خاص

افغانستان مان پاڪستان اندر دراندازي جي ڪوشش ناڪام، ٽي ٽي پي جا 3 دهشتگرد مارجي ويا

پاڪ فوج جي تعلقات عامه جي شعبي آئي ايس پي آر مطابق سيڪيورٽي فورسن زوب ۾ پاڪ افغان سرحد جي ويجهو ڪارروائي ڪئي ۽ ڪالعدم ٽي ٽي پي جي 3 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جيڪي افغانستان کان پاڪستان ۾ دراندازي جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. آئي ايس پي آر مطابق سمبازه جي ويجهو ٽي ٽي پي جا دهشتگرد افغانستان مان پاڪستان گهڙي رهيا هئا جنهن تي سيڪيورٽي فورسن ڪارروائي ڪئي.