اسان وٽ رياست ۽ سياست هڪ هٿ ۾ هجڻ ۽ ڏيڻ به هن ملڪ جي لاءِ خطري جي گھنٽي رهي آهي، جنهن جا مثال ڏئي ڏئي ماڻهو ٿڪجي پئي. اها ڪنهن طرح سياسي ٽرينڊ مطابق هڪ زبردست خرابي به هئي ته جيڪي به پاور فل رهندا آيا اهي گڙ ٻڙ ڪري ويا ۽ ان ۾ خاص الخاص ملٽري دور رهيا جن آئين ۽ قانون جي باقائده لتاڙ ڪئي، ان ڪري عمران خان کي به اهڙو ميدان صاف کپندو هو ته هو آئين ۽ قانون کي جيئن چاهي تيئن استعمال ڪري يا ٽشو بڻائي ڇڏيس. اسان وٽ “سياسي سائيڪل” يا ڪرسيءَ جو ڦيرو ائين به آهي ۽ هلندو رهندو ته ايندڙ سرڪار ساڌو آهي ۽ ويندڙ سرڪار چور، ساڳي ڳالھه ماضيءَ جي حڪومتن تي به لاڳو هئي، ان ڪري پوءِ عام ماڻهو ڇا ڪري. هن سرڪار کي جمعو جمعو اٺَ ڏينهن به ناهن ٿيا، پر ورثي ۾ مليل سياسي، معاشي، بيروني ۽ اندروني مسئلا سڀ کان گھڻا ۽ شديد اٿن جن ۾ سڀ کان پهريان ته پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌائڻ وري ڳالھه آهي جنهن تي سڀ شيون منحصر آهن معنيٰ مهانگائي کي وڌائڻ معنيٰ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن کي باھ ڏيڻ جي برابر آهي. نون ليگ وارن به ساڳو فلسفو سمجهايو. مثال جيئن پي ٽي آءِ اسد عمر کان وٺي شوڪت ترين تائين اڌ درجن کن ناڻي جا وزير بدلايا (پر عمران خان پاڻ نه بدليو) ۽ نون ليگ به اهڙي صلاحڪار کان ناڻي جي وزارت شروع ڪئي آهي جنهن سان ملڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف جو وفد هنن وٽ ايندو ۽ رهيل قرضن ۾ جيڪي سيپٽمبر ۾ اچڻا آهن سي هاڻي 5 جي بجاءِ 7 بلين جي واڌ سان ملندا.