حفاظتي قدمن تي عمل نه ٿيو ته پابنديون ٻيهر لڳائي سگهجن ٿيون: اسد عمر

منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر خبردار ڪندي چيو آهي ته عوام حفاظتي قدمن تي عمل نه ڪيو ته پابنديون ٻيهر لڳائي سگهجن ٿيون. اميد آهي ته شهري ڪورونا صورتحال کي سمجهندا. عيد جي تياري ضرور ڪريو، پر حفاظت به ڪريو. سڄو ملڪ هن وقت متحد آهي، اسد عمر ٽائيگر فورس جي مقامي تنظيم جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٽائيگر فورس ضلعي انتظاميه سان گڏ ڪم ڪندي. فقط اسلام آباد ۾ 14000 رضاڪار آهن. هن چيو ته ٽائيگر فورس کي ضلعي انتظاميه ذميداريون ڏيندي. يوٽيلٽي اسٽورن جي مانيٽرنگ، فوڊ سيفٽي مانيٽرنگ، رضاڪار ٽيسٽنگ، ٽريڪنگ ۽ ڪورنٽائن ۾ به ٽائيگر فورس انتظاميه سان گڏ ڪم ڪندي. اسد عمر چيو ته ضرورتمند ماڻهن جي معلومات حاصل ڪرڻ ۾ به مدد ملندي
