سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ وارو ٺهراءُ منظور
21 فيبروري، 2023 تي سنڌ اسيمبلي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي. پ پ ايم پي اي هير سوهو مادري ٻولي جي عالمي ڏينهن تي سنڌي ٻوليءَ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي متن ۾ چيو ويو ته هي ايوان سنڌي لئنگويج اٿارٽي کي عالمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ تي ڀيٽا پيش ڪري ٿو. ساڳيو ٺهراءُ پ پ ايم پي اي ماروي فصيح به پيش ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته موهن جي دڙي مان پڻ لکت ملي ٿي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پنج هزار سال اڳ به لکت موجود هئي، هن ٺهراءُ وسيلي مطالبو آهي ته سنڌي ٻولي سميت سمورين مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي.

