سنڌ ۾ ڪورونا آرڊيننس جي ڀڃڪڙي تي 10 لک رپيا ڏنڊ لاڳو

سنڌ ۾ ڪورونا جي ڪورنٽائن سينٽر کان ٻاھر نڪري ٻئي ماڻھو کي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ڪرڻ واري ماڻھو تي 10 لک رپين تائين ڏنڊ پوندو. حڪومتي قدمن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ پڻ ڏوھ ھوندو. سنڌ ۾ وبائي مرضن کي روڪڻ وارو آرڊيننس لاڳو ٿي ويو. ڪالھ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل وبائي بيمارين جي پکيڙ کي روڪڻ وارو سنڌ ايپيڊيمڪ ڊزيزز ترميمي آرڊيننس 2020 ع منظور ڪري ڇڏيو آھي. ان ترميمي آرڊيننس تحت صوبائي حڪومت ڪنھن به بيماري جي پکيڙ يا خطري جي صورت ۾ ڪنھن به آفيسر کي ضروري ڪاروائي ڪرڻ جا اختيار ڏئي سگھندي ۽ عوام کي مختلف ھدايتن تحت سرگرمين کان روڪي سگھندي. ان ترميمي آرڊيننس کي سنڌ ڪابينا ڪجھ ڏينھن اڳ منظور ڪري گورنر کي اماڻيو ھو ۽ ڪالھ گورنر ان آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. ترميمي آرڊيننس ۾ ڄاڻايل آھي ته وبائي مرض جي پکيڙ جي ذميوار يا حڪومتي قدمن تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ 10 لک رپين تائين ڏنڊ پوندو. اھو آرڊيننس پھرين مئي کان لاڳو ھوندو. ڏنڊ 2 لک کان 10 لک رپين تائين ھوندو