿي. جهڙو گهر جو ماحول هوندو، اسان کي اهائي شخصيت اتان ملندي، ٻار اسڪول ۾ پنج يا ڇهه ڪلاڪ گذارين ٿا، انهن جو گھڻو وقت گهر ۾ گذري ٿو. ان ڪري سڀ کان پهريان والدين مٿان اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته ٻارن جي بهتر کان بهتر نشونما ڪن. ڇو ته جديد ايجادن جتي انسان جي زندگيءَ ۾ آسائشون آنديون آهن، اتي انهن بگاڙ به آندو آهي. جيئن ٽيليويزن، ڪيبل، موبائيل، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، ڊي وي ڊي پليئر وغيره. ٻار انهن شين جو فائدو گھٽ وٺن پيا ۽ نقصان گھڻو پيا ڪن. ڇو ته اڪثر ٻار ان جو غلط استعمال ڪن پيا. پنهنجي اسڪول جي هوم ورڪ وقت رانديون کيڏندا. فيس بڪ هلائيندا يا وري فضول قسم جي Chatting ڪچهري ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا. ان سان ڇا ٿو ٿئي جو ٻار جو ذهن منتشر ٿي وڃي ٿو، ٻار پنهنجي اصل ڪم تان هٽي غلط ڪمن ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو، نتيجو اهو نڪري ٿو جو ٻار تعليمي معيار ۾ پورو نٿو لهي. ڀلي ان کي ڪيتريون ئي ٽيوشن ڏياريون وڃن. اهڙي ماحول ۾ والدين مٿان فرض ٿو ٿئي ته انهن شين کان ٻارن کي سختيءَ سان منع ڪن ۽ انهن مٿان تمام ڪڙي نظر رکن. جيڪڏهن والدين پاڻ ئي پارٽين ۾ مصروف هوندا ته ٻار تي ڪهڙو ڌيان ڏئي سگھندا. ٻارن جي تربيت هڪ ضروري ڪم آهي ۽ ٻار پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ امانت طور اچي ٿو. هن جو دل ۽ دماغ نفيس، سادو، هر نقش ۽ صورت کان خالي ۽ هرهڪ نقش کي قبول ڪندڙ هجي ٿو. جنهن طرف اوهان انهن کي مائل ڪندئو، ان جو لاڙو ان طرف ئي وڃي ٿو.
والدين کي گهرجي ته ٻارن جي اهڙي تربيت ڪن جو هو هن معاشري سان گڏوگڏ هن ملڪ جو مان مرتبو بلند ڪن ۽ دنيا ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي والدين جو نالو روشن ڪن. جيڪڏهن سستي، ڪاهلي، لاپرواهي، مجبوري واري ماحول سان انهن جي تربيت ڪنداسين ته هو به سڀاڻي سست، ڪاهل، لاچار ۽ مجبور ٿي پاڻ کي پيش ڪندا. استاد به پنهنجو ڪردار صحيح نموني سان تڏهن ئي سرانجام ڏئي سگھي ٿو، جڏهن ٻارن جي گهر جو ماحول به بهتر هجي.
2. استاد: ڪنهن به ملڪ جي قوم کي بگاڙڻ ۽ سنوارڻ جي اڌ ذميواري استادن مٿان عائد ٿئي ٿي. ڇو جو علم انسان جي ٽين اک آهي ۽ علم ئي انسان کي زندگي گذارڻ جو ڍنگ سيکاري ٿو، جيڪڏهن استاد پنهنجي پيشي سان وفادار هجي ته پوري قوم سڌري سگھي ٿي. اهي استاد جيڪي پاڻ کي استاد ته سڏارائين ٿا، پر ان پيشي کي صرف ڪمائي جو ذريعو ئي سمجهن ٿا. اهي پنهنجي پيشي سان غداري ڪن ٿا.
ڪو زمانو هو جو شاگردن وٽ استادن لاءِ وڏو مان مرتبو هوندو هو، استادن جي عزت ۽ احترام پنهنجي والدين کان وڌيڪ ڪندا هئا. استاد ۽ شاگرد جو نه ٽٽندڙ رشتو قائم هو، ان ڪري استاد به ڏاڍي چاهه ۽ شفقت سان پيش ايندا هئا، ڪڏهن ڪو ڪلاس نه گسندو هو، ان سان گڏ مشاعرن ۽ چٽا ڀيٽي جا مقابلا ٿيندا هئا. اسٽيج ڊراما، تقريري مقابلا ۽ راند روند جا پروگرام عام هوندا هئا. هن وقت استاد ساڳيو نه رهيو آهي. پنهنجو وقار مان مرتبو برقرار نه رکي سگھيو آهي. استاد صحيح پڙهائي نٿو، استاد شاگردن سان گڏ ويهي سگريٽ ڇڪي ٿو، شاگرد سان ڇڙواڳيءَ واريون ڳالهيون ڪري ٿو، ايتري تائين جو هڪ ٻئي سان عشق، پيار ۽ محبت جون ڳالهيون ڪن ٿا.
عالمي معيار جي هڪ اداري طرفان سنڌ ۾ ڪيل تحقيق ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ جي اسڪولن ۾ 20 سيڪڙو استاد رڳو 20 منٽ پڙهائي ٿو، استادن جي اهليت ۽ تربيت غير اطمينان بخش آهي. هزارين استاد ويزا تي آهن، ان کان علاوه اهو به ڄاڻايو آهي ته حڪومت ۽ استاد تنظيمون به ان صورتحال جون ذميوار آهن، جيڪي ويزا خور، گوسڙو، نه پڙهائيندڙ استادن جو پاسو کڻندڙ آهن.
پروفيسر لياقت عزيز چوندو هو “استاد ان ڪارخاني جو ڪاريگر آهي، جتي ذهن تيار ٿين ٿا” پر خود ڪاريگر پنهنجي فرض سان سچو نه رهي ته اتي ڪهڙا ذهن تخليق ڪري سگھندو، استاد کي گهرجي ته هو ٻارن جي لڪل صلاحيتن کي ظاهر ڪري ته جيئن قوم جي تقدير بدلجي سگهي.
3. حڪومت: چيو ويندو آهي ته حڪومت سڀڪجھه آهي، جيڪو چاهي ڪري سگهي ٿي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسان جي ملڪ جي حڪمراني سمجھه کان ٻاهر آهي. جڏهن کان پاڪستان وجود ۾ آيو آهي. تڏهن کان وٺي تعليم کي ثانوي حيثيت ڏني وئي آهي، جنهن جو اهم سبب ملڪ جي حاڪميت، جاگيردارن، وڏيرن ۽ خاندانن جي هٿن ۾ رهي آهي. جن ملڪ ۾ اڻ پڙهيو ماحول قائم ڪيو ته جيئن اسان جي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جي حاڪميت ۽ طاقت برقرار رهندي اچي. انهن ملڪ جون جيڪي به تعليمي پاليسيون جوڙيون، اهي سڀ جون سڀ اڻپوريون هجڻ سان گڏوگڏ انهن تي عملدرآمد نه ڪرايو، رڳو دنيا جي ٻين ملڪن جي معيارن ۽ پڇاڻن کان بچڻ لاءِ ڏيکاءُ ڪيو.
تعليم جو ادارو هجي يا صحت جو اتي پرفضا ماحول هجڻ تمام ضروري هوندو آهي ته جيئن ڪوبه ماڻهو انهن ادارن ۾ اچي ته اهو ايئن محسوس نه ڪري ته هتي ته ڪابه سهولت ناهي. سرڪار ادارا ته ناهي ٿي، جنهن ۾ ڪروڙن جو خرچ ٿئي ٿو، وڏيون وڏيون عمارتون ٺهن ٿيون ته جيئن عوام کي سهولتون ميسر ٿين پر ڏک انهيءَ ڳالهه جو ٿيندو آهي ته انهن ادارن ۾ نه پورو اسٽاف مقرر ڪيو ويندو آهي، نه مڪمل سامان ۽ نه پوريون سهولتون ڏنيون وينديون آهن. نتيجي ۾ وڏيون وڏيون ۽ خوبصورت عمارتون کنڊرات جو ڏيک ڏينديون آهن. نه مڪمل (Subjects) مضمونن جا استاد انهن ادارن ۾ هوندا آهن. جو پڙهندڙ شاگردن جو ڪورس مڪمل ٿي سگھي. نه ميرٽ تي اسڪالرشپ ڏينون وڃن ٿيون، نه ميرٽ تي غريب ٻارن جون فيسون معاف ڪيون وڃن ٿيون.
بورڊن جي امتحانن جو حال به نهايت برو آهي. ڇو ته امتحاني عملي جي امتحان وٺڻ سان دلچسپي گھٽ هوندي آهي ۽ مراعتون وٺڻ ۾ گهڻي هوندي آهي. نتيجو اهو نڪرندو آهي جو امتحاني سينٽرن ۾ ميلي جهڙو منظر نظر ايندو آهي. هڪ شاگرد جي جاءِ تي ٻيو شاگرد امتحان ڏيندو آهي. ڪاپيون گهرن ڏانهن موڪلي اتان لکرايون وينديون آهن.
هاڻي ذڪر ڪيون ٿا ڪاليجن ۾ ٿيندڙ يونيورسٽيءَ جي امتحانن جو، جڏهن يونيورسٽيءَ جي امتحان جو شيڊول پڌرو ڪري ٿي ته ڳاٽي ٽوڙ فيس هجن ٿيون، جيڪي ٻارن جا والدين برداشت ته ڪن ٿا، پر امتحاني سينٽرن ۾ نه پاڻي جي سهولت هوندي آهي نه بجلي جي، نه صفائي سٿرائيءَ جي، نه ئي ڪو مضبوط جامع نظام هوندو آهي. ڪافي شاگردن کي وقت سر سلپون نه ملنديون آهن، امتحاني ڪاپيون چيڪ ڪرڻ جو مرحلو ايندو آهي ته ڪاپيون سفارش جي بنياد تي چيڪ ڪرڻ لاءِ ڏنيون وينديون آهن. ايتري حد تائين جو ڪاپيون پراپر سبجيڪٽ جي استادن کان به نه ٿيون چيڪ ڪرايون وڃن، جنهن سان شاگردن سان تمام گھڻيون ناانصافيون ٿين ٿيون. امتحان گذري وڃن کان پوءِ بورڊ هجي يا يونيورسٽي اهي پيسن سان گريڊ ڏين ٿا.
تعليم جي ترقي ۽ ان ۾ اڳڀرو ٿيڻ لاءِ پاڪستان جي آئين ۽ انساني حقن جي عالمي پڌرنامي 10 ڊسمبر 1948ع ۾ قلم 25 ۾ لکيل آهي ته هر ماڻهوءَ کي تعليم مفت فراهم ڪئي ويندي. ڌنڌي واري تعليم عام مهيا ڪئي ويندي ۽ اعليٰ تعليم پڻ هوشياري، لياقت ۽ خوبي جي بنيادن تي ڏني ويندي. پر اسان جي ملڪ ۾ تعليم رڳو ڪمائي جو ذريعو ٿي وئي آهي. هن وقت تعليم جي ڪاروبار دنيا جي سڀني ڪاروبارن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيون آهي. تعليم جهڙي اهم وزارت به سڻڀين وزارتن ۾ ڳڻجڻ لڳي آهي. ٻاهران ملندڙ فنڊن جي ڪري هي وزارت وڌيڪ اهميت واري بڻجي وئي آهي. تعليم کاتو هڪ اهم کاتو آهي ۽ ڪنهن قوم جي تعليم کي تباهه ڪرڻ کي غفلت نٿو چئي سگھجي، اهو هڪ وڏو جرم آهي، جيڪو تعليم کاتي جي ڪرپٽ بيورو ڪريسي ۽ سياسي قيادت ڪندي رهي آهي. جڏهن تعليم کاتي جي انتظامي عهدن تي ايندڙ عملو ئي پنهنجي منصبي فرض کان منهن موڙي ڪرپشن ۾ ڪاهي پوي ته پوءِ تعليم کي ڪيئن بچائي سگھجي ٿو،
4. شاگرد: قوم جا معمار هوندا آهن، جيئن معمار هوندا تيئن ئي قومون ٺهنديون. تعليم جي عمل کي بهتر بڻائڻ جو ڪردار شاگردن مٿان هوندو آهي، تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق جيستائين شاگرد ۾ پاڻ نه هوندو، تيستائين والدين، استاد ۽ حڪومت جو ڪردار اڌورو ئي رهندو، اڄڪلهه جي شاگردن جو گھڻو وقت فضول ڪمن ۾ لڳي رهيو آهي. جڏهن وقت گذري ٿو وڃي ته پڇتاءَ کان علاوه ٻيو ڪجھه نٿو رهي، والدين پنهنجو سرمايو ۽ وقت ٻارن تي صرف ڪري ڇڏين ٿا. انهيءَ ۾ باقي ذميواري شاگردن مٿان ئي عائد ٿئي ٿي ته هو تعليم ۾ اڳڀرا ٿي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪن. تعليم ان کي نٿو چيو وڃي، جو اسڪولن ۾ وڃي 100 سيڪڙو حاضري ڀرائجي، بلڪه اصل تعليم ته علم حاصل ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿي. جيڪا انهن کي زندگيءَ جي هر موڙ ۾ ڪم اچي ٿي.
اڄ جو دور چٽا ڀيٽيءَ جو دور آهي. شاگرد کي پنهنجي اصل مقصد يعني تعيلم تي ڌيان ڏيڻ گھرجي. خاص ڪري جيستائين نياڻيون تعليم حاصل نه ڪنديون، تيستائين اسان جو ملڪ تعليم ۾ اڳڀرو نه ٿي سگھندو، ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته مرد پڙهيو “ته فرد پڙهيو، عورت پڙهي ته خاندان پڙهيو.”
ان لاءِ ضروري آهي ته عورت جي تعليم تي خاص توجه ڏجي ته جيئن اسان جوايندڙ نسل پڙهيل لکيل ٿئي.