خاص

ڪالعدم تنظيمن جا بيان نشر نه ڪيا وڃن، چونڊن جي ميڊيا ڪوريج لاءِ پيمرا جون هدايتون جاري

پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) ايندڙ سال 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي لاءِ سڀني ٽي.وي چينلن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. پيمرا طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته هن قسم جي بيانن کي نشر ڪرڻ جي اجازت صرف ان صورت ۾ هوندي جڏهن ان قسم جي تنظيمن جا نظريا، مذهب جو غلط استعمال يا انهن جي بربريت کي بي نقاب ڪرڻو هجي. پيمرا جو چوڻ آهي ته جمهوريت، جمهوري اصولن ۽ چونڊن جي عمل کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ئي پاڪستان جي سڀني شهرين، ادارن ۽ تنظيمن جي قومي ذميداري آهي ته اهي آزاد ۽ شفاف چونڊن جي انعقاد ۾ سهولت فراهم ڪن.