خاص

سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قصور وار قرار، رپورٽ پيش

ايف آءِ اي سائفر ڪيس جو چالان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي کي قصور وار قرار ڏنو ويو آهي. ايف آءِ اي طرفان پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي کي ٽرائل هلائي سزا ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. اطلاعن موجب ايف آءِ اي جي لسٽ ۾ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري اسد عمر جو نالو جوابدارطور شامل ناهي، چالان ۾  اعظم خان ايف آءِ اي جو مضبوط گواهه آهي، اعظم خان جو 161 ۽ 164 جو بيان چالان سان گڏ شامل آهي. چالان موجب پي ٽي آءِ چيئرمين سائيفر پاڻ وٽ رکيو ۽ اسٽيٽ سيڪريٽ جو غلط استعمال ڪيو، سائيفر ڪاپي پي ٽي آءِ چيئرمين وٽ پهتي، پر واپس نه ڪئي وئي. چالان ۾  پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي جي 27 مارچ جي تقرير جا ٽرانسڪرپٽس به شامل آهن، 28 گواهن جا 161 جا بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد چالان سان گڏ لڳايا ويا. ايف آءِ اي 28 گواهن جي لسٽ چالان سان گڏ سيڪريٽ ايڪٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. اطلاعن موجب ايف آءِ اي جي گواهن ۾  پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد، اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري فيصل نياز ترمزي ۽ ٻيا شامل آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي سائفر گمشدگي ڪيس ۾ جڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ موجود آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي اوپن ڪورٽ ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هو.