نيپال ۾ 5.6 شدت جو زلزلو، 132 ماڻهو اجل جو شڪار
نيپال جي هڪ ڏورانهين علائقي ۾ رات جو ايندڙ زلزلي ۾ لڳ ڀڳ 132 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، امدادي ڪارروائين ۾ مدد لاءِ سيڪيورٽي فورسن کي گهرايو ويو آهي. خبر ڏيندڙ اداري “اي ايف پي” جي رپورٽ مطابق 5.6 جي شدت جو هي زلزلو نيپال جي انتهائي اولهه ۾ گذريل رات آيو. آمريڪي جيولوجيڪل سروي مطابق ان جي گهرائي 18 ڪلوميٽر (11 ميل) هئي. زلزلي جا جهٽڪا ڀارت جي گاديءَ واري هنڌ نئين دهليءَ تائين محسوس ڪيا ويا.

