نئون

بجلي تي اڏامندڙ ڪار متعارف

بجلي تي هلندڙ اڏامندڙ ڪار متعارف ڪئي وئي آهي. هيءَ ڪار 62 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان 25 ڪلو ميٽر جو فاصلو طئي ڪري سگهي ٿي. آمريڪا اندر هن ڪار تجرباتي پرواز ۾ سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. هيءَ ڪار گوگل جي شريڪ باني ليري پيج پاران مالي سهائتا سان ايجاد ڪئي وئي آهي. هن ڪار کي ڪاري مک (بليڪ فلاءِ) جو نالو ڏنو ويو آهي. هن جي شڪل کي به مک وانگر ٺاهيو ويو آهي. هيءَ بجلي سان هلندڙ ڪار آهي، جنهن جي قيمت اسپورٽس ڪار برابر رکي وئي آهي. بليڪ فلاءِ نالي هيءَ ڪار 62  ميل جي رفتار سان 25 ڪلو ميٽرن تائين اڏامي سگهي ٿي، هن ۾ صرف هڪ سيٽ آهي، جنهن کي اڏائڻ لاءِ ڊرائيور کي معمولي تربيت به وٺڻ ضروري هوندي. جڏهن ته ڪار اڏائيندڙ کي پائليٽ واري لائسنس جي ضرورت نه هوندي. ٻن پرن واري هن ڪار کي ڪهڙي به سطح تان اڏاري يا لينڊ ڪرائي سگهجي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته هن ڪار کي ايندڙ سال وڪري لاءِ مارڪيٽ ۾ آندو ويندو.