ايڊيٽوريلنئون

ٿر جي سياحت ۽ سنڌ حڪومت جي هفتيوار ٽرين

            هن وقت سياحت دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ناڻو ڪمائيندڙ صنعت آهي، جنهن ۾ مختلف قسمن جا ڪاروبار گڏوگڏ ترقي ڪري ملڪ اندر پرڏيهي ناڻو پيدا ڪن ٿا. سياحت جي ميدان ۾ يورپ، ايشيا، آمريڪا، آسٽريليا ۽ آفريقا جا ڪيترائي ملڪ هن وقت تمام گهڻي ترقي ڪري رهيا آهن، ڪجهه ملڪ ته اهڙا آهن جن جو گذر سفر ئي سياحت تي ٿئي ٿو. اهڙا ملڪ ٻين ملڪن جي امير ماڻهن کي جيڪي جڏهن پنهنجي ڪم ڪار کان ٿڪجي پون ٿا ته گهمڻ لاءِ مختلف ملڪن جو رخ ڪن ٿا. سياحتي ميزبان ملڪ اهڙن ماڻهن لاءِ سهولتون پيدا ڪري انهن جي مهماني ڪن ٿا ۽ ناڻو ڪمائين ٿا. سياحت سان گڏوگڏ انهن ملڪن ۾ هوٽل جي صنعت، کاڌي پيتي جي صنعت ۽ اتان جو مقامي هٿ جو هنر ڪرڻ وارن ماڻهن جو روزگار تمام گهڻي ترقي ڪري ٿو. پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي قدرت جا حسين منظر جن جي ڀيٽ سئيٽزرلينڊ جي خوبصورت منظرن سان ڪري سگهجي ٿي ته وري اتي موهن جو دڙو، بادشاهي مسجد ۽ ٻيا ڪيترائي مغلن جا تعمير ڪيل يادگار موجود آهن، پر افسوس ته اسان پنهنجي ملڪ ۾ ڪڏهن به ان صنعت جي واڌ ويجهه جي لاءِ سرڪار طرفان سنجيدگيءَ سان قدم کڻندي نه ڏٺا آهن.

            هن وقت ٿرپارڪر جي خطي ۾ آبادي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي ماڻهن وٽ پيداوار جا ذريعا تمام گهٽ آهن، پر اتان جا قدرتي منظر ۽ اتان جا جبل، چشما ۽ اتان جي ثقافت ۽ مور ماڻهن کي پاڻ طرف ڇڪين ٿا، جنهنڪري ماڻهو ڇڪجي اتي پهچن ٿا، جنهن کي ڏسندي نيٺ حڪومت کي ان پاسي سياحت جي واڌ ويجهه لاءِ هڪڙو قدم کڻڻو پيو آهي.  سنڌ جي صوبائي حڪومت ٿر ۾ سياحت کي زور وٺرائڻ لاءِ ڪراچيءَ کان ڇور تائين هفتيوار ريل سروس شروع ڪئي آهي. ٿر ۾ سياحت جي سلسلي ۾ ڪيترائي ماڳ آهن، جن لاءِ ملڪ ۽ پرڏيهه جي ماڻهن کي موقعو ملڻ گهرجي ته اهي ٿر ڏسن. مٺي جي ڀٽن سان گڏ ننگرپارڪر جو جبل عمرڪوٽ ۽ ڇاڇرو کان کوکروپار تائين فطرت جون تمام گهڻيون نشانيون ۽ حسناڪيون موجود آهن، جيڪي سياحن لاءِ ڪشش جو باعث آهن. سنڌ جا ماڻهو ٿر جي سياحت ڪندا رهن ٿا، جيڪڏهن صوبائي سرڪار جي ثقافت کاتي انهيءَ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن ته اهو ساراهه جوڳو قدم آهي. ريل جي اها سفاري ٽرين ٿر جي سياحت ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿي سگهي ٿي. انهيءَ سان ٿر جي ماڻهن جو به فائدو ٿيندو. ٿر جو صحرا جيڪو 200000 چورس ڪلو ميٽر آهي ۽ ان جو شمار دنيا جي نائين وڏي صحرا جي طور تي ڪيو وڃي ٿو. ٿر جيئن ته عام طرح سياحت لاءِ مقبول جاءِ آهي. انهيءَ ڪري سنڌ جي ثقافتي کاتي جون سياحت لاءِ اهي ڪوششون اڳتي هلي معاشي ۽ مالياتي فائدو کڻي اينديون. ٿر واسين کي به سياحت جي واڌ ويجهه سان روزگار جا ذريعا ميسر ٿيندا ۽ سنڌ سرڪار به ان مان آمدني حاصل ڪري سگهندي، جيڪڏهن سرڪار لاڳيتو ٿر ۾ سياحت جي همت افزائي ڪري ٿي ۽ سياحن جي لاءِ سهولتون ۽ روڊ رستا، هوٽلون، ٽيلي ڪميونيڪيشن جهڙيون بنيادي ضرورتون اتي فراهم ڪري ٿي ته ٿر سنڌ جو راجسٿان وانگر هڪ سياحتي ماڳ بڻجي سنڌ کي تمام گهڻو امير ڪري سگهي ٿو. جيڪو نه صرف حڪومتي سطح تي فائدو ڏيندو، پر اتان جي مقامي صنعتن کي ۽ هنرمندن جي زندگين کي به تبديل ڪري ڇڏيندو. هتي اها ڳالهه ڪندا هلون ته بين الاقوامي سطح تي سياحت جي صنعت جو مجموعي تعداد تقريبن 9 ٽريلين ڊالر کان مٿي آهي، جيڪو بين الاقوامي برادري جي مجموعي جي.ڊي.پي جو 10 سيڪڙو بڻجي ٿو. جيڪڏهن پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ سياحت جي صنعت کي هٿي ڏئي وڌايو ويو ته يقينن صوبي مان غربت جو خاتمو ٿيندو ۽ هڪ نئون دور شروع ٿيندو. اسانجي ملڪ کي قدرت بيش بها تفريحي ماڳن ۽ موسمن سان مالامال ڪيو آهي. هماليه جي بلند جبلن جو سلسلو به اسان وٽان گذري ٿو. پاڪستان جا اتريان علائقا سياحتي صنعت لاءِ اهم جايون آهن ۽ سڄي پاڪستان جا ماڻهو اوڏانهن سياحتي سفر ڪندا ٿا رهن. سرڪار کي گهرجي ته ملڪ ۾ امن امان جي حالتن کي بهتر ڪري ۽ معاشري کي برداشت جوڳو بڻائي ته جيئن عالمي سياح اسانجي ملڪ ۾ اچن.

            اسانجو ملڪ دنيا جو سهڻو ملڪ آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سياحن کي عالمي معيار جون سهولتون ڏنيون وڃن ته جيئن اسين سياحت مان ناڻو ڪمائي سگهون. عالمي سياحت اسانجي ملڪ لاءِ ضروري آهي. هتي اسين ٿر جي سياحت جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جيئن ته ٿر جي ڳوٺاڻن علائقن جي پنهنجي ثقافت آهي ۽ اتي جون مقامي روايتون ۽ اهي کاڌي کائڻ کان وٺي مهمانوازي تائين پنهنجو مَٽ پاڻ آهن. ٿر جي کاڌي ۾ اتي جون کنڀيون، مريڙو، گوار، چڀڙ، ٻاجهر جي ماني ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون اچي وڃن ٿيون. سياحن لاءِ انهن جو ذائقو نئين ڳالهه هوندي. ڇاڪاڻ جو ٿر برسات جي پاڻي تي پنهنجي اميد رکي ٿو. ٿر جي زراعت ۽ اتي جي مال جو گاهه انهيءَ برسات ڪري ممڪن ٿي سگهندو آهي. ٿر ۾ جيئن ته پاڻي جي گهٽتائي آهي. تنهنڪري سنڌ حڪومت کي سنڌو درياءَ مان واهه ڪڍي، ٿر جي ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪرڻيون پونديون ته جيئن اتي ماڻهن جي پيئڻ جي پاڻي کان وٺي زراعت لاءِ پاڻي دستياب ٿي سگهي. ٿر پنهنجي جاگرافي ۾ انتهائي اهميت وارو آهي. جنهن کي پنهنجو پهاڙ آهي ۽ ننڍڙيون ڍنڍون آهن. مٺي، ننگرپارڪر، ڇاڇرو، ڪاسبو ۽ کوکروپار جهڙا ماڳ منجهس آهن، جيڪي سياحن کي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿا. سنڌ حڪومت جو ثقافت کاتو ٿر جي سياحت لاءِ بهتر ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هفتيوار ريل جو سفر ڪراچي کان ٿر تائين سياحت لاءِ ڄڻ ڪنهن خواب جي تعبير آهي. ٿر ۾ جيئن ته گڏيل آبادي رهي ٿي ۽ ماڻهن جو گذرسفر باراني زراعت ۽ مال جي پالنا تي آهي. ٿر جي تعليم سڄي ملڪ ۾ سڀني کان اهميت واري آهي، جو ٿر جو شاگرد سڄي ملڪ ۾ مختلف امتحانن ۾ امتيازي نمبرن سان پاس ٿئي ٿو. سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار کي ٿر جي پارت آهي. سنڌ جي ثقافت کاتي هفتيوار سياحتي ريل وارو منصوبو جوڙي هڪ ڀلو ڪم ڪيو آهي. انهيءَ کي مستقل بنيادن تي اڳتي وڌايو وڃي ته سڄي ملڪ مان ماڻهو هتي اچي ٿر جي حسن ۽ ثقافت کي ڏسي سگهن ۽ ٿر جو عوام خوشحالي ماڻي سگهي.