پاڪستان ايئرفورس ٽريننگ ايئربيس تي ڪليئرنس آپريشن مڪمل 9 دهشتگرد ماريا ويا
پاڪستان ايئرفورس ٽريننگ ايئربيس ميانوالي تي دهشتگردن جي حملي جي ڪوشش جنهن کي پاڪ فوج ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ ڪليئرنس آپريشن ۾ هڙئي 9 دهشتگرد ماريا ويا. آئي ايس پي آر جي طرفان بيان جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صبح سوير ميانوالي ٽريننگ ايئربيس تي بزدلاڻي دهشتگرد حملي جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن کي ناڪام ڪيو ويو ۽ اوسي پاسي جي علائقن ۾ ڪنهن به لاحق خطري جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسن طرفان ڪامياب آپريشن ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته الله جو شڪر آهي ته پي اي ايف ٽريننگ ايئربيس ميانوالي تي ڪومبنگ اينڊ ڪليئرنس آپريشن مڪمل ڪري هڙن ئي دهشتگردن کي جهنم رسيد ڪيو ويو آهي. آئي ايس پي آر مطابق حملي دوران پي اي ايف جي ڪارآمد ۽ فعال اثاثن مان ڪنهن کي به ڪو نقصان ناهي پهتو، پر صرف ٽن غير فعال جهازن کي ٿورو نقصان پهچايو ويو آهي.