بلاگنئون

سنڌ جي زراعت کي يقينن ڊرپ ايريگيشن سسٽم ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي ضرورت آهي

سنڌ جي چيف منسٽر هائوس ۾ هڪ هاءِ ليول جي ميٽنگ ٿي گذري، جنهن ۾ وزيراعليٰ، چيف سيڪريٽري، زراعت جي صوبائي سيڪريٽري، زراعت ۽ آبپاشي جي اعليٰ عملدارن حصو ورتو. جنهن ۾ ان ڳالهه تي غور ڪيو ويو ته سنڌ ۾ زرعي پاڻيءَ جي کوٽ کي ڪيئن بهتر نموني حل ڪجي. پوءِ انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته جديد ٽيڪنالاجي جنهن ۾ ڊرپ ايريگيشن سسٽم ۽ اسپرنڪل سسٽم کي متعارف ڪرايو وڃي، جنهن جي ذريعي پاڻي گهٽ استعمال ٿيندو ۽ زمين مان في ايڪڙ پيداوار وڌيڪ حاصل ٿيندي. هن وقت جڏهن پوري دنيا ۾ مٺي پاڻيءَ جي کوٽ اچي رهي آهي ۽ زراعت جي لاءِ پوري دنيا جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪري پاڻي گهٽ خرچ ڪري سٺي پيداوار کڻي رهي آهي، انهيءَ وقت سنڌ جي وزيراعليٰ جو اهڙو فيصلو ته اسان سنڌ ۾ به جديد ٽيڪنالاجي ذريعي زراعت کي هٿي ڏينداسين ۽ پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏينداسين هڪ بهتر فيصلو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته اهو فيصلو عام آبادگار جي ڀلي لاءِ هوندو يا صرف وڏن زميندارن جي فائدي لاءِ هوندو. ڊرپ سسٽم جي ڪري پاڻي ايترو بچائي سگهجي ٿو. مثال طور: ڪنهن زميندار وٽ هڪ ايڪڙ زمين کي سيراب ڪرڻ جيترو پاڻي آهي ته انهيءَ پاڻيءَ مان هو 5 ايڪڙ زمين آباد ڪري سگهي ٿو. ٻيو فائدو اهو آهي ته فصل جي پيداوار وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ ٽيون فائدو اهو آهي ته زمين جي ذرخيزي برقرار رهي ٿي. انهيءَ ڪري ته ان کي هڪ مناسب مقدار ۾ پاڻي ملي ٿو، وڌيڪ پاڻي ملڻ جي ڪري به زمين جي ذرخيزي متاثر ٿيندي آهي. هاڻي اهي سڀ فائدا آهن جنهن سان زراعت بهتر ٿيندي، پر ڳالهه کٽي ٿي عمل ڪرڻ تي ۽ نيت تي.
ڇو ته پرويز مشرف جي زماني ۾ پڻ پوري پاڪستان سميت سنڌ ۾ ڊرپ سسٽم ۽ اسپرنڪل سسٽم متعارف ڪرايو ويو هو، سرڪار ان تي تمام گهڻي رعايت پڻ ڏني هئي، پر فائدو صرف وڏن زميندارن حاصل ڪيو، ننڍا زميندار نهاريندا رهيا. جيڪڏهن هن وقت سنڌ حڪومت کي سنڌ جي زراعت جو اونو ٿيو آهي ته سٺي ڳالهه آهي، جيڪي به ننڍا زميندار آهن انهن کي سرڪار طرفان ڊرپ ايريگيشن سسٽم رعايتي اگهن تي ڏنو وڃي ۽ انهن کان ان سسٽم تي آيل لاڳت گهٽ ۾ گهٽ ڏهن سالن جي آسان ڇهه ماهي قسطن ۾ ورتي وڃي، انهيءَ ڪري ته اهو سسٽم سستو نه آهي، جنهن جي في ايڪڙ لاڳت 12 کان 15 لک رپيا ٿئي ٿي. ايترو سرمايو ننڍي آبادگار وٽ نه آهي، ان ڪري هو ان مان فائدو حاصل ڪري نه سگهندو.
ان سان گڏ سنڌ حڪومت اهو به يقيني بڻائي ته سنڌ جي حصي جو پاڻي سنڌ صوبي کي ارسا مان ملڻ گهرجي، جيڪو پاڻيءَ وارو ٺاهه 1991ع ۾ ٿيو هو ان پٽاندڙ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي. پنجاب صوبو سنڌ جي پاڻيءَ کي روڪي ٿو، جڏهن ٻوڏ ايندي آهي ته پوءِ سمورو پاڻي سنڌ ڏانهن ڇڏيو ويندو آهي جنهن جي ڪري سنڌ ٻڏي ويندي آهي، ان طرف به سنڌ حڪومت کي ضرور ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن وقت مرڪز ۾ اتحادي حڪومت آهي جنهن ۾ هڪ وڏو حصو پيپلز پارٽيءَ جو آهي ته پوءِ پيپلز پارٽي مرڪز کان سنڌ جي ڪوٽا جو مقرر پاڻي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ڇو ٿي ٿئي؟ باقي رهي ٿي زراعت جي شعبي جي ريسرچ ونگ انهيءَ ميٽنگ ۾ اها به خبر پئي ته سنڌ جي زراعت جي شعبي جي ريسرچ ونگ غير فعال بڻيل آهي، جڏهن ته هو بجيٽ پڻ وٺي رهي آهي، ملازم پگهارون کڻي رهيا آهن، پر ڪابه ريسرچ ڪونه پئي ٿئي، فصلن لاءِ نوان نوان ٻج متعارف نٿا ٿين، ان ڪري ان کي به هڪدم فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان طرف ڌيان ڏنو وڃي ته يقينن سنڌ جي زراعت ترقي ڪندي، جنهن مان سنڌ جي 70 سيڪڙو عوام کي فائدو ملندو.