اسان وٽ رياست ۽ سياست هڪ هٿ ۾ هجڻ ۽ ڏيڻ به هن ملڪ جي لاءِ خطري جي گھنٽي رهي آهي، جنهن جا مثال ڏئي ڏئي ماڻهو ٿڪجي پئي. اها ڪنهن طرح سياسي ٽرينڊ مطابق هڪ زبردست خرابي به هئي ته جيڪي به پاور فل رهندا آيا اهي گڙ ٻڙ ڪري ويا ۽ ان ۾ خاص الخاص ملٽري دور رهيا جن آئين ۽ قانون جي باقائده لتاڙ ڪئي، ان ڪري عمران خان کي به اهڙو ميدان صاف کپندو هو ته هو آئين ۽ قانون کي جيئن چاهي تيئن استعمال ڪري يا ٽشو بڻائي ڇڏيس. اسان وٽ “سياسي سائيڪل” يا ڪرسيءَ جو ڦيرو ائين به آهي ۽ هلندو رهندو ته ايندڙ سرڪار ساڌو آهي ۽ ويندڙ سرڪار چور، ساڳي ڳالھه ماضيءَ جي حڪومتن تي به لاڳو هئي، ان ڪري پوءِ عام ماڻهو ڇا ڪري. هن سرڪار کي جمعو جمعو اٺَ ڏينهن به ناهن ٿيا، پر ورثي ۾ مليل سياسي، معاشي، بيروني ۽ اندروني مسئلا سڀ کان گھڻا ۽ شديد اٿن جن ۾ سڀ کان پهريان ته پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌائڻ وري ڳالھه آهي جنهن تي سڀ شيون منحصر آهن معنيٰ مهانگائي کي وڌائڻ معنيٰ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن کي باھ ڏيڻ جي برابر آهي. نون ليگ وارن به ساڳو فلسفو سمجهايو. مثال جيئن پي ٽي آءِ اسد عمر کان وٺي شوڪت ترين تائين اڌ درجن کن ناڻي جا وزير بدلايا (پر عمران خان پاڻ نه بدليو) ۽ نون ليگ به اهڙي صلاحڪار کان ناڻي جي وزارت شروع ڪئي آهي جنهن سان ملڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف جو وفد هنن وٽ ايندو ۽ رهيل قرضن ۾ جيڪي سيپٽمبر ۾ اچڻا آهن سي هاڻي 5 جي بجاءِ 7 بلين جي واڌ سان ملندا.
هڪ ڳالھه هي حڪومت ماڻهن کي سمجهائي ته مهانگائي جون آلجبرائون ڇاهن، في ڪس آمدني ڇو نه ٿي وڌي يا جي وڌي ٿي ته ان سان گڏ مهانگائي به ٻيڻ ۽ چئوڻ تي وڌي ٿي وڃي. هنن جي حرفت ۾ (پوءِ اها ماضي جي سرڪار هجي يا ان کان اڳ يا هاڻي واري) اهو به آهي ته پنهنجو ديسي پيٽرول به ان ساڳي اگھه تي عوام ۾ ٿا کپائين جنهن اگھه، خرچ، سيڪڙي تي هنن کي ٻاهران گهرايل تيل پوي ٿو. اوگرا ته آئوٽ سورس ڪمپنين کي ٻاهرين ملڪن کان ڊائريڪٽ تيل وٺڻ جي آڇ ڪندي آهي، ٻاهرين ملڪن جي پيٽروليم ڪمپنين کي اجازت به ڏيندي آهي ته هي پاڻ پيٽرول وٺن، پاڻ کپائين، پاڻ پيٽرول جي ڳولها (ڊرلنگ) ڪن، پاڻ صاف ڪن، پاڻ سڀ ڪجھه ڪن، پر حڪومت جي هٿ تي رڳو ٽيڪس جا پئسا رکن، ان ڪري حڪومت انهن جي ڪنهن به ڳالھه سان ٻڌل ناهي، پر جنهن خرچ يا اگھه تي هي ديسي گيس حاصل ڪن ٿا ان اگھه تي وري کپائين، پر هاڻي هنن اهو به سوچو آهي (هن کان اڳئين سرڪار به اهو سوچيندي ۽ ڪندي هئي) ته گئس شارٽ ڪجي ۽ گيس جي پورائي جي لاءِ جيڪا گيس ٻاهرين ملڪن کان گهرائجي اها به ان اگھه تي کپائجي جنهن اگھه تي گيس ٻاهران پئي ٿي. ان ڪري فرنيس آئل به مهانگو ڪجي ته جيئن هر ڳالھه جو بار عوام تي پئي. ان ڪري آءِ ايم ايف جي ايگريمينٽ جو اثر حڪومتن تي ناهي پوڻو نه ئي انهن جي مٿان ڪو اثر ٿيڻو به آهي، ان جو سڌو سنئون اثر رڳو عوام جي مٿان پوڻو ۽ ٿيڻو آهي، پر افسوس اهو به آهي ته حڪومتن وٽ رڳو ان ڳالھه جي ضرورت آهي ۽ اهي سڀ ان گوءِ ۾ آهن ته ڪير ٿو ٻاهرين ملڪن سان ياري رکي، ملڪ جا ترا ڪڍي ۽ ڪير ٿو ڪرسي تي ويهي. ان ڪري سي پيڪ جا منصوبا هجن، ڪراچي سرڪيولر ٽرين هجي، گوادر پورٽ جا منصوبا، روڊن جي مرمت، ڪراچي جي صنعتي زون جي روڊن جي مرمت هجي، ڪراچي گرين بس ٽريڪ هجي يا اورينج لائين هجي، اهي سڀ چيني فرمائشن جا نتيجا آهن، اهي سڀ انهن جي پاليسين جي آجيان آهي، عوام وڃي پئي کڏ ۾ ڪو به خادم اعليٰ ناهي ڪوبه خادم پاڪستان ناهي، ڪنهن وٽ ذري برابر به درد ناهي ته عوام سان ڇا ٿو ٿئي ۽ عوام ڪاڏي ويندو.
ٻاهرين ملڪن جي حڪمرانن وٽ ڪهڙي پي ايڇ ڊي جي ڊگري هوندي آهي، جيڪا اسان جي حڪمرانن کي به ڪرڻ کپي، پر حڪومتن جي هلائڻ جي ڳالھه ان ڪري به سولي آهي ته جيئن هاڻي شهباز شريف سکڻيون ڳالهيون ٻولهيون ڪري ڊيزل ۽ پيٽرول، گيس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ويندو آهي، سکڻا اعلان ڪري هٿ ڇنڊي ويهي رهندو آهي ۽ ائين ئي سڀاڻي هر شيءِ جيڪڏهن مهانگي ٿي ته به “ميري عزيز هم وطنو” چئي معذرت ڪندو. ان ڪري ته اها ڳالھه سولي آهي ته هر ڳالهھ ويندڙ سرڪار تي هڻي ماڻهن جي آڏو وڪالت ڪيو. ڇو ته اهو بهانو ڪري اڳين سرڪار ماڻهن کي ان ڳالھه جي پڪ ڏياريندي هئي ته ناڻي ۾ ڪجھه به ڪونهي، گذريل سرڪار ناڻو خالي ڇڏي وئي هئي، “هاڻي ڇا ڪجي” واري صورتحال آهي؟ پوءِ وٺي ٿا ڀڄن آءِ ايم ايف ڏي، پوءِ جيئن آءِ ايم ايف چئي، پوءِ عوام جي چيلھه ڀڄي ته ڀلي ڀڄي، هنن کي اها ڳالھه چوڻ سولي ٿي لڳي ته “اسان کي مشڪل سان ڏيڍ سال مليو آهي، ان ۾ ڇا ڪري سگهنداسين”، پر هنن کان پنهنجن اڳين حڪومتن جا ڪرتوت وسري ويندا آهن. اهي اسٽيبلشمينٽ سان پهرين راضي نامون ٿا ڪن ته جيڪو به ايندو ان کي هر ڳالھه مالڪن کان پڇي ڪرڻي پوندي، جيڪي حڪومتون ڏين به ٿا ۽ وٺن به ٿا. ان ڪري ته اسان جهڙو جيتامڙو ملڪ هن ڳالھه جو متحمل ناهي ته ڪا بيروني سياسي رَهَنڊَ سهي سگهي. ملڪ ڪنهن غير جمهوري باھ ۾ سڙي، ڪا ايمرجنسي لاڳو ٿئي ته پئي ٿئي. هاڻي اها شيءِ ان ڪري به ممڪن نه هئي جو اسان ٻن گهرن جا مهمان آهيون، جَنڊ جي ٻن پُڙن ۾ آيل آهيون پوءِ پيا پيڙهباسين. اها ڳالھه به مڃون ٿا ته 58 ٽو بي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ به وزيراعظم اڃان ان پاور ۾ ناهي ته اهو ڪجھه ڪري سگهي.
حڪومتون جڏهن چونڊجي اچن ٿيون ته انهن وٽ اهي سڀ ڏانوَ، طريقا، سمجھه ۽ سوچ هجڻ گهرجن ته حڪومت ڪيئن هلائجي، ائين ئي جيئن گاڏي هلائڻ کان پهرين لائسنس هجڻ ضروري هوندو آهي، ائين ئي اڳواڻن کي حڪومتن جي هلائڻ جي لياقت هجڻ ضروري آهي. عمران خان جي اها ڳالھه به روا نه هئي ته “مون کي حڪومت اڃان سمجھه ۾ ناهي آئي ته هلائجي ڪيئن” ۽ ائين ئي ساڍا ٽي سال گذري ويس. اها ڳالهھ گذريل وزيراعظم به چئي ويا هئا ته سرڪار هلي ڪيئن ٿي يا هلايون ڪيئن، پوءِ اسٽيبلشمينٽ وٽ يا اهي ماڻهو جن جي هٿ وس سرڪار جي هلائڻ جو ڏانءُ آهي ته پوءِ اهي هڪ سياسي ٽريننگ اسڪول کولن جنهن ۾ سرڪار ۾ ايندڙ ماڻهن کي تربيت ڏين ته اهي حڪومتون هلائڻ سکن ۽ هر ڳالهھ سوچي سمجهي ڪن، هر ڳالهھ پڇي ڪن، ان ڪري ته تجربا ڪندي ڪندي ملڪ کي 78 سال گذري ويا آهن، پر نه قانون سڌو آهي نه قانون ٺاهيندڙ سڌا آهن نه لاڳو ڪندڙ سڌي پير تي آهن، نه ئي حڪومتون سڌيون آهن (نه ٿينديون) نه ئي سسٽم سڌا ٿيندا. پوءِ ٿئي ائين جو انهن نوَن حڪمرانن کي اپوانٽمينٽ جي ليٽر ۾ اهي مول متا، اصول ضابطا ۽ قائدا قانون لکيل هجن، جيڪي ان وزيراعظم يا صدر کي پاڙڻا پون، ڇو ته اهڙا ماڻهو جيڪي غلطي سان راند جي ميدان مان نڪري ان ارادي سان سياست ۾ ٿا اچن ته اهي عوام جي خدمت ڪندا ۽ اچڻ سان ئي غريب عوام تي مهانگائي، بيروزگاري، بدحالي ۽ بڇڙائي جا در کولي ٿا ڏين، ان ڪري جو مسئلو انهن سان ناهي جيڪي حڪومتي ڪرسين تي ٿا ويهن، پر مسئلو عوام سان ضرور آهي جيڪي سدائين لُٽبا، سٽبا ۽ خوار خراب ٿيندا ٿا رهن.
عمران خان جو ڪرسي تان لهڻ جو مطلب هرگز نه هو، پر جيل ۾ بند رهي به ڇا ڪندو، يا پاڻ سان گڏ هاڻي عوام کي به ڏچي ۾ وجھندو؟ عوام کي طاقتِ ڪُل سمجهي انهن جي معصوميت کي استعمال ڪندو، ان ڪري عوام ته اَنڌ ڌُنڌ تي آهي، اهو ته ٽي ايل پي جي سڏ تي به لبيڪ ٿو چئي، اهو پ پ جي ها ۾ ها ٿو ملائي اسلام آباد به هلي ٿو پئي، اهو نون ليگ جي لاءِ مينار پاڪستان ۾ ماڻهن جو سمنڊ ٿو اٿلائي، اهو عمران جي چوڻ تي پشاور ۾ به اُٽلي ٿو پئي. ڇو ته سياستدان عوام کي ڪنهن بِين جي سُر تي، ڪنهن سياسي مُرلي جي راڳ تي سڏي هڪ هنڌ گڏ ڪري ملڪ کي ڏچي ۾ ٿا وجهن. حڪومتون ته اچڻيون وڃڻيون آهن، ائين به نه ناهي ته هاڻي جي عمران خان جي سرڪار آئي ته هي ماکي جو رهيل کهيل نهرون وهائي ڇڏيندو، کير جو نديون وهائيندو، خوشحالي جا باغ هڻائي ڇڏيندو، پر حقيقت ۾ ڪجھه به ناهي ٿيڻو، ڇو ته جيڪا مهانگائي نون ليگ وارا ڪندا اها مهانگائي پ پ کي به اچي ڪرڻي آهي، جيڪي ڪرائيسز هڪ حڪومت ڇڏي ويندي ٻي سرڪار اچي انهن کي ٻيڻو ڪندي. اهو چوڻ ۾ وڏي آساني آهي ته اڳيون حڪومتون ڪري ويون. مڃون ٿا ته هر سرڪار ڪنهن نه ڪنهن ڊيل جو نتيجو هجي ٿي ته سڀاڻي هي ٿي سگهي ٿو عمران خان به ڪا ڊيل ڪري وري اچي، جيئن پهرين ڪلهن تي چڙهي آيو هو هاڻي به ساڳي واٽ وٺي. ڇو ته عوام ڪنهن کي به روڪي ٽوڪي نٿو سگهي، پر غلط سياسي ٽرينڊس، خانا جنگي وارو ماحول نه بڻائجي جنهن ۾ ملڪ جي بدنامي ٿئي.